الحاقَّةُ (آيت : 1) |
حقا حق موجود، |
مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
حق حَقيقت ڪِهڙي؟ |
وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
۽ حق حَقِيقت آهي ڇا؟ ڪِنهن خبرڏِنئي خُوشنود! |
كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
ڪُوڙو ڪَڙڪيدار کي، سَڏيو عاد، ثمود، |
فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
پوءِ ثمود صفا ناس ٿيا، هِڪ هَڪل سان بيهود، |
وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
پوءِ عاد تُند باد سان، مارِيا وِيا مَردُود، |
سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
سَت راتيون، سانده اَٺ ڏينهن، واريسِ مَٿِن وُدود، پوءِ ڪِريل ڏِسِين قوم سَڄِي، ظاهِر مَنجھسِ زود، ڪر پَٽِيَل پاڙان کَجيون، ناڀن کان نابُود، |
فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
پوءِ هاڻي تِنهن حُدود، ڪوپَسِين پاڇاندو اُنهن جو؟ |
وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
۽ ڦيريالو فِرعون سو، پڻ جي مَهند تِنهان مُردار، ۽ اُڀي ڳاٽي، ڳوٺ سي؛ نِسنگ نِگو سار، |
فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
جِن مَڃـيو نه پَنهنجي مالڪ جو، مُرسل مَڻيادار، پوءِ وَرتو وَٺ اُنهن کي، چَڙهندڙ چوٽيان پار، |
إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
سَچ ته جڏهن جَر جوش ڪيو، ٿيو پاڻِي پُرهن تار، اَسان اُٺايو آن کي، مَنجھ ڪِشتي برقرار، |
لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
ته ڪريون اَوهان لئي اُن کي، عِبرت جو اَذڪار، ۽ ٻُڌندڙ ڪَن ٻِيهار، جانڪي رَکيسِ جاڻ ۾. |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
جڏهن ڏنڊ ۾ ڦوڪبو، فقط ڦُوڪ هِڪڙِي ڦُو، |
وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
کَنيو وِيو خاڪ کي، پڻ جَبل، جيڪِي مَنجھ جُو، ٺوڪيا ٺوڪر هيڪڙِي، پوءِ ڌَڙ ڌَڙ ڌرتِي ڌُو، |
فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
تڏهن واڪِيندڙ واڪو ڪيو، ٿئـِي قِيامت قابُو، |
وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
۽ ڦاٽو اُڀ اُن ڏِينهن ۾، پوءِ اُن هوندو اُو، |
وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
۽ اُن جي پاسن کان پَهري مَٿي، هُوندا مَلڪ هر سُو، تُنهنجي آگي جي عرش کي، جِنهن جو دنگ هِي نه هُو، ۽ اُن ڏِينهن اُٺائـِين اَٺ ڄَڻا، برسِر ڏيئـِي بازُو، |
يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
آڻي ڪبا اُن ڏِينهن ۾، رَبَّ جي رُوبَرُو، پوءِ خالِق ڪَنان خُوْ، اَنهن جِي لِک لِڪِي نه رهي. |
فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
پر پوءِ مِلي جِنهن پاس، سَندسِ سائي هَٿ ۾، چَوندو چِٺِي مُنهنجِي پَڙهو، ته پُڄيمِ آس، |
إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
هرگز حَرف حِساب جو، مون کي اڳي هُئو اِحساس، ته ڏِسڻو اَٿمِ ڏِينهن هيڪڙي، توڙان توڙ تپاس، |
فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
پوءِ گھڻو خُوش گُذران ۾، اُو هوندا حَقّ شناس، |
فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
بلند باغ بهشت ۾، ويٺا وَٺنِ واس، |
قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
جِھميل جُھڳٽ جِن جا، ميوا رَسِيَل راس، |
كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
کائو پِيو خُوب طرح، سَر پَڪا هر پاس، جي عَمل اُماڻيان اَڳڀرو، چکو تِن جِي چاش، ڪيان جِن سان پاس، هُو جي ڏِينهن لنگھيا، هُن ڏيہ ۾. |
وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
پر ڏِبو مَنجھ ڏاءِ، جِنهن کي ڪِتاب سَندسِ ڪَمن جو، چڱو ته چِٺِي نه مِلٖيمِ ها! پوءِ ڳهلو اِيئَن ڳالهاءِ، |
وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
۽ هُوند سَندمِ حِساب مان، حرف نه ڄاتمِ هاءِ!، |
يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
هِي مارِيندڙ مُورهِين، ويٺَسِ سَڀ وِڃاءِ، |
ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
ويئـِي مون کان، واءِ!، |
هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
هَر ڪا هُجت هار جِي. |
خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
وَٺو وِهلو اُن کي، هَڻوسِ ڳِچِئَ ۾ ڳَٽ، |
ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
وَرِي وِجهو تِنهن کي، جَهنّم ۾ جَهٽ پَٽ، |
ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
پوءِ سَتَر نَريون ڊيگھ جِنهن، سو هَڻوسِ نِيّر نِپٽ، |
إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
ڄاڻندو نه هو ڄَٽ، ايڏي وَڏي اَلله کي. |
وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
۽ کارائـِڻ تي کُٽل جي، کَڙو نه ٿئي خُوار، |
فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
پوءِ اَڄ نه هِت اُن جو، ڪو هرگز حامِي يار، |
وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
۽ کاڌو نه تِنهن خوار جو، روڳ رُڳي کان ڌار، |
لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
اُهو طعام تيار، نه چکنسِ چُوڪ وارن سوا. |
فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
پوءِ گُواھ ڇو نه گُذاريان؟ جي ڏِسو |
وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
۽ نه ڏسو ڏُور، |
إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
ته بي شڪ ڀَلي رَسُول جو، هِي موچارو مَذڪُور، |
وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
۽ ڪونهِي ڪو قول اِهو، ڪِنهن شاعر بي شُعور، وِسهو ٿا وَهلور!، وِڙلي اِن وحِئَ کي. |
وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
۽ نَه جاڙُون جادوگر جون، ٿا ٿورو پِرايو پاڻ، |
تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
هِي اُتارا اُهڃاڻ، ڏيهَن جي ڏاتار کان. |
وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
۽ ڪي ڪُوڙيون ڳالهيون اَسان تي، ٻولَيئـِن هُوند ٻِيهار، |
لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
ته پَڪ پَڪڙيو سُون اُن کي، سوگھو سَڄي پار، |
ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
ڪَپِي سُونسِ رَڳ قَلب جِي، تِهانپوءِ تَڪرار، |
فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
اوهان مان ڪو هيڪڙو، ڪونهي بَرقرار، اُنِهئَ کان آزار، جَھلِيندڙ جَھان ۾. |
وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ آهي پَڪ پاڪن لئي، هِئَ نَصِيحت نِبار، |
وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
۽ اَوهان مان ڪُل ڪُوڙن جِي، رَکون سار سَنڀار، |
وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
هِي اَفسوس اِنڪاريَن تي، |
وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
۽ هِي سَچو اِعتبار، |
فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
پوءِ ساراهِج صَد بار، سانيَئي صدر جي نام کي. |