المص (آيت : 1) |
ا-ل-م-ص |
كِتٰبٌ أُنزِلَ إِلَيكَ فَلا يَكُن فى صَدرِكَ حَرَجٌ مِنهُ لِتُنذِرَ بِهِ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو توڏي نازل ڪيو آهي، پوءِ (اي نبي!) نه ٿئي تنهنجي دل ۾ ان لاءِ ڪا هٻڪ، ان کي نازل ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته تون ان سان (منڪرن کي) ڊيڄارين جيئن ايمان وارن کي نصيحت ٿئي. |
اتَّبِعوا ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلا تَتَّبِعوا مِن دونِهِ أَولِياءَ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
پيروي ڪريو ان تي جيڪو توهان تي نازل ڪيو ويو آهي توهان جي رب طرفان، ۽ ٻين جي پيروي نه ڪريو سرپرستن جي پنهنجي رب کي ڇڏي، پر ٿورا ئي آهن جيڪي نصيحت قبول ڪن ٿا. |
وَكَم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها فَجاءَها بَأسُنا بَيٰتًا أَو هُم قائِلونَ (آيت : 4) |
۽ ڪيتريون ئي وستيون هيون جن کي اسان تباهه ڪيو، انهن تي اسان جو عذاب رات جو يا ڏينهن جو اچي ڪڙڪيو جڏهن هو آرام ۾ هئا. |
فَما كانَ دَعوىٰهُم إِذ جاءَهُم بَأسُنا إِلّا أَن قالوا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن اسان جو عذاب انهن تي آيو ته انهن جي زبان تي ان کان سواءِ ٻي ڪا صدا نه هئي ته واقعي اسين ظالم هئاسين. |
فَلَنَسـَٔلَنَّ الَّذينَ أُرسِلَ إِلَيهِم وَلَنَسـَٔلَنَّ المُرسَلينَ (آيت : 6) |
پوءِ ائين ته ضرور ٿيڻو آهي ته اسان انهن کان پڇنداسين ۽ انهن موڪليل پيغمبرن کان (ته انهن کي ڇا جواب مليو؟) |
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيهِم بِعِلمٍ وَما كُنّا غائِبينَ (آيت : 7) |
پوءِ اسان سمورو احوال کين ٻڌائي پڇنداسين ته اسان ڪٿي غائب ته نه هئاسين؟ |
وَالوَزنُ يَومَئِذٍ الحَقُّ فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 8) |
۽ وزن ان ڏينهن عين حق هوندو، پوءِ جن جا پڙ ڳرا ٿيا اهي ئي ماڻهو فائدو ماڻيندا (ڪامياب رهندا). |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَظلِمونَ (آيت : 9) |
۽ جن جا پڙ هلڪا ٿيا پوءِ اهي ئي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ڇيهو رسائڻ وارا هوندا، ڇو ته اهي اسان جي آيتن سان ظالماڻو ورتاءُ ڪندا رهيا. |
وَلَقَد مَكَّنّٰكُم فِى الأَرضِ وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 10) |
اسان توهان کي بااختيار ڪري زمين ۾ رهايو ۽ توهان لاءِ زندگي گذارڻ لاءِ سامان ڏنو، پر ٿورا ئي ماڻهو شڪر ادا ڪندا آهن. |
وَلَقَد خَلَقنٰكُم ثُمَّ صَوَّرنٰكُم ثُمَّ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ لَم يَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 11) |
۽ اسان توهان جي تخليق ڪئي پوءِ توهان کي شڪل ڏني، پوءِ چيوسين ملائڪن کي ته سجدو ڪريو آدم کي، سڀني سجدو ادا ڪيو سواءِ ابليس جي، اهو شامل نه هو سجدي ڪرڻ وارن ۾. |
قالَ ما مَنَعَكَ أَلّا تَسجُدَ إِذ أَمَرتُكَ قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 12) |
(الله) پڇيو، توکي ڪهڙي شيءِ سجدي ڪرڻ کان روڪيو جڏهن ته منهنجو حڪم هو؟ چيائين: آئون ان کان بهتر آهيان، تو مون کي پئدا ڪيو آهي باهه مان ۽ ان کي پئدا ڪيو آهي مٽيءَ مان. |
قالَ فَاهبِط مِنها فَما يَكونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فيها فَاخرُج إِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 13) |
الله فرمايو، چڱو تون لهي وڃ هتان توکي حق نه آهي ته تون هتي ويهي وڏائي ڪرين، نڪري وڃ هتان، حقيقت ۾ تون اهو آهين جيڪي پنهنجي ذلت پاڻ ٿا چاهين. |
قالَ أَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 14) |
چيائين، مون کي مهلت ڏي ان ڏينهن تائين جڏهن سڀ ٻيهر اٿاريا ويندا. |
قالَ إِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 15) |
فرمايو (الله) توکي بيشڪ مهلت آهي. |
قالَ فَبِما أَغوَيتَنى لَأَقعُدَنَّ لَهُم صِرٰطَكَ المُستَقيمَ (آيت : 16) |
چيائين، جيئن تو مون کي مبتلا ڪيو آهي گمراهيءَ ۾، ته آئون گهٽ جهلي ويهندس انهن انسانن جو تنهنجي سڌي راهه جو. |
ثُمَّ لَءاتِيَنَّهُم مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم وَعَن أَيمٰنِهِم وَعَن شَمائِلِهِم وَلا تَجِدُ أَكثَرَهُم شٰكِرينَ (آيت : 17) |
پوءِ آئون انهن کي گهيري ويهندس اڳيان ۽ پويان، ۽ ساڄي ۽ کاٻي (هر طرف کان) کين ورائي ويهندس (اهڙيءَ طرح سان) جو تون انهن مان گهڻن کي شڪر ڪندڙ نه ڏسندين. |
قالَ اخرُج مِنها مَذءومًا مَدحورًا لَمَن تَبِعَكَ مِنهُم لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُم أَجمَعينَ (آيت : 18) |
(الله) فرمايو، نڪري وڃ هتان ذليل ۽ تڙيل، يقين ڄاڻ انهن مان جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا ته ڀري ڇڏيندس جهنم کي تو سان گڏ (انهن) سڀني کي. |
وَيٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ فَكُلا مِن حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
۽ اي آدم! رهو تون ۽ تنهنجي زال ٻئي هن بهشت ۾، ڀلي کائو پيئو جيڪي وڻيوَ هر شيءِ مان، پر ويجها نه وڃجو هن وڻ جي، نه ته ٿي پوندؤ ظالمن مان. |
فَوَسوَسَ لَهُمَا الشَّيطٰنُ لِيُبدِىَ لَهُما ما وۥرِىَ عَنهُما مِن سَوءٰتِهِما وَقالَ ما نَهىٰكُما رَبُّكُما عَن هٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلّا أَن تَكونا مَلَكَينِ أَو تَكونا مِنَ الخٰلِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ وسوسو وڌو (ڀلايو) انهن کي شيطان جيئن ظاهر ڪري سندن اوگهڙون جيڪي انهن کان لڪايون ويون هيون، هن انهن کي چيو: توهان کي روڪيو آهي توهان جي رب هن وڻ کان، ته ان جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ناهي ته متان توهان فرشتا ٿي وڃو، يا توهان کي حياتي حاصل نه ٿي وڃي هتي رهڻ واري. |
وَقاسَمَهُما إِنّى لَكُما لَمِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 21) |
۽ هن کين قسم کڻي چيو ته، بيشڪ آئون توهان جو سچو خيرخواهه آهيان. |
فَدَلّىٰهُما بِغُرورٍ فَلَمّا ذاقَا الشَّجَرَةَ بَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَنادىٰهُما رَبُّهُما أَلَم أَنهَكُما عَن تِلكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُل لَكُما إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُما عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 22) |
اهڙيءَ طرح ڌوڪو ڏئي کين ريهي ريبي ورتو، نيٺ انهن ان وڻ جو مزو چکيو، ۽ سندن اوگهڙون هڪ ٻئي جي سامهون کلي پيون انهن جي آڏو، ۽ هو پنهنجي جسمن کي جنت جي پنن سان ڍڪڻ لڳا، تڏهن کين چيو سندن رب، ڇا مون توهان کي جهليو نه هو هن وڻ کان ۽ چيو نه هو ته يقينًا شيطان توهان جو دشمن آهي پڌرو (ظاهر ظهور)؟ |
قالا رَبَّنا ظَلَمنا أَنفُسَنا وَإِن لَم تَغفِر لَنا وَتَرحَمنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
ٻئي چوڻ لڳا، اسان جا پالڻهار! اسان پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ هاڻي تو جيڪر اسان کي نه بخشيو ۽ اسان تي رحم نه ڪيو ته اسين تباهه ٿي وينداسين. |
قالَ اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 24) |
(الله) فرمايو، هيٺ لهي وڃو توهان هڪ ٻئي جا ويري آهيو، ۽ توهان جي لاءِ خاص زمين تي هڪ مدت لاءِ رهڻ ۽ جياپي جو سامان آهي. |
قالَ فيها تَحيَونَ وَفيها تَموتونَ وَمِنها تُخرَجونَ (آيت : 25) |
فرمايو، اتي ئي توهان کي جيئڻو ۽ اتي ئي توهان کي مرڻو آهي ۽ اتان ئي توهان کي آخرڪار ڪڍيو ويندو. |
يٰبَنى ءادَمَ قَد أَنزَلنا عَلَيكُم لِباسًا يُوٰرى سَوءٰتِكُم وَريشًا وَلِباسُ التَّقوىٰ ذٰلِكَ خَيرٌ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 26) |
اي آدم جا اولاد! اسان توهان تي لباس نازل ڪيو آهي ته توهان جي جسم جا لڄ وارا حصا ڍڪي ۽ توهان جي حفاظت ۽ سونهن جو سبب ٿئي، تقويٰ جو لباس ڀلو آهي، هي الله جي نشانين مان هڪ نشاني آهي من ماڻهو سبق وٺن. |
يٰبَنى ءادَمَ لا يَفتِنَنَّكُمُ الشَّيطٰنُ كَما أَخرَجَ أَبَوَيكُم مِنَ الجَنَّةِ يَنزِعُ عَنهُما لِباسَهُما لِيُرِيَهُما سَوءٰتِهِما إِنَّهُ يَرىٰكُم هُوَ وَقَبيلُهُ مِن حَيثُ لا تَرَونَهُم إِنّا جَعَلنَا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 27) |
اي آدم جا اولاد! ائين نه ٿئي جو وري فتني ۾ وجهي توهان کي شيطان، جيئن هن ڪڍرايو هو توهان جي ماءُ پيءُ کي جنت مان ۽ سندن لهرائي ڇڏيو هو لباس ۽ سندن اوگهڙون هڪ ٻئي تي ظاهر ڪيون، هو ۽ ان جا قبيلي وارا توهان کي اهڙي هنڌان ڏسن ٿا جتان توهان انهن کي ڏسي نٿا سگهو، بيشڪ اسان بڻايو آهي انهن شيطانن کي ماڻهن جو سرپرست جيڪي ايمان نٿا رکن. |
وَإِذا فَعَلوا فٰحِشَةً قالوا وَجَدنا عَلَيها ءاباءَنا وَاللَّهُ أَمَرَنا بِها قُل إِنَّ اللَّهَ لا يَأمُرُ بِالفَحشاءِ أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ اهي ماڻهو جڏهن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا، اسان ڏٺو آهي انهيءَ تي پنهنجن ابن ڏاڏن کي، ۽ الله ئي اسان کي حڪم ڏنو آهي ائين ڪرڻ جو. انهن کي چؤ ته بيشڪ الله ڪڏهن به حڪم نه ڏيندو آهي بي حيائيءَ جو، ڇا اهڙيون ڳالهيون ڪريو ٿا الله لاءِ، جن جي توهان کي ڪا ڄاڻ ناهي ته اهي الله طرفان آهن. |
قُل أَمَرَ رَبّى بِالقِسطِ وَأَقيموا وُجوهَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ كَما بَدَأَكُم تَعودونَ (آيت : 29) |
اي نبي! چؤ انهن کي ته منهنجي رب ته سچ ۽ انصاف جو حڪم ڏنو آهي ۽ حڪم ڏنو آهي هر عبادت ۾ پنهنجو رخ ٺيڪ رکو ۽ ان کي ئي سڏيو ۽ پنهنجي ئي خلوص کي پنهنجي دين لاءِ وقف ڪريو، جيئن هن توهان کي هاڻي پئدا ڪيو آهي، تيئن توهان وري پئدا ڪيا ويندؤ. |
فَريقًا هَدىٰ وَفَريقًا حَقَّ عَلَيهِمُ الضَّلٰلَةُ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ مِن دونِ اللَّهِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 30) |
هڪ ٽولي کي ته ان سڌو رستو ڏيکاريو آهي حق وارو پر ٻئي ٽولي تي گمراهي لاڳو ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن شيطان کي پنهنجو سرپرست بڻائي رکيو آهي الله جي بدران ۽ سمجهن پيا ته اسان سڌي رستي تي آهيون. |
يٰبَنى ءادَمَ خُذوا زينَتَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَكُلوا وَاشرَبوا وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
اي بني آدم! سدا سينگاريل رهو هر عبادت جي موقعي تي زينت ۾ رهو، ۽ کائو ۽ پيئو پر حد کان نه وڌو، بيشڪ اهو (الله) پسند نٿو ڪري حد کان وڌڻ وارن کي. |
