| الحاقَّةُ (آيت : 1) |
|
سچ پچ هئڻ واري (قيامت). |
| مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
|
اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شيءَ آهي. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شيءَ آهي. |
| كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
|
(اها ئي) وڏي مصيبت واري جنهن کي عاد ۽ ثمود (جي قوم) ڪوڙو ڪيو. |
| فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
|
پوءِ ثمود (جي قوم) کي سخت چيخ سان هلاڪ ڪيو ويو. |
| وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
|
۽ عاد (جي قوم) کي تيز هوائن سان هلاڪ ڪيو ويو. |
| سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
|
جنهن کي خدا مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳو لڳ هلايو ته تون ماڻهن کي اهڙي طرح ڊٺل (۽ مئل) ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ آهن. |
| فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
|
پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ |
| وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
|
۽ فرعون ۽ جي ماڻهون انهن کان اڳ هئا ۽ اهي ماڻهو (قوم لوط) جي اڇلايل ڳوٺن وارن (کي جي) سڀئي گنهگارن هئا. |
| فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
|
پوءِ انهن ماڻهن پنهنجي پروردگار جي رسول جي نافرماني ڪئي ته خدا به مٿن سخت پڪڙ (نازل) ڪئي. |
| إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
|
جڏهن پاڻي حد کان مٿي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون. |
| لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
|
هن لاءِ ته اسين ان کي اوهان جي لاءِ يادگار بڻايون ۽ ان کي ياد رکڻ وارا ڪن لائي (ٻڌي) ياد رکن. |
| فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي. |
| وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
|
۽ زمين ۽ جبل مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ڀيري ريزه ريزه ڪيو ويندو. |
| فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
|
ته ان ڏينهن قيامت اچي ئي ويندي. |
| وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ آسمان ڦاٽي پوندو پوءِ اهو ان ڏينهن بروبر ٿي پيو هوندو. |
| وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
|
۽ فرشتا ان جي ڪنارن تي هوندا. ۽ تنهنجي پروردگار جي عرش کي ان ڏينهن اٺ فرشتا کڻندا. |
| يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
|
ان ڏينهن اوهان سڀني کي (خدا جي سامهون) پيش ڪيو ويندو ۽ اوهان جي ڪا به ڳالھ لڪي نه رهندي. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
|
پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان ماڻهن کي) چوندو ته وٺو منهنجو اعمال نامو پڙهو. |
| إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
|
مون کي پڪ هئي ته مون کي ضرور منهنجو حساب (ڪتاب) ملندو (سو مليو). |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ اهو دل پسند عيش ۾ هوندو. |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
|
وڏي عاليشان باغ ۾. |
| قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
|
جنهن جا ميوا ويجها هوندا. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
|
(اتي جيئن ئي) جي ڪم اوهان گذريل ڏينهن ۾ ڪري اڳي موڪليا هئا تنهن جي صله ۾ مزي سان کائو ۽ پيو. |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
|
۽ جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي کٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو چوندو ته افسوس! جيڪر مون کي منهنجو عملنامو نه ڏنو وڃي ها. |
| وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
|
۽ نڪي مون کي خبر پوي ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟ |
| يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
|
هاءُ! ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو خاتمو ڪري ها. |
| ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
|
افوسوس! مون کي منهنجو مال ڪجھ ڪم نه آيو. |
| هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
|
هاءِ! هاءِ! منهنجي حڪومت چٽ ٿي ويئي. |
| خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
|
(پوءِ حڪم ٿيندو) هن کي گرفتار ڪريو ۽ طوق پهرايو. |
| ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
|
وري دوزخ ۾ وجهوس، |
| ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
|
وري اهڙي زنجير ۾ جڪڙيوس! جنهن جي ڊيگھ ستر هٿ هجي. |
| إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
|
ڇو ته اهو بزرگ خدا تي ايمان نه آڻيندو هو. |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
|
۽ نه مسڪين جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق ڏياريندو هو. |
| فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
|
سو اڄ ان جو نڪو دوست آهي. |
| وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
|
۽ نه (ان لاءِ) ڦٽن جي روڳ کان سواءِ پيو ڪو کاڌو آهي. |
| لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
|
جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪو به نه کائيندو. |
| فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
|
پوءِ مون کي انهن شين جو قسم آهي جن کي اوهين ڏسو ٿا. |
| وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
|
۽ جن کي نه ٿا ڏسو. |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
|
ته بيشڪ هي (قرآن) هڪ عزت واري فرشتي جو آندل پيغام آهي. |
| وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
|
۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. اوهين بلڪل ٿورو ايمان آڻيو ٿا. |
| وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
|
۽ نه ڪنهن اڳ ڪٿي ڪرڻ واري (ڪاهن) جو ڪلام آهي، اوهين تمام ٿورو ڌيان ڏيو ٿا. |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
|
ساري جهان جي پروردگار جو نازل ڪيل (ڪلام) آهي. |
| وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
|
۽ (رسول) جيڪڏهن ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي. |
| لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
|
ته اسين سڄو هٿ ان جو جهليون. |
| ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
|
۽ سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون. |
| فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
|
۽ اوهان مان ڪو به (اسان کي) ان کان روڪڻ وارو نه آهي. |
| وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
|
۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي. |
| وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو ڪندڙ آهن. |
| وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
|
۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي. |
| وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
|
۽ بيشڪ اهو (قرآن) يقينا برحق آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
|
پوءِ (اي پيغمبر) تون پنهنجي بزرگ پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر! |