| الحاقَّةُ (آيت : 1) |
|
ٿيڻي ئي ٿيڻي (قيامت) |
| مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
|
ڇا آهي اها ٿيڻي ئي ٿيڻي؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ٿيڻي ئي ٿيڻي ڇا آهي؟ |
| كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
|
ثمود ۽ عاد انهيءَ اوچتو اچي پوڻ واري آفت کي ڪوڙ ڀانيو |
| فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
|
ته ثمود (جي قوم وارا) هڪڙيءَ سخت آفت (قيامت) وسيلي تباهه ڪيا ويا |
| وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
|
۽ عاد هڪڙيءَ زبردست طوفاني هوا سان تباهه ڪيا ويا |
| سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
|
جيڪا الله مٿن ساندهه ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن مڙهي ڇڏي هئي (تون اتي هجين ها ته) ڏسين ها ته هو اتي ائين ســَـٽيا پيا هئا، جو ڄڻڪ کجيءَ جا ڀــُـتا ٿــڙ آهن |
| فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
|
ڇا توکي انهن منجهان ڪو باقي بچيل نظر اچي ٿو؟ |
| وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
|
۽ اهڙو ئي وڏو گناهه فرعون ۽ کانئس اڳ ٿي گذريل ماڻهن ۽ اونڌو ٿيندڙ ڳوٺن به ڪيو هو |
| فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
|
انهن سڀني پنهنجي رب جي رسول جي ڳالهه نه مڃي ته هن ڏاڍو سخت جڪڙي ڇڏين |
| إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
|
جڏهن ٻوڏ وارو پاڻي حد کان ٽپي ويو ته اسان توهان کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيوسون |
| لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
|
تانته انهيءَ واقعي کي توهان لاءِ نصيحت جو نشان بڻائي ڇڏيون ۽ ياد رکڻ وارا ڪــَـنَ ان کي ياد ڪري ڇڏين |
| فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ جڏهن هڪ ڀيرو صور ۾ ڦوڪيو ويندو |
| وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
|
۽ زمين ۽ جبلن کي مٿي کڻي هڪ ئي ڌڪ سان ذرا ذرا ڪيو ويندو |
| فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
|
ته انهيءَ ڏينهن اهو ٿيڻ وارو (واقعو) پيش ايندو |
| وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
|
انهيءَ ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ ان جا ٻنڌڻ ڍلا ٿي پوندا |
| وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
|
۽ ملائڪ ان جي پاسن کان هوندا ۽ اٺ فرشتا انهيءَ ڏينهن تنهنجي رب جو عرش پنهنجي مٿان کنيو بيٺا هوندا |
| يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
|
انهيءَ ڏينهن توهان پيش ڪيا ويندؤ ۽ توهان جو ڪوبه راز لڪل نه رهندو |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
|
پوءِ انهيءَ وقت جنهن کي سندس اعمالنامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، اهو چوندو ته "ڏسو، پڙهو منهنجو اعمالنامو |
| إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
|
مان سمجهندو هوس ته مونکي ضرور پنهنجو حساب ڪتاب ملڻو آهي" |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
|
ته پوءِ هو دل گهرين عيشن ۾ هوندو |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
|
مٿانهينءَ جنت ۾ |
| قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
|
جنهن جي ميون جا ڇڳا هيٺ جهڪي رهيا هوندا |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
|
(اهڙن ماڻهن کي چيو ويندو) مزي سان کائو پيئو پنهنجن انهن عملن جي عيوض جيڪي توهان گذري ويل ڏينهن ۾ ڪيا آهن |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
|
۽ جنهن کي سندس اعمالنامو کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته هو چوندو: "جيڪر منهنجو اعمالنامو مونکي نه ڏنو وڃي ها |
| وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
|
۽ نڪي مان ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڪتاب ڇا آهي |
| يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
|
جيڪر ته منهنجو (دنيا وارو) موت ئي سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏي ها |
| ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
|
اڄ منهنجو مال منهنجي ڪنهن ڪم نه آيو |
| هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
|
منهنجو اقتدار ڪک پن ٿي ويو" |
| خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
|
(حڪم ٿيندو) پڪڙيوس وجهوس ڳٽ ڳچيءَ ۾ |
| ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
|
پوءِ کيس جهنم ۾ سٽيوسِ |
| ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
|
پوءِ ستر هٿ ڊگهي زنجير ۾ جڪڙي ڇڏيوس |
| إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
|
اهـو نـڪي الله وڏي ۽ مٿانهين تي ايمان آڻيندو هو |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
|
۽ نه مسڪين کي کاڌي کارائڻ لاءِ همٿائيندو هو |
| فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
|
پوءِ ته اڄ هتي نه سندس ڪو دوست آهي |
| وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
|
۽ نه وري ڦٽن جي گند پونءِ کان سواءِ کائڻ لاءِ ٻي ڪا شيءِ |
| لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
|
جنهن کي سواءِ گناهگارن جي ٻيو ڪوبه نه کائيندو آهي |
| فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
|
پوءِ نه، مان قسم ٿو کڻان انهن شين جو جن کي توهان ڏسو ٿا |
| وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
|
۽ انهن جو به، جن کي توهان نٿا ڏسو |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
|
اهو هڪ مانواري رسول جو قول آهي |
| وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
|
ڪنهن شاعر جو قول ناهي، توهان گهٽ ئي ايمان آڻيو ٿا |
| وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
|
۽ نه وري اهو ڪنهن ڀوپي (نجوميءَ) جو قول آهي، توهان گهٽ ئي سوچ ڪريو ٿا |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
|
اهو رب العالمين جي طرف کان نازل ٿيل آهي |
| وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏهن هن (نبيءَ) پاڻ ٺاهي ڪي ڳالهيون اسان تي هنيون هجن ها |
| لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
|
ته اسان سندس ساڄو هٿ پڪڙي جهليون ها |
| ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
|
۽ پوءِ سندس نــڙيءَ جي رڳ ڪپي ڇڏيون ها |
| فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
|
۽ توهان مان ڪوبه (اسان کي) ان ڪم کان روڪڻ وارو نه هجي ها |
| وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
|
حقيقت ۾ اهو پرهيزگار ماڻهن لاءِ هڪڙي نصيحت آهي |
| وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
۽ اسان بلڪل ڄاڻون ٿا ته توهان منجهان ڪي ماڻهو ڪوڙو سڏڻ وارا آهن |
| وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
|
اهڙن ڪافرن لاءِ اهو بيشڪ افسوس جو ڪارڻ آهي |
| وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
|
۽ اهو بلڪل يقين تي ٻڌل حق آهي |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
|
تنهن ڪري اي نبي! تون پنهنجي عظيم رب جي پاڪائي بيان ڪندو رهه |