قُل مَن حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتى أَخرَجَ لِعِبادِهِ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزقِ قُل هِىَ لِلَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا خالِصَةً يَومَ القِيٰمَةِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 32) |
اي نبي! انهن کي چؤ ڪنهن حرام ڪيو الله جي ان زينت کي، جنهن کي (الله) پنهنجن ٻانهن جي لاءِ پئدا ڪيو هو، ۽ ڪنهن (الله جون) عطا ڪيل پاڪ شيون حرام ڪيون؟ چؤ، اهي سڀ شيون ايمان آڻڻ وارن جي لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ به انهن لاءِ آهن خاص طور تي قيامت جي ڏينهن ته آهن ئي انهن لاءِ، اهڙيءَ طرح کولي بيان ڪريون ٿا پنهنجون ڳالهيون انهن لاءِ جيڪي علم رکن ٿا. |
قُل إِنَّما حَرَّمَ رَبِّىَ الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَالإِثمَ وَالبَغىَ بِغَيرِ الحَقِّ وَأَن تُشرِكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 33) |
اي نبي! انهن کي چؤ، حرام ڪيون آهن منهنجي رب جيڪي شيون، اهي آهن بي شرميءَ جا ڪم، پوءِ ڀلي ظاهر هجن يا لڪل، ۽ گناهه ۽ هي ته ڪنهن سان به حق جي خلاف زيادتي نه ڪريو ۽ شريڪ نه ڪريو توهان الله سان، جنهن جي هن ڪابه سَند نازل نه ڪئي آهي ۽ هي ته ڪا اهڙي ڳالهه ٺاهيو الله تي، جنهن جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ نٿا رکو (ته واقعي ان فرمائي آهي). |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَأخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 34) |
۽ هر قوم جي لاءِ مهلت جي مدت مقرر آهي، پوءِ جڏهن ڪنهن قوم جي مدت اچي پوري ٿئي ٿي ته اها اڳ پوءِ نٿي ٿئي (اها ڳالهه الله تخليق وقت صاف فرمائي هئي). |
يٰبَنى ءادَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 35) |
اي بني آدم! ياد رکو ته توهان مان جيڪڏهن اهڙا رسول اچن، جيڪي توهان کي منهنجون آيتون ٻڌائي رهيا هجن، ته پوءِ جيڪو به نافرماني کان بچندو ۽ پاڻ سڌاريندو، تنهن لاءِ ڪوبه خوف ۽ نه وري ڪو رنج هوندو. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 36) |
۽ جيڪي ماڻهو ڪوڙو چوندا اسان جي آيتن کي ۽ انهن جي مقابلي ۾ سرڪشي ڪندا ته اهي بَک ٿيندا باهه جو، جتي هو هميشه رهندا. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ أُولٰئِكَ يَنالُهُم نَصيبُهُم مِنَ الكِتٰبِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُم رُسُلُنا يَتَوَفَّونَهُم قالوا أَينَ ما كُنتُم تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 37) |
ظاهر آهي ان کان وڏو ظالم ٻيو ڪير ٿيندو جيڪو بلڪل ڪوڙيون ڳالهيون الله تي گهڙي ۽ سچين آيتن کي ڪوڙو چوي، اهي ئي ماڻهو قسمت جي لکڻي مطابق پنهنجو حصو حاصل ڪندا، تان جو اها مهل ايندي جڏهن اسان جا موڪليل ملائڪ سندن روح قبض ڪرڻ لاءِ پهچندا ان وقت کانئن پڇندا ته، ڪٿي آهن توهان جا اهي معبود جن کي الله جي بدران سڏيندا هئا؟ هو چوندا ته، سڀئي اسان کان گم ٿي ويا، ۽ شاهدي ڏيندا پاڻ تي، ته سچ پچ اسان حق جا منڪر هئاسين. |
قالَ ادخُلوا فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِكُم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ فِى النّارِ كُلَّما دَخَلَت أُمَّةٌ لَعَنَت أُختَها حَتّىٰ إِذَا ادّارَكوا فيها جَميعًا قالَت أُخرىٰهُم لِأولىٰهُم رَبَّنا هٰؤُلاءِ أَضَلّونا فَـٔاتِهِم عَذابًا ضِعفًا مِنَ النّارِ قالَ لِكُلٍّ ضِعفٌ وَلٰكِن لا تَعلَمونَ (آيت : 38) |
الله فرمائيندو، وڃو توهان به انهيءَ جهنم ۾ هليا وڃو جنهن ۾ توهان کان اڳ گذريل جنن ۽ انسانن جا ٽولا وڃي چڪا آهن باهه ۾، هر ٽولو جهنم ۾ گهڙندو ته پاڻ کان اڳ گذريل ٽولي تي لعنت وجهندي داخل ٿيندو، جڏهن سڀ ٽولا اتي گڏ ٿي ويندا ته هرڪو پويون ٽولو چوندو اڳئين ٽولي لاءِ ته، ”اي اسان جا پالڻهار! اهي ئي ماڻهو هئا جن اسان کي گمراهه ڪيو، ان ڪري انهن کي عذاب ٻيڻو ڪري ڏي باهه جو“، جواب ۾ ارشاد ٿيندو، ”هر ڪنهن جي لاءِ ٻيڻو عذاب آهي پر توهان نٿا ڄاڻو.“ |
وَقالَت أولىٰهُم لِأُخرىٰهُم فَما كانَ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 39) |
۽ انهن مان پهريون ٽولو چوندو ٻئي ٽولي کي ته (جيڪڏهن اسان ڏوهي هئاسين) ته توهان کي اسان تي ڪهڙي فضيلت حاصل هئي، هاڻي چکو عذاب جو مزو پنهنجي ڪمائيءَ جي بدلي ۾. |
إِنَّ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها لا تُفَتَّحُ لَهُم أَبوٰبُ السَّماءِ وَلا يَدخُلونَ الجَنَّةَ حَتّىٰ يَلِجَ الجَمَلُ فى سَمِّ الخِياطِ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُجرِمينَ (آيت : 40) |
(پڪ ڄاڻو) جن ماڻهن ڪوڙو چيو آهي اسان جي آيتن کي ۽ انهن جي مقابلي ۾ سرڪشي ڪئي آهي ته ڪڏهن به نه کوليا ويندا انهن جي لاءِ دروازا آسمان جا ۽ انهن جو داخل ٿيڻ ناممڪن هوندو بهشت ۾، جيترو لنگهڻ اٺ جو سئي جي پاکي منجهان، ۽ اهڙو ئي ملندو بدلو اسان وٽان مجرمن کي. |
لَهُم مِن جَهَنَّمَ مِهادٌ وَمِن فَوقِهِم غَواشٍ وَكَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
انهن جي لاءِ جهنم جو وڇاڻو هوندو ته مٿانئن اوڇڻ به جهنم جو هوندو، ۽ هي آهي اها ئي سزا جيڪا اسان ظالمن کي ڏيندا آهيون. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 42) |
(ان جي بدران) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي مڃيو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهيءَ ڏس ۾ اسان هرهڪ کي سندن وت آهر ذميوار ڪندا آهيون، اهي ئي بهشتي آهن، جتي هو هميشه رهندا. |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى هَدىٰنا لِهٰذا وَما كُنّا لِنَهتَدِىَ لَولا أَن هَدىٰنَا اللَّهُ لَقَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ وَنودوا أَن تِلكُمُ الجَنَّةُ أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
۽ انهن وٽ جيڪا ڪدورت هوندي هڪ ٻئي خلاف سندن دلين ۾، ان کي اسان ڪڍي ڇڏينداسين، سندن هيٺان وهنديون پيون نهرون، ۽ اهي چوندا، سڀ تعريف الله کي ئي جڳائي جنهن اسان کي هي رستو ڏيکاريو ۽ اسان پاڻ ته ڪڏهن اهو رستو لهي نه سگهون ها. جيڪڏهن الله اسان جي رهنمائي نه ڪري ها، اسان ڏي موڪليل رسول رب طرفان بلاشڪ حق کڻي آيا هئا، ۽ ان وقت آواز ايندو، هي بهشت جنهن جا وارث بڻايا ويا آهيو، توهان کي انهن عملن جي عيوض مليو آهي، جيڪي توهان ڪندا رهيا آهيو. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبَ النّارِ أَن قَد وَجَدنا ما وَعَدَنا رَبُّنا حَقًّا فَهَل وَجَدتُم ما وَعَدَ رَبُّكُم حَقًّا قالوا نَعَم فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَينَهُم أَن لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ اهي بهشت وارا سڏي چوندا دوزخ وارن کي، اسان ته انهن رب جي سڀني ڪيل وعدن کي سچو ڏٺو جيڪي هن اسان سان ڪيا هئا، ڇا توهان به سچو ڏٺو رب جي انهن وعدن کي جيڪي هن توهان سان ڪيا هئا؟ اهي جواب ڏيندا، هائو. پوءِ انهن مان هڪ آواز ڏيندڙ آواز ڏيندو ته، لعنت آهي الله جي انهن ظالمن مٿان. |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ كٰفِرونَ (آيت : 45) |
جيڪي روڪيندا هئا ماڻهن کي الله جي رستي کان ۽ انهن کي ڏنگو ڪرڻ گهرندا هئا ۽ اهي ئي آخرت جا منڪر هئا. |
وَبَينَهُما حِجابٌ وَعَلَى الأَعرافِ رِجالٌ يَعرِفونَ كُلًّا بِسيمىٰهُم وَنادَوا أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن سَلٰمٌ عَلَيكُم لَم يَدخُلوها وَهُم يَطمَعونَ (آيت : 46) |
۽ انهن ٻنهي ٽولن جي وچ ۾ هڪ اوٽ هوندي، جنهن جي اوچائين (اعراف) تي ڪي ٻيا ماڻهو هوندا جيڪي سڃاڻيندا ان جي نشانيءَ مان ۽ آواز ڏئي چوندا بهشت وارن کي، سلامتي هجي توهان تي. هي ماڻهو بهشت ۾ داخل ته نه ٿيا، پر اهي ان جا اميدوار هوندا. |
وَإِذا صُرِفَت أَبصٰرُهُم تِلقاءَ أَصحٰبِ النّارِ قالوا رَبَّنا لا تَجعَلنا مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
۽ جڏهن انهن جون نگاهون ڦرنديون دوزخين ڏانهن، ته چوندا، اي اسان جا پالڻهار! نه ڪجانءِ اسان کي شامل هنن ظالم ماڻهن ۾. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الأَعرافِ رِجالًا يَعرِفونَهُم بِسيمىٰهُم قالوا ما أَغنىٰ عَنكُم جَمعُكُم وَما كُنتُم تَستَكبِرونَ (آيت : 48) |
وري اهي آواز ڏيندا اعراف وارا دوزخ جي ڪن وڏين شخصيتن کي سندن نشانين مان سڃاڻي ته، ڏٺوَ اڄ توهان جا جٿا توهان کي ڪم نه آيا ۽ (نه) سڄو ساز و سامان جنهن تي توهان کي وڏو هَٺ هو. |
أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَمتُم لا يَنالُهُمُ اللَّهُ بِرَحمَةٍ ادخُلُوا الجَنَّةَ لا خَوفٌ عَلَيكُم وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 49) |
ڇا هي بهشت وارا اهي ماڻهو ناهن جن لاءِ قسم کڻي چوندا هئا ته الله کين ڪجهه نه ڏيندو پنهنجي رحمت مان؟ اڄ انهن کي ئي چيو ويو ته داخل ٿيو جنت ۾ جتي توهان جي لاءِ نه خوف آهي ۽ نه غم. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ النّارِ أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن أَفيضوا عَلَينا مِنَ الماءِ أَو مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُما عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ سڏي چوندا دوزخ وارا بهشت وارن کي ته، ٿورو اسان تي به وجهو پاڻي يا جيڪو ڏنو آهي توهان کي رزق الله، ان مان ڪجهه اڇليو. هو چوندا ته، بيشڪ الله حرام ڪيون آهن اهي ٻئي شيون حق جي منڪرن تي. |
الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَهوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ نَنسىٰهُم كَما نَسوا لِقاءَ يَومِهِم هٰذا وَما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 51) |
جن بڻايو هو پنهنجي دين کي کيل ۽ تماشو، ۽ جن کي فريب ۾ ڦاسايو هو دنيا جي حياتي. الله فرمائي ٿو ته، اڄ اسان به انهن کي اهڙيءَ طرح وسارينداسين جهڙيءَ طرح هن ڏينهن جي ملاقات کي هنن وساريو هو ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا. |
وَلَقَد جِئنٰهُم بِكِتٰبٍ فَصَّلنٰهُ عَلىٰ عِلمٍ هُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
اسان انهن ماڻهن وٽ اهڙو ڪتاب آندو آهي جنهن کي اسان علم جي بنياد تي مفصل بڻايو آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ايمان وارن جي لاءِ. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا تَأويلَهُ يَومَ يَأتى تَأويلُهُ يَقولُ الَّذينَ نَسوهُ مِن قَبلُ قَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ فَهَل لَنا مِن شُفَعاءَ فَيَشفَعوا لَنا أَو نُرَدُّ فَنَعمَلَ غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ قَد خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 53) |
