| الحاقَّةُ (آيت : 1) |
|
ثابت ٿيڻ واري (سزا) |
| مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
|
اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ |
| كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
|
ثمود ۽ عاد (جي قومن) وڏي مصيبت (جي اچڻ) کي ڪوڙو ڪيو. |
| فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
|
پوءِ ثمود (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ (سخت آواز) سان هلاڪ ڪيو ويو. |
| وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
|
۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ تيز هوا سان هلاڪ ڪيو ويو، |
| سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
|
جنهن کي (الله) مٿن ست راتيون۽ اٺ ڏينهن لڳاتار مقررڪيو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون ڏسين ته) تون ان قوم کي ان (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ آهن. |
| فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
|
پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ |
| وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
|
۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ اڇلايل شهرن وارن ڏوهه ڪيو. |
| فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
|
پوءِ پنهنجي پاليندڙ جي موڪليل (رسول) جي نافرماني ڪيائون پوءِ الله کين تمام سخت پڪڙ ڪئي. |
| إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
|
(اي ماڻهو !) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون. |
| لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
|
هن لاءِ ته ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُ ياد رکي. |
| فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي |
| وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
|
۽ زمين ۽ جبل مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ئي ڀيري ڪٽي سنئون ڪيو ويندو |
| فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
|
تڏهن ان ڏينهن ٿيڻ واري (قيامت) ٿي پوندي، |
| وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اهو ان ڏينهن ڳريو پيو هوندو، |
| وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
|
۽ ملائڪ ان جي ڪنارن تي هوندا، ۽ تنهنجي پاليندڙ جو تخت ان ڏينهن اٺ ملائڪ پاڻ تي کڻندا، |
| يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
|
ان ڏينهن اوهان کي (الله جي) سامهون ڪيو ويندو. اوهانجي ڪابه ڳالهه (الله کان) لڪل نه رهندي. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
|
پوءِ جنهن کي سندس اعمالنامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان) چوندو ته وٺو منهنجو عملنامون پڙهو. |
| إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
|
مون کي يقين هو ته ضرور مون کي منهنجو حساب (عملنامون) ملندو (سو مليو) |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ اهو وڻندڙ گذران ۾ هوندو، |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
|
مٿاهين باغ ۾ ، |
| قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
|
جنهن جا ميوا ويجها هوندا |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
|
(اتي چئبن ته) جو اوهان گذريل ڏينهن ۾ اڳي موڪليو هوتنهن جي ڪري سلامتيءَ سان کائو ۽ پيئو. |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
|
۽ جنهن کي سندس عملنامون سندس کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو چوندو ته جيڪر مون کي پنهنجو عملنامون نه ڏنو وڃي ها. |
| وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
|
۽ نڪي مون کي خبر پوي ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟ |
| يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
|
ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو خاتمو ڪندڙ هجي ها. |
| ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
|
مون کي منهنجو مال ڪجهه ڪم نه آيو. |
| هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
|
مون کان منهنجي بادشاهي چٽ ٿي ويئي. |
| خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
|
ان کي جهليو پوءِ ڳٽ ٻڌوس، |
| ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
|
وري دوزخ ۾ وجهوس، |
| ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
|
وري اهڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنهن جي ڊيگهه ستر هٿ هجي، |
| إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
|
ڇو ته اهو وڏائي واري الله تي ايمان نه آڻيندو هو، |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
|
۽ نه مسڪين جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق ڏياريندو هو. |
| فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
|
سو اڄ اُن جو هتي نڪو دوست آهي، |
| وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
|
۽ نه (ان لاءِ) ڦٽن جي روڳ کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو آهي، |
| لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
|
جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه کائيندو. |
| فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
|
پوءِ (اي ماڻهو !) جن (شين) کي اوهين ڏسو ٿا |
| وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
|
۽ جن کي نه ٿا ڏسو، انهن جو قسم کڻان ٿو، |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
|
ته بيشڪ اهو (قرآن) خوبين واري پيغام پهچائيندڙ (ملائڪ) جو ئي ڪلام آهي |
| وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
|
۽ نه اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام آهي. اوهين بالڪل ٿورو يقين ڪريو ٿا. |
| وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
|
۽ نه ڪنهن اڳ ڪٿي ڪرڻ واري (ماڻهو) جو ڪلام آهي، اوهين تمام ٿورو ڌيان ڏيو ٿا. |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
|
اهو جهانن جي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيل آهي. |
| وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏهن (پيغمبر) ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي، |
| لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
|
ته اسين ساڄو هٿ ان جو جهليون، |
| ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
|
پوءِ سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون |
| فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
|
پوءِ اوهان مان ڪوبه (اسان کي) ان کان روڪڻ وارو نه آهي. |
| وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
|
۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي، |
| وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو ڪندڙ آهن. |
| وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
|
۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي. |
| وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
|
۽ بيشڪ اهو (قرآن) خالص يقين آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
|
پوءِ (اي پيغمبرﷺ !) وڏائي واري پنهنجي پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر! |