هاڻي ڇا هي ماڻهو انتظار ۾ آهن ڪنهن ٻيءَ ڳالهه لاءِ ته اهو نتيجو آڏو اچي، جنهن جي خبر هي ڪتاب ڏئي پيو؟ (جڏهن اهو نتيجو آڏو ايندو ته نظر انداز ڪندڙ) اهو چوندا، سچ پچ ته اسان جي رب جا رسول حق کڻي آيا هئا، پوءِ ڇا اسان کي ڪي سفارشي ملندا، جيڪي اسان جي حق ۾ سفارش ڪن؟ يا وري اسان کي ٻيهر واپس موڪليو وڃي ته جيڪي ڪجهه اسين پهرين ڪندا هئاسين، ٻيءَ طرح ڪريون. پوءِ انهن ڇيهي ۾ وڌو پاڻ کي ۽ اهي سمورا ڪوڙ جيڪي انهن ٺاهيا هئا، اهي اڄ کانئن گم ٿي ويا. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ يَطلُبُهُ حَثيثًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومَ مُسَخَّرٰتٍ بِأَمرِهِ أَلا لَهُ الخَلقُ وَالأَمرُ تَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 54) |
حقيقت ۾ توهان جو رب الله ئي آهي جنهن پئدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾، پوءِ پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي جلوه فرما ٿيو، جيڪو ڍڪي ٿو رات سان ڏينهن کي ۽ پوءِ ڏينهن رات پٺيان ڊوڙندو اچي ٿو. جنهن سج ۽ چنڊ ۽ تارا پئدا ڪيا سڀ تابع آهن سندس فرمان جا. خبردار! انهيءَ جي خلق آهي ۽ حڪم به انهيءَ جو، برڪت وارو الله، سڀني جهانن جو مالڪ ۽ پاليندڙ آهي. |
ادعوا رَبَّكُم تَضَرُّعًا وَخُفيَةً إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 55) |
سڏيو پنهنجي رب کي نيزاريءَ سان ماٺ ميٺ ۾ ۽ لڪل، بيشڪ اهو پسند نٿو ڪري حد کان لنگهندڙن کي. |
وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها وَادعوهُ خَوفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحمَتَ اللَّهِ قَريبٌ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ فساد برپا نه ڪريو زمين ۾ جڏهن ان جي اصلاح ٿي چڪي آهي ۽ خدا کي ئي سڏيو خوف ۽ طمع سان، بيشڪ الله جي رحمت ويجهي آهي نيڪ ڪردار ماڻهن جي لاءِ. |
وَهُوَ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ حَتّىٰ إِذا أَقَلَّت سَحابًا ثِقالًا سُقنٰهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنزَلنا بِهِ الماءَ فَأَخرَجنا بِهِ مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ كَذٰلِكَ نُخرِجُ المَوتىٰ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 57) |
۽ الله ئي آهي جيڪو موڪليندو آهي هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ اڳيان پنهنجي رحمت جي، پوءِ جڏهن اهي کڻن ٿيون پاڻي سان ڀريل ڪڪرن کي، کين ڪنهن مئل زمين ڏانهن حرڪت ڏئي ٿو، ۽ وسائي ٿو اتي مينهن (انهيءَ مئل زمين مان) هر قسم جا پئدا ڪري ٿو ميوا، پوءِ ڏسو! اهڙيءَ طرح اسان ڪڍون ٿا مئلن کي موت جي حالت مان، ته من انهيءَ مشاهدي مان سبق وٺو. |
وَالبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخرُجُ نَباتُهُ بِإِذنِ رَبِّهِ وَالَّذى خَبُثَ لا يَخرُجُ إِلّا نَكِدًا كَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَشكُرونَ (آيت : 58) |
۽ جيڪا زمين ڀلي آهي ان جو فصل به ڀلو نڪرندو آهي الله جي حڪم سان، ۽ جيڪا زمين خراب هوندي آهي تنهن مان خراب پئداوار کان سواءِ ڪجهه نٿو ملي، اهڙيءَ طرح اسان پيش ڪريون ٿا وري وري نشانين کي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي شڪر ڪندڙ آهن. |
لَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 59) |
اسان موڪليو نوحؑ کي سندس قوم ڏي، چيائين: اي منهنجي قوم! بندگي ڪريو الله جي، جنهن کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه الله ڪونهي، آئون ڊڄان ٿو توهان جي باري ۾ ڀوائتي ڏينهن جي عذاب کا. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 60) |
جواب ۾ چيو سردارن سندس قوم جي اسان کي ائين نظر ٿو اچي ته تون ڀليل آهين پڌري پٽ. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى ضَلٰلَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 61) |
نوحؑ چيو، اي منهنجي قوم! آئون ڪنهن به گمراهيءَ ۾ پيل نه آهيان، پر آئون ته رسول آهيان رب العالمين جي طرفان. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنصَحُ لَكُم وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 62) |
پيغام پهچايان ٿو توهان کي پنهنجي رب جا، توهان جو خيرخواهه آهيان ۽ مون کي اهو ڪجهه معلوم آهي الله جي طرفان جنهن کان توهان لاعلم آهيو. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَلِتَتَّقوا وَلَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 63) |
ڇا توهان کي انهيءَ ڳالهه تي حيرت آهي ته توهان وٽ يادگيري جي لاءِ توهان جي رب توهان جي قوم مان هڪ ماڻهو توهان کي خبردار ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ته غلط هلت کان بچو جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي. |
فَكَذَّبوهُ فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ فِى الفُلكِ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومًا عَمينَ (آيت : 64) |
پر انهن کيس ڪوڙو چيو نيٺ اسان کيس ۽ سندس ساٿين کي هڪ ٻيڙيءَ ۾ بچائي ورتو، ۽ ٻوڙي ڇڏيوسين انهن ماڻهن کي جن ڪوڙو چيو هو اسان جي آيتن کي، يقينًا اهي ماڻهو انڌا (بلڪل) نابين هئا. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 65) |
۽ موڪليوسين عاد (وارن ڏي) سندن ڀاءُ هود کي، چيائين: اي منهنجي قوم! بندگي ڪريو الله جي ان بنا توهان جو ڪوبه خدا نه آهي، پوءِ توهان براين کان پرهيز نه ڪندؤ؟ |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى سَفاهَةٍ وَإِنّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 66) |
جواب ۾ چيو سندس قومي سردارن جيڪي سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪاري هئا، اسان ڏسون ٿا توکي بي عقلائيءَ ۾ ڦاٿل، ۽ اسان جو گمان آهي ته تون ڪوڙو آهين. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى سَفاهَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 67) |
ان چيو، اي منهنجي قوم! آئون بي عقلائي ۾ ڦاٿل نه آهيان ۽ آئون ته رسول آهيان رب العالمين جي طرفان. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنا۠ لَكُم ناصِحٌ أَمينٌ (آيت : 68) |
توهان کي پيغام پهچايان ٿو پنهنجي رب جا ۽ آئون توهان جو اهڙو خيرخواهه آهيان جو ان تي ويساهه ڪجي ٿو. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ قَومِ نوحٍ وَزادَكُم فِى الخَلقِ بَصۜطَةً فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 69) |
ڇا توهان کي ان ڳالهه تي حيرت آهي جو توهان وٽ خود پنهنجي رب وٽان هڪ ماڻهو جي ذريعي يادگيري آئي آهي جيئن خبردار ڪري توهان کي؟ ۽ توهان اها ڳالهه نه وساريو ته توهان جي رب نوحؑ جي قوم کان پوءِ توهان کي ان جو جانشين بنايو خوب طاقتور، سو ياد رکو الله جي ڪرشمن کي، اميد ته توهان ڪاميابي ماڻيندؤ. |
قالوا أَجِئتَنا لِنَعبُدَ اللَّهَ وَحدَهُ وَنَذَرَ ما كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 70) |
انهن جواب ڏنو، ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته الله واحد جي عبادت ڪريون ۽ انهن کي ڇڏي ڏيون جن جي عبادت اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا رهيا؟ چڱو ته پوءِ آڻ اهو عذاب جنهن جي تون اسان کي ڌمڪي ٿو ڏين، جيڪڏهن تون سچو آهين. |
قالَ قَد وَقَعَ عَلَيكُم مِن رَبِّكُم رِجسٌ وَغَضَبٌ أَتُجٰدِلونَنى فى أَسماءٍ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما نَزَّلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 71) |
هن چيو ته، توهان تي ڦٽڪار پئجي وئي رب جي ۽ مڙهجي ويو قهر توهان تي، ڇا توهان مون سان جهڳڙو ڪريو ٿا، انهن نالن جو جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن ۽ جن جي لاءِ الله ڪابه سَنَد نازل نه ڪئي آهي؟ چڱو توهان انتظار ڪريو آئون توهان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو. |
فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَقَطَعنا دابِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَما كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 72) |
آخر اسان بچائي ورتو هودؑ ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي مهربانيءَ سان، ۽ پاڙ پٽي ڇڏي انهن ماڻهن جي، جن ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي، ۽ اهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
۽ موڪليوسين ثمود ڏانهن سندن ڀاءُ صالحؑ کي. ان چيو، اي منهنجا قومي ڀائرؤ! بندگي ڪريو الله جي، ان کان سواءِ توهان جو ڪو ٻيو خدا نه آهي، توهان وٽ توهان جي رب جو پڌرو دليل اچي ويو آهي، هيءَ ڏاچي الله جي توهان جي لاءِ نشاني آهي، تنهنڪري ان کي ڇڏي ڏيو، ته الله جي زمين ۾ چرندي وتي، ان کي ڪنهن بري ارادي سان هٿ نه لائجو، نه ته توهان کي پڪڙيندو دردناڪ عذاب. |
وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ عادٍ وَبَوَّأَكُم فِى الأَرضِ تَتَّخِذونَ مِن سُهولِها قُصورًا وَتَنحِتونَ الجِبالَ بُيوتًا فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 74) |
ياد ڪريو اهو وقت جڏهن توهان کي جانشين بنايو ويو (الله طرفان) عاد جي قوم کان پوءِ، ۽ توهان کي زمين ۾ اهو موقعو عطا ڪيو ويو جو اڄ توهان ان جي ميداني علائقن ۾ محلات اڏيو ٿا ۽ جبلن کي ٽُڪي گهر بڻايو ٿا، پوءِ ياد ڪريو ان جي قدرتي ڪرشمن کي ۽ غافل نه رهو ۽ نه برپا ڪريو زمين ۾ فساد. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لِلَّذينَ استُضعِفوا لِمَن ءامَنَ مِنهُم أَتَعلَمونَ أَنَّ صٰلِحًا مُرسَلٌ مِن رَبِّهِ قالوا إِنّا بِما أُرسِلَ بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 75) |
ان قوم جي سردارن جيڪي وڏائيءَ ۾ ڀريل هئا، انهن ماڻهن جي هيڻي طبقي کي جن ايمان آندو هو چيو ته، ڇا توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته صالحؑ پنهنجي رب جو پيغمبر آهي؟ انهن جواب ڏنو، بيشڪ جنهن پيغام سان هو موڪليو ويو آهي ان کي اسين مڃون ٿا. |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا بِالَّذى ءامَنتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 76) |
چيو انهن دعويدارن وڏائيءَ مان، توهان جنهن شيءِ کي مڃو ٿا، اسان ان جا منڪر آهيون. |
فَعَقَرُوا النّاقَةَ وَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم وَقالوا يٰصٰلِحُ ائتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 77) |
پوءِ انهن ڏاچيءَ کي ماري وڌو ۽ پوري سرڪشيءَ سان پنهنجي رب جي حڪم خلاف ويا، ۽ چيائون صالحؑ کي، آڻ اهو (عذاب) تون جنهن جي ڌمڪي ٿو ڏين اسان کي، جيڪڏهن تون واقعي رسولن مان آهين. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 78) |
پوءِ انهن کي اچي ورتو هڪ ڏڪائيندڙ آفت جا مٿن ڪڙڪي ۽ اهي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسالَةَ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم وَلٰكِن لا تُحِبّونَ النّٰصِحينَ (آيت : 79) |
(۽ صالحؑ ) ائين چوندو سندن وستين مان نڪري ويو ته، اي منهنجي قوم! مون پهچايو پنهنجي رب جو پيغام توهان کي ۽ تنهنجي وڏي خيرخواهي ڪئي، پر آئون ڇا ڪريان توکي پسند ناهن تنهنجا خيرخواهه. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
۽ لوطؑ کي اسان موڪليوسين نبي ڪري (پوءِ ياد ڪريو) جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو، ڇا توهان اهڙا بي حيا ٿي ويا آهيو، جو اهڙا بڇڙا ڪم ڪريو ٿا، جيڪي توهان کان پهرين نه ڪيا ويا هئا؟ |
إِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 81) |
بيشڪ توهان مردن سان پنهنجي شهوت (خواهش) پوري ڪريو ٿا عورتن کي ڇڏي، اها حقيقت آهي ته توهان حد لنگهي وڃڻ وارا ماڻهو آهيو. |
وَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوهُم مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 82) |
پر ان کان سواءِ سندس قوم جو جواب ٻيو ڪونه هو ته، چيائون: ڪڍو انهن ماڻهن کي پنهنجي ڳوٺن مان، جيڪي وڏا پاڪباز ٿا بڻجن. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 83) |
پوءِ اسان بچايوسين (لوطؑ ) ۽ سندس گهر وارن کي سواءِ سندس زال جي، جيڪا پوئتي رهڻ وارن مان هئي. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 84) |
۽ وسايوسين انهن تي هڪ (وڏو) مينهن، پوءِ ڏسو ته ڇا ٿي پڇاڙي انهن مجرمن جي. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم فَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 85) |
۽ موڪليوسين مَدين وارن ڏي سندن ڀاءُ شعيبؑ کي، چيائين اي منهنجي قوم! بندگي ڪريو الله جي ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه خدا نه آهي، توهان وٽ اچي وئي آهي چٽي رهنمائي توهان جي رب وٽان، تنهن ڪري ماپ ۽ تور پوري ڪريو ۽ گهٽ نه ڏيو ماڻهن کي سندن شيون، ۽ برپا نه ڪريو فساد زمين ۾ جڏهن ته ان جي اصلاح ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ ئي ڀلائي آهي توهان جي لاءِ، جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو. |
وَلا تَقعُدوا بِكُلِّ صِرٰطٍ توعِدونَ وَتَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِهِ وَتَبغونَها عِوَجًا وَاذكُروا إِذ كُنتُم قَليلًا فَكَثَّرَكُم وَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 86) |
۽ نه ويهو رهزن بنجي زندگيءَ جي هر راهه تي جو ڊيڄاريندا رهو ٿا ماڻهن کي ۽ روڪيندا رهو الله جي راهه کان ايمان وارن کي ۽ سڌي راهه کي به ڏنگو بڻايو ٿا. ۽ ياد ڪريو اهو زمانو جڏهن توهان ٿورا هئا، پوءِ (الله) توهان کي وڌايو ۽ اکيون کولي ڏسو ته (دنيا ۾) پڄاڻي ڪيئن ٿي فسادين جي. |
وَإِن كانَ طائِفَةٌ مِنكُم ءامَنوا بِالَّذى أُرسِلتُ بِهِ وَطائِفَةٌ لَم يُؤمِنوا فَاصبِروا حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ بَينَنا وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 87) |
۽ جيڪڏهن هڪ ٽولو توهان مان ايمان آڻي ٿو ان تعليم تي جيڪا مون آندي آهي ۽ ٻيو ٽولو ايمان نٿو آڻي ته پوءِ صبر سان ڏسندا رهو، جيستائين فيصلو ڪري الله اسان جي وچ ۾، ۽ اهو ئي آهي سٺي فيصلي ڪرڻ وارو حاڪم. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لَنُخرِجَنَّكَ يٰشُعَيبُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَكَ مِن قَريَتِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا قالَ أَوَلَو كُنّا كٰرِهينَ (آيت : 88) |
چيو سردارن جيڪي هٺ ۾ پيل هئا سندس قوم جي ته، اسان توکي ڪڍنداسون اي شعيب! انهن ماڻهن سان گڏ جن ايمان آندو آهي، پنهنجي ڳوٺ مان، نه ته توهان کي واپس اچڻو پوندو پنهنجي ملت ۾. شعيب چيو، ڇا زبردستي اسان کي ڦيرايو ويندو ڀلي اسان راضي نه هجون؟ |
قَدِ افتَرَينا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِن عُدنا فى مِلَّتِكُم بَعدَ إِذ نَجّىٰنَا اللَّهُ مِنها وَما يَكونُ لَنا أَن نَعودَ فيها إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّنا وَسِعَ رَبُّنا كُلَّ شَيءٍ عِلمًا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنَا افتَح بَينَنا وَبَينَ قَومِنا بِالحَقِّ وَأَنتَ خَيرُ الفٰتِحينَ (آيت : 89) |
پوءِ ته اسان الله تي ڪوڙ ٺاهڻ وارا هونداسين جيڪڏهن توهان جي ملت ۾ موٽي اچون، جڏهن ته نجات ڏئي چڪو آهي الله انهيءَ مان، هاڻي ته اسان لاءِ ان طرف موٽڻ ڪنهن به طرح ممڪن نه آهي. ها، جي الله اهو پاڻ گهري اسان جو رب. حاوي آهي اسان جو رب علم جي هر شيءِ تي، اسان ئي الله تي ڀروسو ڪيو آهي. اسان جا رب! اسان ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ تون بهتر فيصلو ڪندڙ آهين. |
وَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ لَئِنِ اتَّبَعتُم شُعَيبًا إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 90) |
۽ چيو انهن سردارن جيڪي اها ڳالهه مڃڻ کان انڪاري هئا پاڻ ۾ قوم جي ته، جي توهان پيروي ڪئي شعيبؑ جي ته يقينًا تباهه ٿي ويندؤ. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 91) |
پوءِ ٿيو ائين جو هڪ دل ڏاريندڙ آفت اچي کين پڪڙيو ۽ اهي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيل رهجي ويا. |
الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كَأَن لَم يَغنَوا فيهَا الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كانوا هُمُ الخٰسِرينَ (آيت : 92) |
جن ماڻهن به ڪوڙو چيو شعيب کي، اهي ائين ختم ٿي ويا ڄڻ ته اهي اتي رهيا ئي ڪونه هئا. جن ماڻهن ڪوڙو چيو شعيبؑ کي نيٺ اهي تباهه ٿي ويا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم فَكَيفَ ءاسىٰ عَلىٰ قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 93) |
۽ ائين چوندي انهن کي شعيبؑ ڳوٺ مان نڪري ويو ته اي منهنجا قومي ڀائرو! مون پنهنجي رب جا پيغام پهچايا توهان کي، ۽ خير جو حق ادا ڪيو، هاڻي ان قوم تي ڇا افسوس ڪجي جا خوود انڪاري آهي. |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَبِىٍّ إِلّا أَخَذنا أَهلَها بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَضَّرَّعونَ (آيت : 94) |
۽ ڪڏهن ائين نه ٿيو جو اسان موڪليو هجي ڪنهن وستيءَ ۾ نبيءَ کي، ۽ ان وستيءَ جي ماڻهن کي پهرين تنگي ۽ سختيءَ ۾ مبتلا نه ڪيو هجي، ته مَن اهي عاجزي اختيار ڪن. |
ثُمَّ بَدَّلنا مَكانَ السَّيِّئَةِ الحَسَنَةَ حَتّىٰ عَفَوا وَقالوا قَد مَسَّ ءاباءَنَا الضَّرّاءُ وَالسَّرّاءُ فَأَخَذنٰهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 95) |
وري اسان بدلايو انهن جي بدحالي کي خوشحالي ۾، ايتري تائين جو هو وڌيا ويجهيا ۽ چوڻ لڳا، ته اسان جي وڏن تي به چڱا ۽ مٺا ڏينهن ايندا رهيا آهن، پوءِ اسان پڪڙيو انهن کي اوچتو ئي ۽ انهن کي پتو ئي نه پيو. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ القُرىٰ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَفَتَحنا عَلَيهِم بَرَكٰتٍ مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ وَلٰكِن كَذَّبوا فَأَخَذنٰهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 96) |
جي انهن وستين وارا ماڻهو ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها، ته اسان مٿن برڪتن جا در کوليون ها آسمان ۽ زمين جي، پر هنن ڪوڙو ڀانيو، پوءِ اسان کين جهلي ورتو سندن برائي جي حساب ۾ جيڪا انهن گڏ ڪئي هئي. |
أَفَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا بَيٰتًا وَهُم نائِمونَ (آيت : 97) |
ڇا وستين جا ماڻهو ستل هوندا ته رات جي وقت اسان جي اوچتي پڪڙ کان بي خوف آهن؟ |
أَوَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا ضُحًى وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 98) |
يا کين اطمينان ٿي ويو آهي ته اسان جو مضبوط هٿ ڪڏهن اوچتو مٿن ڏينهن ڏٺي جو نه ايندو جڏهن هو کيڏندا هجن؟ |
أَفَأَمِنوا مَكرَ اللَّهِ فَلا يَأمَنُ مَكرَ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الخٰسِرونَ (آيت : 99) |
ڇا اهي ماڻهو الله جي رٿ کان بي خوف آهن؟ جڏهن ته الله جي رٿ کان اها قوم بي خوف رهندي آهي، جيڪا تباهه ٿيڻ واري هوندي آهي. |
أَوَلَم يَهدِ لِلَّذينَ يَرِثونَ الأَرضَ مِن بَعدِ أَهلِها أَن لَو نَشاءُ أَصَبنٰهُم بِذُنوبِهِم وَنَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
۽ ڇا اهي ماڻهو جيڪي اڳين قومن کان پوءِ وارث ٿين ٿا زمين جا، هن حقيقت کين اهو سبق نه ڏنو آهي ته جي اسان گهرون ته انهن کي پڪڙي سگهون ٿا سندن ڏوهن ۾ ؟ (پر اهي ان حقيقت کان غافل رهن ٿا) ۽ اسان سندن دلين تي مهر لڳايون ٿا، پوءِ اهي ڪجهه نٿا ٻڌن. |
تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكٰفِرينَ (آيت : 101) |
هي اهي قومون آهن جن جا قصا اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون، (انهن وٽ مثال موجود آهن) ۽ انهن وٽ آيا سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي، پر جنهن شيءِ کي هو هڪ ڀيرو ڪوڙو چئي چڪا ته وري ان کي مڃڻ وارا نه هئا، ڏسو اهڙيءَ طرح حق کان انڪار ڪندڙن جي دلين تي الله مهر لڳائي ٿو. |
وَما وَجَدنا لِأَكثَرِهِم مِن عَهدٍ وَإِن وَجَدنا أَكثَرَهُم لَفٰسِقينَ (آيت : 102) |
۽ اسان نه ڏٺي وعده وفائي انهن مان اڪثر جي اندر ۾، پر انهن مان گهڻن کي فاسق ئي ڏٺوسين. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَظَلَموا بِها فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 103) |
وري انهن قومن مان (جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو) اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس قوم جي سردارن ڏي موڪليو، پر انهن ظلم ڪيو اسان جي نشانين سان، پوءِ ڏسو ڇا ٿيو انهن فسادين جي پڄاڻي تي؟ |
وَقالَ موسىٰ يٰفِرعَونُ إِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ چيو موسيٰ، ”اي فرعون! بيشڪ آئون رسول ٿي آيو آهيان ڪائنات جي مالڪ طرفان. |
حَقيقٌ عَلىٰ أَن لا أَقولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ قَد جِئتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِن رَبِّكُم فَأَرسِل مَعِىَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 105) |
منهنجو منصب هي آهي ته جيڪا به ڳالهه ڪريان الله جو نالو وٺي حق کان سواءِ نه چوان، آئون توهان ڏي پڌرا دليل کڻي رب طرفان توهان ڏي آيو آهيان، ان ڪري تون بني اسرائيل کي مون سان وڃڻ ڏي. |
قالَ إِن كُنتَ جِئتَ بِـٔايَةٍ فَأتِ بِها إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 106) |
فرعون چيو، جيڪڏهن تو ڪا آندي آهي نشاني ته اها پيش ڪر جيڪڏهن تون پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهين. |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 107) |
موسيٰؑ پنهنجي لٺ اڇلي ته اها اوچتو ئي جيئرو واسينگ نانگ ٿي پئي. |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 108) |
۽ هن ڪڍيو پنهنجو هٿ بغل مان، ته اهو چمڪي رهيو هو ڏسندڙن اڳيان. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 109) |
ان تي چيو قومي سردارن پاڻ ۾ فرعون جي ته يقينًا هي ماڻهو وڏو ماهر جادوگر آهي. |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 110) |
توهان کي بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو توهان جي زمين مان، پوءِ ٻڌايو توهان ڇا ٿا چئو؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَأَرسِل فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 111) |
فرعون کي سڀني چيو، هِن ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ پڙهو ڏيندڙ سڀني شهرن ڏي موڪل. |
يَأتوكَ بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 112) |
ته تو وٽ سڀ جادو جا ماهر وٺي اچن |
وَجاءَ السَّحَرَةُ فِرعَونَ قالوا إِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 113) |
اهڙيءَ طرح جادوگر فرعون وٽ پهچي ويا، انهن چيو جي اسان سوڀ پاتي ته اسان کي ان جو بدلو ته ضرور ملندو؟ |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 114) |
فرعون چيو: ها، ۽ توهان دربار ۾ ٿيندؤ وڏي مرتبي وارا. |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ نَحنُ المُلقينَ (آيت : 115) |
پوءِ هنن موسيٰ کي چيو، تون ٿو اڇلين يا اسان اڇلايون؟ |
قالَ أَلقوا فَلَمّا أَلقَوا سَحَروا أَعيُنَ النّاسِ وَاستَرهَبوهُم وَجاءو بِسِحرٍ عَظيمٍ (آيت : 116) |
موسيٰ جواب ڏنو، توهان ئي اڇلايو، پوءِ انهن پنهنجون رسيون اڇليون ته ماڻهن جي نگاهن تي جادو ۽ دلين کي خوفزده ڪيائون ۽ وڏو جادو ڪري آندائون. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَلقِ عَصاكَ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 117) |
۽ اسان اشارو ڪيو موسيٰ کي هو پنهنجي لٺ اڇلي، ته اها ان ئي گهڙيءَ ۾ انهن جي ڪوڙي طلسم کي ڳڙڪائيندي وئي. |
فَوَقَعَ الحَقُّ وَبَطَلَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 118) |
اهڙيءَ طرح جيڪو حق هو سو حق ٿيو ۽ باطل، باطل ٿي ويو اهو جيڪو انهن ٺاهي رکيو هو. |
فَغُلِبوا هُنالِكَ وَانقَلَبوا صٰغِرينَ (آيت : 119) |
(فرعون ۽ سندس ساٿي) مقابلي ۾ هارجي ويا ۽ ذليل ٿي ويا. |
وَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 120) |
۽ جادوگرن کي ڪنهن شيءِ اندر ۾ سجدي ۾ ڪيرائي ڇڏيو. |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 121) |
چوڻ لڳا، اسان مڃي ورتو رب العالمين کي. |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 122) |
انهيءَ رب کي جنهن کي موسيٰ ۽ هارون مڃن ٿا. |
قالَ فِرعَونُ ءامَنتُم بِهِ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّ هٰذا لَمَكرٌ مَكَرتُموهُ فِى المَدينَةِ لِتُخرِجوا مِنها أَهلَها فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 123) |
چيو فرعون، توهان ان تي ايمان آندو اڳيئي منهنجي اجازت بنا، يقينًا اها ڪا ڳجهي سازش هئي جيڪا توهان هن گاديءَ واري هنڌ ڪئي جيئن ان جي مالڪن کي اقتدار کان بي دخل ڪريو، چڱو ان جو نتيجو توهان کي هاڻي معلوم ٿي ويندو. |
لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 124) |
وڍائيندس توهان جا هٿ ۽ پير ابتڙ ۽ مخالف طرفن کان ضرور ۽ توهان کي سوريءَ تي لٽڪائيندس سڀني کي. |
قالوا إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 125) |
انهن جواب ڏنو، اسان کي موٽڻو پنهنجي رب ڏانهن ئي آهي. |
وَما تَنقِمُ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِـٔايٰتِ رَبِّنا لَمّا جاءَتنا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَتَوَفَّنا مُسلِمينَ (آيت : 126) |
۽ تون جيڪو اسان کان وير وٺڻ گهرين ٿو، اهو ان کان سواءِ ڪجهه نه آهي ته اسان جي رب جون نشانيون جڏهن اسان جي سامهون آيون ته ان کي مڃيو، اي رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر ۽ اسان کي دنيا مان گهرائين ته تنهنجا فرمانبردار هجون. |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ أَتَذَرُ موسىٰ وَقَومَهُ لِيُفسِدوا فِى الأَرضِ وَيَذَرَكَ وَءالِهَتَكَ قالَ سَنُقَتِّلُ أَبناءَهُم وَنَستَحيۦ نِساءَهُم وَإِنّا فَوقَهُم قٰهِرونَ (آيت : 127) |
۽ قومي سردارن چيو فرعون کي، ڇا تون موسيٰ ۽ ان جي قوم کي ائين ڇڏي ڏيندين ته اهي ملڪ ۾ فساد پکيڙين ۽ تو سان گڏ تنهنجي خدائن جي ٻانهپ ڇڏي ڏين؟ فرعون چيو، آئون انهن جي پٽن کي قتل ڪرائيندس ۽ سندن عورتن کي جيئرو رکندس، ۽ اسان جي اقتدار جي پڪڙ انهن تي مضبوط آهي. |
قالَ موسىٰ لِقَومِهِ استَعينوا بِاللَّهِ وَاصبِروا إِنَّ الأَرضَ لِلَّهِ يورِثُها مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 128) |
چيو موسيٰ پنهنجي قوم کي، الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، بيشڪ زمين الله جي آهي، وارث بنائي ٿو جنهن کي گهري پنهنجي ٻانهن مان، ۽ آخري ڪاميابي انهن لاءِ آهي جيڪي ان کان ڊڄي ڪم ڪن. |
قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِى الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 129) |
چيو سندس قوم جي ماڻهن، تنهنجي اچڻ کان اڳ به ستايا وياسين ۽ تنهنجي اچڻ تي به ستايا پيا وڃون، هن چيو، ويجهو آهي اهو وقت جو توهان جو رب توهان جي دشمن کي ناس ڪري ۽ توهان کي خليفو بنائي زمين ۾، پوءِ ڏسي ته توهان ڪيئن ٿا ڪم ڪريو. |
وَلَقَد أَخَذنا ءالَ فِرعَونَ بِالسِّنينَ وَنَقصٍ مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 130) |
۽ اسان ڪيترا ئي سال فرعون جي ماڻهن کي ڏڪار ۽ پيداوار جي گهٽتائيءَ ۾ مبتلا ڪري رکيو ته شايد هوش ۾ اچن. |
فَإِذا جاءَتهُمُ الحَسَنَةُ قالوا لَنا هٰذِهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَطَّيَّروا بِموسىٰ وَمَن مَعَهُ أَلا إِنَّما طٰئِرُهُم عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 131) |
پر سندن حال هي هو ته جڏهن به ڪو چڱو وقت ايندو هو ته چوندا هئا، اسين انهيءَ جي لائق آهيون ۽ جڏهن برو زمانو ايندو هو ته نڀاڳ چوندا هئا موسيٰ ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي لاءِ، پر سچ پچ ته انهن جو نڀاڳ الله وٽ هو، پر انهن مان گهڻا بي علم، بي خبر هئا. |
وَقالوا مَهما تَأتِنا بِهِ مِن ءايَةٍ لِتَسحَرَنا بِها فَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 132) |
۽ انهن (موسيٰ کي) چيو ته تون ڪهڙي به نشاني آڻين اسان تي جادو ڪرڻ لاءِ، اسين تنهنجي ڳالهه مڃڻ وارا نه آهيون. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِمُ الطّوفانَ وَالجَرادَ وَالقُمَّلَ وَالضَّفادِعَ وَالدَّمَ ءايٰتٍ مُفَصَّلٰتٍ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 133) |
نيٺ موڪليوسين انهن تي طوفان، ۽ ماڪڙ موڪلي، ۽ جوئون موڪليون، ۽ ڏيڏر ڪڍيا ۽ وسايوسين رت، هي سڀ نشانيون ڌار ڌار ڪري ڏيکاريون، پر هو سرڪشي ڪندا رهيا ۽ اهي تمام وڏا مجرم ماڻهو هئا. |
وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يٰموسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 134) |
۽ جڏهن به مٿن ڪا مصيبت نازل ٿي ته چوندا هئا، اي موسيٰ! دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان پنهنجي مليل منصب جي بنياد تي، جي تو اسان تان مصيبت ٽاري ته اسان تنهنجي ڳالهه مڃينداسين ۽ موڪلينداسين تو سان بني اسرائيل کي. |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ الرِّجزَ إِلىٰ أَجَلٍ هُم بٰلِغوهُ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 135) |
پر جڏهن اسان جو عذاب انهن تان هٽيو ٿي، جيڪو خاص مدت لاءِ هو، ته هو هڪدم پنهنجي عهد تان ڦري ويندا هئا. |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم فِى اليَمِّ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 136) |
تڏهن اسان انتقام ورتو انهن کان ۽ غرق ڪيو انهن کي درياء ۾، ڇاڪاڻ ته انهن ڪوڙو چيو اسان جي نشانين کي ۽ اهي انهن کان بي پرواهه ٿي ويا هئا. |
وَأَورَثنَا القَومَ الَّذينَ كانوا يُستَضعَفونَ مَشٰرِقَ الأَرضِ وَمَغٰرِبَهَا الَّتى بٰرَكنا فيها وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ الحُسنىٰ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ بِما صَبَروا وَدَمَّرنا ما كانَ يَصنَعُ فِرعَونُ وَقَومُهُ وَما كانوا يَعرِشونَ (آيت : 137) |
۽ سندن جاءِ تي انهن ماڻهن کي، جن کي هنن هيڻو بڻائي رکيو هو، انهيءَ سرزمين جي اوڀر ۽ اولهه جو وارث بڻائي ڇڏيو، جنهن کي اسان پنهنجي برڪتن سان مالا مال ڪيو هو، اهڙيءَ طرح تنهنجي رب جو سهڻو وعدو بني اسرائيل جي حق ۾ پورو ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهن صبر کان ڪم ورتو هو ۽ سڀڪجهه برباد ڪيوسين فرعون ۽ سندس قوم جو، جيڪي هو ٺاهيندا ۽ ان کي مٿي ڪندا هئا. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتَوا عَلىٰ قَومٍ يَعكُفونَ عَلىٰ أَصنامٍ لَهُم قالوا يٰموسَى اجعَل لَنا إِلٰهًا كَما لَهُم ءالِهَةٌ قالَ إِنَّكُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 138) |
۽ اسان پار ڪيو بني اسرائيل کي سمنڊ تان، پوءِ اهي هليا ۽ رستي ۾ اهڙي قوم وٽان لنگهيا، جيڪي پنهنجي بتن تي مجاور بڻيل هئا. چوڻ لڳا، اي موسي! اسان جي لاءِ به ڪو اهڙو خدا بڻاءِ جهڙا انهن جا خدا آهن. موسيٰ چيو، توهان ماڻهو وڏي جهالت جون ڳالهيون ٿا ڪريو. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ مُتَبَّرٌ ما هُم فيهِ وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 139) |
اهي ماڻهو جنهن طريقي جي پيروي ٿا ڪن، سو تباهه ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو باطل آهي جيڪو عمل اهي ڪن پيا. |
قالَ أَغَيرَ اللَّهِ أَبغيكُم إِلٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 140) |
موسيٰ چين، ڇا آئون ڳوليان الله کان سواءِ ٻيو معبود توهان جي لاءِ جڏهن ته اهو الله آهي جنهن افضل ڪيو آهي توهان کي دنيا وارن تي. |
وَإِذ أَنجَينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُقَتِّلونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 141) |
(فرمايو) اسان نجات ڏني فرعون وارن کان، جن جو حال اهو آهي ته توهان کي سخت عذاب ۾ رکندا هئا، قتل ڪندا هئا توهان جي پٽن کي ۽ توهان جي عورتن کي زنده رکندا هئا، ۽ ان ۾ توهان جي لاءِ توهان جي رب جي طرفان وڏي آزمائش هئي. |
وَوٰعَدنا موسىٰ ثَلٰثينَ لَيلَةً وَأَتمَمنٰها بِعَشرٍ فَتَمَّ ميقٰتُ رَبِّهِ أَربَعينَ لَيلَةً وَقالَ موسىٰ لِأَخيهِ هٰرونَ اخلُفنى فى قَومى وَأَصلِح وَلا تَتَّبِع سَبيلَ المُفسِدينَ (آيت : 142) |
۽ اسان طلب ڪيو موسيٰ کي ٽيهن راتين جي لاءِ (طور سينا تي) ۽ پوءِ وڌاياسين ٻيا ڏهه ڏينهن، اهڙيءَ طرح سندس رب جي مقرر ڪيل چاليهن راتين جي مدت پوري ٿي، ۽ موسيٰ پنهنجي ڀاءُ هارون کي ويندي وقت چيو ته، منهنجي پويان تون منهنجي قوم ۾ منهنجو جاءِ نشين ٿي رهجانءِ، ٺيڪ ڪم ڪجانءِ ۽ پيروي نه ڪجانءِ فسادين جي. |
وَلَمّا جاءَ موسىٰ لِميقٰتِنا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قالَ رَبِّ أَرِنى أَنظُر إِلَيكَ قالَ لَن تَرىٰنى وَلٰكِنِ انظُر إِلَى الجَبَلِ فَإِنِ استَقَرَّ مَكانَهُ فَسَوفَ تَرىٰنى فَلَمّا تَجَلّىٰ رَبُّهُ لِلجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ موسىٰ صَعِقًا فَلَمّا أَفاقَ قالَ سُبحٰنَكَ تُبتُ إِلَيكَ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُؤمِنينَ (آيت : 143) |
۽ جڏهن موسيٰ مقرر وقت تي پهتو ۽ ڳالهايو سندس رب، هن عرض ڪيو، اي رب! مون کي پاڻ ڏسڻ جي نظر ڏي جئن توکي ڏسان، (الله) فرمايو، تون مون کي ڏسي نه سگهندين، ها ٿورو سامهون جبل ڏي ڏس، جي اهو پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو ته پوءِ تون ڏسي سگهندين. پوءِ تجلي ڪئي سندس رب ۽ ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسيٰ غش کائي ڪِري پيو، پوءِ هوش آيس ته چيائين، پاڪ آهي تنهنجي ذات، آئون توبھ ٿو ڪريان ۽ آئون سڀني کان اول ايمان آڻڻ وارن مان آهيان. |
قالَ يٰموسىٰ إِنِّى اصطَفَيتُكَ عَلَى النّاسِ بِرِسٰلٰتى وَبِكَلٰمى فَخُذ ما ءاتَيتُكَ وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
(الله) فرمايو، اي موسيٰ! مون مڙني ماڻهن تي توکي اهميت ڏني، ته تون منهنجي پيغمبري ڪرين ۽ مون سان ڪلام ڪرين، پوءِ تون اهو ڪجهه وٺ جيڪو توکي ڏيان ۽ شڪر بجا آڻ. |
وَكَتَبنا لَهُ فِى الأَلواحِ مِن كُلِّ شَيءٍ مَوعِظَةً وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ فَخُذها بِقُوَّةٍ وَأمُر قَومَكَ يَأخُذوا بِأَحسَنِها سَأُو۟ريكُم دارَ الفٰسِقينَ (آيت : 145) |
۽ اسان (موسيٰ کي) لکي ڏني تختين تي هر شعبي متعلق نصيحت ۽ چٽي هدايت ۽ ان کي چيو، هي هدايتون وٺ مضبوط هٿن سان ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڏي ته بهتر سمجهاڻين جي پيروي ڪن، جلد ئي آئون توهان کي فاسقن جا گهر ڏيکاريندس. |
سَأَصرِفُ عَن ءايٰتِىَ الَّذينَ يَتَكَبَّرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها وَإِن يَرَوا سَبيلَ الرُّشدِ لا يَتَّخِذوهُ سَبيلًا وَإِن يَرَوا سَبيلَ الغَىِّ يَتَّخِذوهُ سَبيلًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 146) |
آئون پنهنجين نشانين سان سندن نگاهن کي ڦيريندس جيڪي زمين ۾ وڏائي ڪن ٿا بنا ڪنهن حق جي، ۽ کڻي ڪهڙي به نشاني ڏسن، ان تي ايمان نه آڻيندا، جي سڌو رستو انهن کي ملي به وڃي ته اهو ڪڏهن نه وٺندا، ۽ جي ڏنگو رستو کين ملي وڃي ته ان تي هلڻ شروع ڪندا، ڇو ته انهن ڪوڙو چيو آهي اسان جي نشانين کي ۽ انهن کان بي پرواهي ڪندا رهيا آهن. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقاءِ الءاخِرَةِ حَبِطَت أَعمٰلُهُم هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 147) |
جن ماڻهن به ڪوڙو چيو اسان جي نشانين کي ۽ آخرت جي پيشيءَ جو انڪار ڪيو، انهن جا سڀ عمل چٽ ٿي ويا، ڇا ماڻهو ڪو بدلو ان کان سواءِ ڏسندا، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. |
وَاتَّخَذَ قَومُ موسىٰ مِن بَعدِهِ مِن حُلِيِّهِم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ أَلَم يَرَوا أَنَّهُ لا يُكَلِّمُهُم وَلا يَهديهِم سَبيلًا اتَّخَذوهُ وَكانوا ظٰلِمينَ (آيت : 148) |
۽ ٺاهي ورتو موسيٰ جي قوم سندس پويان پنهنجي زيورن مان هڪ گابي جو بوتو، ان مان ڏاند جهڙي رنڀ نڪتي ٿي، ڇا انهن نه ڏٺو ته اهو ساڻن نه ڳالهائي ٿو ۽ نه سندن رهنمائي ڪري ٿو؟ تڏهن به انهن ان کي خدا بنائي ورتو، اهي وڏا ظالم هئا. |
وَلَمّا سُقِطَ فى أَيديهِم وَرَأَوا أَنَّهُم قَد ضَلّوا قالوا لَئِن لَم يَرحَمنا رَبُّنا وَيَغفِر لَنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 149) |
پوءِ جڏهن سندن ڌوڪي جو طلسم ٽٽي پيو ته ڏٺائون ته اهي پڌري گمراهيءَ ۾ پئجي ويا آهن، چوڻ لڳا، جي اسان تي رحم نه ڪيو اسان جي رب ۽ اسان کي معاف نه فرمايو ته اسان برباد ٿي وينداسين. |
وَلَمّا رَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ بِئسَما خَلَفتُمونى مِن بَعدى أَعَجِلتُم أَمرَ رَبِّكُم وَأَلقَى الأَلواحَ وَأَخَذَ بِرَأسِ أَخيهِ يَجُرُّهُ إِلَيهِ قالَ ابنَ أُمَّ إِنَّ القَومَ استَضعَفونى وَكادوا يَقتُلونَنى فَلا تُشمِت بِىَ الأَعداءَ وَلا تَجعَلنى مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 150) |
۽ هوڏانهن موٽيو موسيٰ پنهنجي قوم ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڀريل (سخت) رنج ۾، ايندي ئي چيائين، ڏاڍي بڇڙي جاءِ نشيني ڪئي توهان منهنجي پويان، توهان کان ايترو صبر نه ٿيو جو پنهنجي رب جي حڪم جو انتظار ڪريو ها ۽ ڦرهيون اڇلايائين ۽ مٿي جي وارن کان پنهنجي ڀاءُ هارون کي ڌونڌاڙيائين، هارون چيو اي منهنجي ماءُ جا پُٽ! بيشڪ هنن ماڻهن مون کي دٻايو ۽ شايد اهي قتل به ڪن ها مون کي، پوءِ تون مون کي دشمنن آڏو ڏِٺو نه ڪر، ۽ مون کي شامل نه ڪر هن ظالم ٽولي ۾. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَلِأَخى وَأَدخِلنا فى رَحمَتِكَ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 151) |
تڏهن موسيٰ چيو، اي منهنجا رب! تون معاف ڪر مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي، ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر، ۽ تون ئي سڀ کان وڏو ٻاجهارو آهين. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّخَذُوا العِجلَ سَيَنالُهُم غَضَبٌ مِن رَبِّهِم وَذِلَّةٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُفتَرينَ (آيت : 152) |
(رب جواب ڏنو) بيشڪ جن ماڻهن بڻايو گابي کي پنهنجو رب (خدا) اهي ضرور غضب هيٺ ايندا پنهنجي رب جي، ۽ ذليل و خوار ٿيندا دنياوي زندگيءَ ۾، ۽ اهڙن (ڪوڙ ٺاهيندڙن) کي اسان (ضرور) سزا ڏيندا آهيون. |
وَالَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِها وَءامَنوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 153) |
۽ جيڪي ماڻهو برا ڪم ڪن پوءِ توبهه تائب ٿين ۽ ايمان آڻين، ته بيشڪ تنهنجو رب بخشڻهار ۽ وڏو مهربان آهي. |
وَلَمّا سَكَتَ عَن موسَى الغَضَبُ أَخَذَ الأَلواحَ وَفى نُسخَتِها هُدًى وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ هُم لِرَبِّهِم يَرهَبونَ (آيت : 154) |
۽ پوءِ جڏهن لٿي موسيٰ جي ڪاوڙ ۽ هن ڦرهيون کنيون جن جي لکڻي ۾ هدايت ۽ رحمت هئي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄندا آهن. |
وَاختارَ موسىٰ قَومَهُ سَبعينَ رَجُلًا لِميقٰتِنا فَلَمّا أَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ قالَ رَبِّ لَو شِئتَ أَهلَكتَهُم مِن قَبلُ وَإِيّٰىَ أَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنّا إِن هِىَ إِلّا فِتنَتُكَ تُضِلُّ بِها مَن تَشاءُ وَتَهدى مَن تَشاءُ أَنتَ وَلِيُّنا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الغٰفِرينَ (آيت : 155) |
موسيٰ پنهنجي قوم مان چونڊيا ستر ماڻهو جيئن هو اسان جي مقرر ڪيل وقت تي حاضر ٿئي، جڏهن کين هڪ زلزلي اچي ورتو، موسيٰ عرض ڪيو اي پالڻهار! تون گهرين ها ته تون اڳي ئي اسان کي هلاڪ ڪري سگهين پيو، ڇا تون ڪن ڏوهارين جي ڪري اسان سڀني کي هلاڪ ڪندين، اها ته تنهنجي هڪ آزمائش هئي، جنهن جي ذريعي گمراهه ڪرين جنهن کي گهرين ۽ جنهن کي گهرين هدايت بخشين، اسان جو ڌڻي تون آهين پوءِ اسان کي بخش ڪر ۽ اسان تي رحم فرماءِ، تون سڀ کان وڏو معاف ڪندڙ آهين. |
وَاكتُب لَنا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ إِنّا هُدنا إِلَيكَ قالَ عَذابى أُصيبُ بِهِ مَن أَشاءُ وَرَحمَتى وَسِعَت كُلَّ شَيءٍ فَسَأَكتُبُها لِلَّذينَ يَتَّقونَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِنا يُؤمِنونَ (آيت : 156) |
۽ اسان لاءِ لِک هن دنيا ۾ ڀلائي ۽ آخرت ۾ به، اسان تنهنجي طرف رجوع ڪيو آهي، جواب مليو، سزا ته آئون جنهن کي چاهيان ڏيندو آهيان پر منهنجي رحمت هر شيءِ تي حاوي آهي ۽ ان کي آئون لکندس انهن ماڻهن جي حق ۾ جيڪي نافرماني کان بچن، زڪوات ڏين ۽ منهنجي آيتن تي ايمان آڻين. |
الَّذينَ يَتَّبِعونَ الرَّسولَ النَّبِىَّ الأُمِّىَّ الَّذى يَجِدونَهُ مَكتوبًا عِندَهُم فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ يَأمُرُهُم بِالمَعروفِ وَيَنهىٰهُم عَنِ المُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيهِمُ الخَبٰئِثَ وَيَضَعُ عَنهُم إِصرَهُم وَالأَغلٰلَ الَّتى كانَت عَلَيهِم فَالَّذينَ ءامَنوا بِهِ وَعَزَّروهُ وَنَصَروهُ وَاتَّبَعُوا النّورَ الَّذى أُنزِلَ مَعَهُ أُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 157) |
جيڪي پيروي ڪن ٿا هن رسول نبي امي جي، (اڄ هي رحمت سندن حصو آهي) جنهن جو ذڪر کين لکيل ملي ٿو پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾، جيڪو کين حڪم ڏئي ٿو نيڪيءَ جو ۽ کين برائيءَ کان منع ڪري ٿو، انهن جي لاءِ حلال آهن پاڪ شيون ۽ حرام ڪري ٿو انهن تي ناپاڪ شيون ۽ مٿانئن اهي بار لاهي ٿو جيڪي مٿن لڏيل هئا ۽ اهي بندشون کولي ٿو جن ۾ اهي جڪڙيل هئا، پوءِ جيڪي ان تي ايمان آڻين ۽ ان جي حمايت ۽ مدد ڪن ۽ ان روشنيءَ جي پيروي ڪن، جيڪا انهن سان گڏ نازل ڪئي وئي آهي، اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم جَميعًا الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ النَّبِىِّ الأُمِّىِّ الَّذى يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمٰتِهِ وَاتَّبِعوهُ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 158) |
چؤ (اي محمد) اي انسانؤ! آئون انهيءَ الله جو رسول آهيان، توهان وٽ سڀني جو، جيڪو بادشاهي جو مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ان الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه (معبود) ناهي اهو ئي حياتي ڏئي ٿو ۽ موت به، پوءِ ايمان آڻيو ان الله تي ۽ ان جي موڪليل رسول نبي امي تي، پوءِ جيڪو ايمان آڻي الله تي ۽ ان جي حڪمن کي مڃي، ۽ پيروي ڪري ان جي، اميد ته سڌي واٽ ڏسندؤ. |
وَمِن قَومِ موسىٰ أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 159) |
۽ قومِ موسيٰ ۾ هڪ اهڙو به ٽولو هو، جيڪو حق جي مطابق هدايت ڪندو ۽ انصاف به ڪندو هو. |
وَقَطَّعنٰهُمُ اثنَتَى عَشرَةَ أَسباطًا أُمَمًا وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ إِذِ استَسقىٰهُ قَومُهُ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانبَجَسَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم وَظَلَّلنا عَلَيهِمُ الغَمٰمَ وَأَنزَلنا عَلَيهِمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 160) |
۽ اسان ان قوم کي ورهايو هو ٻارهن ٽولن ۾، ۽ کين مستقل ڪيو هو، ۽ جڏهن موسيٰ جي قوم پاڻي گهريو ته اسان کيس اشارو ڪيو ته فلاڻي پٿر تي لَٺ هڻ، پوءِ انهيءَ پٿر مان هڪدم نڪري پيا ٻارهن چشما، ۽ پوءِ هر ٽولي پنهنجي لاءِ پاڻي پيئڻ جي جاءِ مقرر ڪئي، ۽ اسان پاڇو ڪيو انهن تي ڪڪر جو، ۽ مٿن لاٿا (کائڻ لاءِ) مَن ۽ سلويٰ، کائو اهي پاڪ شيون جيڪي اسان توهان کي بخشيون آهن، (پر ان بعد انهن جيڪي ڪيو) ته اسان تي ظلم نه ڪيو، پر پنهنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪندا رهيا. |
وَإِذ قيلَ لَهُمُ اسكُنوا هٰذِهِ القَريَةَ وَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم وَقولوا حِطَّةٌ وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا نَغفِر لَكُم خَطيـٰٔتِكُم سَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 161) |
(ياد ڪريو اهو وقت) جڏهن کين چيو هو ته رهو وڃي هن ڳوٺ ۾ ۽ کائو پيئو مرضيءَ مطابق ان جي پيداوار مان ۽ چوندا وڃو ”حِطة حِطة“ ۽ داخل ٿجو شهري دروازي مان سجدو ڪندي، اسان معاف ڪنداسين توهان جون خطائون ۽ چڱي روش رکندڙن کي فضيلت عطا ڪنداسين. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَرسَلنا عَلَيهِم رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَظلِمونَ (آيت : 162) |
پر بدلايو انهيءَ ڳالهه کي انهن ماڻهن جيڪي ظالم هئا. ان جي نتيجي ۾ انهن جي لاءِ اسان موڪليو انهن جي مٿان عذاب آسمان مان ڇاڪاڻ ته اهي ظالم هئا. |
وَسـَٔلهُم عَنِ القَريَةِ الَّتى كانَت حاضِرَةَ البَحرِ إِذ يَعدونَ فِى السَّبتِ إِذ تَأتيهِم حيتانُهُم يَومَ سَبتِهِم شُرَّعًا وَيَومَ لا يَسبِتونَ لا تَأتيهِم كَذٰلِكَ نَبلوهُم بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 163) |
۽ کانئن پڇو انهيءَ وستيءَ جو احوال جيڪا ڪناري تي هئي سمنڊ جي، انهن کي اهو واقعو ياد ڏياريو ته اتي جا ماڻهو ڇنڇر (جي ڏينهن) الله جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي (مڇيون ڦاسائيندا هئا) ان ڏينهن ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ئي مڇيون پاڻيءَ جي سطح تي سندن سامهون اُڀري ٿي آيون ۽ ٻين ڏينهن تي نه ٿي آيون، اسان کين آزمائش ۾ وڌو ڇو ته اهي نافرمان هئا. |
وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 164) |
(۽ کين هي به ياد ڏياريو ته) جڏهن انهن مان هڪ ٽولي ٻئي کي چيو هو ته، توهان کين ڇو ٿا نصيحت ڪريو جن کي الله هلاڪ ڪرڻ وارو يا عذاب سخت ڏيڻ وارو آهي؟ انهن چيو هو، ”اسان عذر پيش ڪنداسين توهان جي رب آڏو انهيءَ اميد تي ته شايد اهي نافرمانين کان پرهيز ڪن.“ |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ أَنجَينَا الَّذينَ يَنهَونَ عَنِ السّوءِ وَأَخَذنَا الَّذينَ ظَلَموا بِعَذابٍ بَـٔيسٍ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 165) |
نيٺ انهن مڙني هدايتن کي وساري ڇڏيو جيڪي ياد ڪرايل هيون، ته اسان انهن ماڻهن کي بچائي ورتو جيڪي برائيءَ کان روڪيندا هئا، باقي مڙني ظالمن کي نافرمانين جي ڪري گرفتار ڪيو سخت عذاب ۾. |
فَلَمّا عَتَوا عَن ما نُهوا عَنهُ قُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 166) |
پوءِ جڏهن پوري سرڪشيءَ سان اهي اهو ئي ڪم ڪندا رهيا، جنهن کان کين روڪيو هو، ته اسان چيو، باندر ٿي پئو ذليل ۽ خوار. |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبعَثَنَّ عَلَيهِم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن يَسومُهُم سوءَ العَذابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 167) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن تنهنجي رب اعلان ڪيو ته هُو قيامت تائين برابر اهڙا ماڻهو بني اسرائيل جي مٿان مڙهيندو رهندو جيڪي کين بڇڙا عذاب ڏيندا رهندا، بيشڪ تنهنجو رب سزا ڏيڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ بيشڪ درگذر ڪرڻ وارو رحم وارو آهي. |
وَقَطَّعنٰهُم فِى الأَرضِ أُمَمًا مِنهُمُ الصّٰلِحونَ وَمِنهُم دونَ ذٰلِكَ وَبَلَونٰهُم بِالحَسَنٰتِ وَالسَّيِّـٔاتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 168) |
اسان کين ٽڪر ٽڪر ڪري زمين ۾ ڪيترين قومن ۾ ورهائي ڇڏيو انهن ۾ ڪي ماڻهو نيڪ هئا ۽ انهن ۾ ڪي وري ابتڙ، اسان کين ڪيترين ئي چڱين ۽ برين آزمائشن ۾ مبتلا ڪيو ته من اهي موٽي پون. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ وَرِثُوا الكِتٰبَ يَأخُذونَ عَرَضَ هٰذَا الأَدنىٰ وَيَقولونَ سَيُغفَرُ لَنا وَإِن يَأتِهِم عَرَضٌ مِثلُهُ يَأخُذوهُ أَلَم يُؤخَذ عَلَيهِم ميثٰقُ الكِتٰبِ أَن لا يَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ وَدَرَسوا ما فيهِ وَالدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 169) |
پر اڳين نسلن کان پويان اهڙا نالائق سندن جاين تي ويٺا جو الله جي ڪتاب جا وارث بنجي هن حقير دنيا جي فائدن کي گڏ ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته، اميد ته اسين بخشيا وينداسين، ۽ جي اهو ئي سامان دنيا جو سندن سامهون اچي ٿو ته جهٽ ڏئي کڻي وٺن ٿا، ڇا انهن کان اهو عهد نه ورتو ويو آهي ڪتاب جو، ته اهي ئي ڳالهيون چون الله جي نالي جيڪي حق آهن، اهي پاڻ به پڙهي چڪا آهن جيڪي ڪتاب ۾ آهن، ۽ آخرت جو گهر ته چڱو آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا، ڇا پوءِ توهان ايترو به نٿا سمجهو؟ |
وَالَّذينَ يُمَسِّكونَ بِالكِتٰبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ المُصلِحينَ (آيت : 170) |
۽ جيڪي ماڻهو پابندي ڪن ٿا ڪتاب جي ۽ جن نماز کي قائم رکيو، بيشڪ اهڙن نيڪ ڪردار ماڻهن جو اجر اسان ضايع نه ڪنداسين. |
وَإِذ نَتَقنَا الجَبَلَ فَوقَهُم كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنّوا أَنَّهُ واقِعٌ بِهِم خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 171) |
۽ کين اهو وقت ياد آهي جڏهن جبل کي لوڏي سندن مٿان اهڙيءَ طرح ڇانئي ڇڏيو جو ڄڻ ته اهو ڇٽي آهي ۽ اجهو ٿو سندن مٿان اچي ڪِري، ان وقت کين چيو ج،يڪو ڪتاب توهان کي ڏنو آهي طاقت سان پڪڙيو اهو ياد رکو ۽ غلط رويي کان بچو. |
وَإِذ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنى ءادَمَ مِن ظُهورِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَأَشهَدَهُم عَلىٰ أَنفُسِهِم أَلَستُ بِرَبِّكُم قالوا بَلىٰ شَهِدنا أَن تَقولوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنّا كُنّا عَن هٰذا غٰفِلينَ (آيت : 172) |
۽ (اي نبي!) کين اهو وقت ياد ڏيار، جڏهن تنهنجي رب آدمؑ جي پونئيرن مان سندن نسل پئدا ڪيو هو، ۽ انهن کي سندن مٿان شاهد بڻائي پڇيو هو ته، ڇا آئون توهان جو رب نه آهيان؟ هنن چيو: بيشڪ تون ئي اسان جو رب آهين، اسان شاهدي ڏيون ٿا، ته متان چئو ڏينهن قيامت جي ته اسان هر ڳالهه کان بي خبر هئاسين. |
أَو تَقولوا إِنَّما أَشرَكَ ءاباؤُنا مِن قَبلُ وَكُنّا ذُرِّيَّةً مِن بَعدِهِم أَفَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ المُبطِلونَ (آيت : 173) |
يا ائين نه چئو ته، شرڪ جي شروعات اسان جي ابن ڏاڏن اسان کان پهرين ڪئي، ۽ تون اسان کي انهيءَ ڏوهه ۾ برباد ڪرين ٿو جيڪو ڪيو هو گمراهه ماڻهن؟ |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 174) |
ڏسو! اهڙيءَ طرح بيان ڪندا آهيون چٽيءَ طرح نشانيون، انهيءَ لاءِ ته اهي موٽي اچن. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ الَّذى ءاتَينٰهُ ءايٰتِنا فَانسَلَخَ مِنها فَأَتبَعَهُ الشَّيطٰنُ فَكانَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 175) |
(اي محمد!) هنن جي آڏو بيان ڪر ان ماڻهو جو حال، جنهن کي اسان پنهنجي آيتن جو علم ڏنو هو، پوءِ هو پابندين کان نڪري ڀڳو، شيطان سندس پٺيان لڳو، ته اهو به گمراهن ۾ شامل ٿي ويو. |
وَلَو شِئنا لَرَفَعنٰهُ بِها وَلٰكِنَّهُ أَخلَدَ إِلَى الأَرضِ وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الكَلبِ إِن تَحمِل عَلَيهِ يَلهَث أَو تَترُكهُ يَلهَث ذٰلِكَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَاقصُصِ القَصَصَ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 176) |
۽ جي اسان گهرون ها ته کيس هنن آيتن جي ڪري بلندي ڏيون ها پر هو ته لڙي پيو زمين ڏي ۽ پنهنجي نفساني خواهشن تي هلندو رهيو، تنهن ڪري سندس حالت ٿي ڪتي جهڙي، تون جي مٿس حملو ڪرين تڏهن به زبان ڪڍي سهڪي يا جي ڇڏي ڏين، پوءِ به زبان ڪڍي سهڪي، اهو ئي مثال انهن ماڻهن جو آهي جيڪي ڪوڙو چون ٿا اسان جي آيتن کي، پوءِ تون کين اهي ڳالهيون ٻڌائيندو رهه، شايد اهي غور فڪر ڪن. |
ساءَ مَثَلًا القَومُ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَأَنفُسَهُم كانوا يَظلِمونَ (آيت : 177) |
ڏاڍو بڇڙو مثال آهي انهن ماڻهن جو جن ڪوڙو ڪيو اسان جي آيتن کي، ۽ اهي پاڻ تي ئي ظلم ڪندا رهيا آهن. |
مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدى وَمَن يُضلِل فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 178) |
جنهن کي هدايت الله بخشي، بس اهو ئي هدايت وارو آهي، ۽ جنهن کي محروم ڪري پنهنجي رهنمائي کان، اهو ئي خساري ۾ آهي. |
وَلَقَد ذَرَأنا لِجَهَنَّمَ كَثيرًا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ لَهُم قُلوبٌ لا يَفقَهونَ بِها وَلَهُم أَعيُنٌ لا يُبصِرونَ بِها وَلَهُم ءاذانٌ لا يَسمَعونَ بِها أُولٰئِكَ كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ أُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 179) |
۽ اسان پئدا ڪيا آهن جهنم جي لاءِ ڪيترا ئي جن ۽ انسان، انهن کي دليون آهي پر اهي انهن سان سوچين نٿا ۽ انهن وٽ اکيون آهن پر هو انهن سان ڏسن نٿا، ۽ انهن وٽ ڪن آهن پر هو انهن سان ٻڌن نٿا، اهي ڄڻ ڍور هجن پر انهن کان به ويل، هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي غفلت ۾ ٻڏا پيا آهن. |
وَلِلَّهِ الأَسماءُ الحُسنىٰ فَادعوهُ بِها وَذَرُوا الَّذينَ يُلحِدونَ فى أَسمٰئِهِ سَيُجزَونَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 180) |
۽ الله سٺن نالن سان ئي سڏبو آهي، هو انهن جو حقدار آهي، ۽ ڇڏي ڏيو انهن ماڻهن کي جيڪي صحيح نالن رکڻ کان هٽي وڃن ٿا، هو ضرور ان جو بدلو ڀوڳيندا جيڪي هو ڪندا رهيا آهن. |
وَمِمَّن خَلَقنا أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 181) |
۽ اهڙو گروهه اسان جي مخلوق ۾ آهي جيڪو هدايت ڪري ٿو حق جي ۽ حق مطابق انصاف ڪري ٿو. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 182) |
۽ اهي ماڻهو جن ڪوڙو ڄاتو اسان جي آيتن کي انهن کي آهستگيءَ سان اهڙي دڳ لائبو جو تباهيءَ جو پتو ئي نه پوندن. |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 183) |
۽ آئون انهن کي ڍر ڏئي رهيو آهيان، منهنجي چال جو ڪوبه ٽوڙ نه آهي. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِهِم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 184) |
ڇا هنن ڪڏهن سوچيو نه آهي ته سندن ساٿي (محمد) تي ڪو چريائيءَ جو اثر نه آهي، اهو ته بلڪل خبردار ڪندڙ آهي. |
أَوَلَم يَنظُروا فى مَلَكوتِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ وَأَن عَسىٰ أَن يَكونَ قَدِ اقتَرَبَ أَجَلُهُم فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 185) |
ڇا هنن ماڻهن غور نه ڪيو آهي سڄي انتظام آسمان ۽ زمين جو، ۽ جيڪي خلقيو آهي الله ڇا ڪنهن شيءِ کي، انهن اکيون کولي ناهي ڏٺو؟ ڇا هنن اهو به نه سوچيو ته شايد سندن زندگيءَ جي مهلت جو وقت ويجهو هجي، هيٺ نبيءَ جي تنبيهه بعد هي ڇا تي ايمان آڻين؟ |
مَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلا هادِىَ لَهُ وَيَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 186) |
جنهن کي گمراهه ڪري الله ته ان لاءِ ڪوبه رهنما نه آهي، ۽ (الله) انهن کي سرڪشيءَ ۾ ڀٽڪندو ڇڏي ٿو. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ رَبّى لا يُجَلّيها لِوَقتِها إِلّا هُوَ ثَقُلَت فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا تَأتيكُم إِلّا بَغتَةً يَسـَٔلونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 187) |
تو کان پڇن ٿا (هي ماڻهو) ته آخر ڪڏهن ايندي قيامت جي گهڙي؟ چؤ (اي نبي!) ته بيشڪ ان جو علم ته منهنجي رب وٽ آهي، ان کي پنهنجي ئي وقت تي ظاهر ڪندو پاڻ، اهو سخت وقت هوندو آسمانن ۽ زمين ۾، اهو توهان جي مٿان اوچتو ايندو، تو کان پڇن ٿا هي ماڻهو اهڙيءَ طرح ڄڻ ته تون ان جي کوجنا ۾ هجين. چؤ (اي نبي!) ان جو علم به صرف الله وٽ آهي، پر گهڻا ماڻهو ان حقيقت کان اڻ واقف آهن. |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى نَفعًا وَلا ضَرًّا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ وَلَو كُنتُ أَعلَمُ الغَيبَ لَاستَكثَرتُ مِنَ الخَيرِ وَما مَسَّنِىَ السّوءُ إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ وَبَشيرٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 188) |
(اي محمد!) انهن کي چؤ ته، نٿو رکان آئون پنهنجي ذات جي لاءِ نفعي ۽ نقصان جو اختيار، الله جيڪي گُهري اهو ئي ٿيندو آهي، جي مون کي غيب جو علم هجي ها ته آئون پاڻ ڪيترا ئي فائدا وٺان ها، ۽ مون کي ڪڏهن به ڪو نقصان نه پهچي ها، آئون ته فقط (منڪرن کي) ڊيڄاريندڙ ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏيندڙ آهيان. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنها زَوجَها لِيَسكُنَ إِلَيها فَلَمّا تَغَشّىٰها حَمَلَت حَملًا خَفيفًا فَمَرَّت بِهِ فَلَمّا أَثقَلَت دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُما لَئِن ءاتَيتَنا صٰلِحًا لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 189) |
اهو (الله) ئي آهي جنهن توهان کي هڪ وجود مان پيدا ڪيو ۽ سندس جنس مان جوڙو (گهر واري کي) بڻايو، جيئن ان وٽ سڪون حاصل ڪري، پوءِ جڏهن مرد عورت کي ڍڪيو ته ان وٽ هلڪو حمل رهجي ويو، پوءِ (عورت) ان سان گهمي ڦري ٿي، پوءِ وري جڏهن ڳري ٿئي ٿي ته ٻنهي گڏجي الله پنهنجي رب کان دعا گهري ته جي اسان کي ڏنو چڱو ٻار ته اسين تنهنجا شڪرگذار رهنداسين. |
فَلَمّا ءاتىٰهُما صٰلِحًا جَعَلا لَهُ شُرَكاءَ فيما ءاتىٰهُما فَتَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 190) |
پوءِ جڏهن ڏنوسين انهن کي صحيح ۽ سالم ٻار، ته هو شريڪ ڪرڻ لڳا ٻين کي سندس انهيءَ بخشش ۾، مٿاهون آهي الله انهن شرڪ جي ڳالهين کان جيڪي هي ماڻهو ڪن ٿا. |
أَيُشرِكونَ ما لا يَخلُقُ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 191) |
(بيوقوف ماڻهو) انهن کي خدا جو شريڪ بنائن ٿا جيڪي ڪا شيءِ پئدا نٿا ڪن پر پاڻ پئدا ڪيا وڃن ٿا. |
وَلا يَستَطيعونَ لَهُم نَصرًا وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 192) |
جيڪي نه ته سندن مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نه وري پاڻ پنهنجي مدد جي سگهه رکن ٿا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَتَّبِعوكُم سَواءٌ عَلَيكُم أَدَعَوتُموهُم أَم أَنتُم صٰمِتونَ (آيت : 193) |
۽ جي انهن کي دعوت ڏيندؤ هدايت ڏانهن، ته اهي توهان جي پٺيان نه ايندا، کين سڏيو يا چپ رهو، ٻنهي صورتن ۾ توهان جي لاءِ برابر آهن. |
إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ عِبادٌ أَمثالُكُم فَادعوهُم فَليَستَجيبوا لَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 194) |
بيشڪ جن ماڻهن کي توهان پڪاريو ٿا خدا کي ڇڏي، اهي اهڙا ئي بندا آهن جهڙا توهين بندا آهيو، انهن کان دعائون ڀلي گهري ڏسو، اهي ڀلي انهن جو جواب ڏين، جي توهان سچا آهيو. |
أَلَهُم أَرجُلٌ يَمشونَ بِها أَم لَهُم أَيدٍ يَبطِشونَ بِها أَم لَهُم أَعيُنٌ يُبصِرونَ بِها أَم لَهُم ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها قُلِ ادعوا شُرَكاءَكُم ثُمَّ كيدونِ فَلا تُنظِرونِ (آيت : 195) |
ڇا انهن کي پير آهن جن سان هو هلن؟ ڇا انهن کي هٿ آهن جن سان هو پڪڙن؟ ڇا انهن کي اکيون آهن جن سان هو ڏسن؟ ڇا انهن کي ڪَن آهن جن سان اهي ٻڌن؟ (اي محمد!) کين چؤ ته، پنهنجي بنايل شريڪن کي سڏي وٺو، پوءِ سڀ گڏجي منهنجي خلاف رٿون رٿيو، هرگز مهلت نه ڏيو. |
إِنَّ وَلِۦِّىَ اللَّهُ الَّذى نَزَّلَ الكِتٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحينَ (آيت : 196) |
بيشڪ منهنجو حامي الله آهي جنهن هي ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ اهو حمايت ڪندو آهي نيڪن جي. |
وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَطيعونَ نَصرَكُم وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 197) |
ان جي ابتڙ توهان خدا کي ڇڏي جن کي پڪاريو ٿا، اهي طاقت نه ٿا رکن توهان جي مدد ڪرڻ جي. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَسمَعوا وَتَرىٰهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ وَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏهن پنهنجي مدد جي قابل آهن ته کين سڏيو سڌي راهه ڏي ته توهان جي ڳالهه نه ٻڌندا، ۽ توهان ڏسندؤ ظاهر ۾ ته اهي توهان کي پيا تڪين پر حقيقت ۾ اهي ڪجهه نٿا ڏسن. |
خُذِ العَفوَ وَأمُر بِالعُرفِ وَأَعرِض عَنِ الجٰهِلينَ (آيت : 199) |
(اي نبي!) نرمي ۽ معاف ڪرڻ جي راهه اختيار ڪر، چڱن ڪمن جي تلقين ڪر ۽ اٽڪي نه پؤ جاهلن سان. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 200) |
جي ڪنهن وقت توکي ڀٽڪائي شيطان ته پناهه گهر الله کان، بيشڪ اهو سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّقَوا إِذا مَسَّهُم طٰئِفٌ مِنَ الشَّيطٰنِ تَذَكَّروا فَإِذا هُم مُبصِرونَ (آيت : 201) |
تحقيق جيڪي ماڻهو متقي آهن، تن جو حال هي هوندو آهي جو ڪنهن وقت شيطان جي اثر کان ڪو برو خيال ٿي پوي ته هڪدم هوشيار ٿي ويندا آهن. |
وَإِخوٰنُهُم يَمُدّونَهُم فِى الغَىِّ ثُمَّ لا يُقصِرونَ (آيت : 202) |
باقي رهيا دوست شيطانن جا، اهي کين گمراهيءَ ۾ گهليندا وتن ٿا، ان ۾ ڪابه ڪسر نٿا ڇڏين. |
وَإِذا لَم تَأتِهِم بِـٔايَةٍ قالوا لَولَا اجتَبَيتَها قُل إِنَّما أَتَّبِعُ ما يوحىٰ إِلَىَّ مِن رَبّى هٰذا بَصائِرُ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 203) |
(اي نبي!) جڏهن انهن جي آڏو ڪا نشاني (معجزو) پيش نٿو ڪرين، ته چون ٿا، تو پنهنجي لاءِ ڪا نشاني ڇو نه اختيار ڪئي؟ تون چؤ، آئون ته ان وحي جي پيروي ڪريان ٿو جيڪا منهنجو رب مون ڏي موڪلي ٿو، هي (قرآن) توهان جي رب وٽان سوجهرو، هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ان کي قبول ڪن. |
وَإِذا قُرِئَ القُرءانُ فَاستَمِعوا لَهُ وَأَنصِتوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 204) |
۽ جڏهن پڙهيو وڃي قرآن توهان جي آڏو ته ان کي ٻڌو ڌيان سان ۽ چپ رهو، من توهان تي به رحمت ٿي وڃي. |
وَاذكُر رَبَّكَ فى نَفسِكَ تَضَرُّعًا وَخيفَةً وَدونَ الجَهرِ مِنَ القَولِ بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ وَلا تَكُن مِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 205) |
۽ (اي نبي!) ياد ڪر پنهنجي رب کي دل ئي دل ۾ زاري ۽ خوف سان هوريان هوريان آواز ۾ ۽ انهن ماڻهن مان نه ٿيءُ جيڪي غفلت ۾ پيل آهن. |
إِنَّ الَّذينَ عِندَ رَبِّكَ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَيُسَبِّحونَهُ وَلَهُ يَسجُدونَ (آيت : 206) |
بيشڪ جيڪي (ملائڪ) تنهنجي رب جي حضور ۾ ويجهڙائيءَ جو درجو رکن ٿا، اهي سندس عبادت ۾ غرور ۾ اچي منهن نٿا موڙين، سندس تسبيح ڪن ٿا ۽ سندس آڏو جهڪيل رهن ٿا. |