القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡحَآقَّــۃِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 52


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الحاقَّةُ (آيت : 1)

ثابت ٿيڻ واري.

مَا الحاقَّةُ (آيت : 2)

ڇا آهي ثابت ٿيڻ واري؟

وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3)

۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ثابت ٿيڻ واري ڇا آهي؟

كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4)

ثمود ۽ عاد (جي قومن) ان سخت صدمو ڏيندڙ (قيامت) کي ڪوڙو سمجھيو.

فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5)

پوءِ ثمود وارا بي حد خوفناڪ آواز جي ذريعي هلاڪ ڪيا ويا.

وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6)

۽ پر عاد وارا بيحد سخت تيز هوا جي ذريعي هلاڪ ڪيا ويا.

سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7)

ان (تيز هوا) کي الله انهن تي ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار مقرر ڪيو، پوءِ تون انهن ماڻهن کي (ان دوران ڏسين ها ته) ائين مُئل پيو ڏسين ها، ڄڻڪ اُهي کجيءَ جا کوکلا ٿُـــڙَ ڪريل آهن.

فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8)

پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟

وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9)

۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ (قومِ لوط جي)اونڌي ڪيل ڳوٺن وارا (به اهڙا ئي) گناهه کڻي آيا.

فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10)

پوءِ انهن پنهنجي پالڻهار جي رسول جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله انهن جي زور سخت پڪڙ ڪئي.

إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11)

جڏهن (نوح واري طوفان ۾) پاڻي حد کان ٽپي ويو تڏهن اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو.

لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12)

هن لاءِ ته اسان ان (واقعي) کي توهان لاءِ نصيحت بنايون ۽ محفوظ رکڻ وارا ڪن ان کي ياد رکن.

فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13)

پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڀيرو ڦوڪ ڏني ويندي.

وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14)

۽ زمين ۽ جبلَ (پنهنجي جاءِ کان) مٿي کنيا ويندا ۽ هڪ ئي ڌڪ ۾ ذرا ذرا ڪيا ويندا.

فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15)

پوءِ ان ڏينهن واقع ٿيڻ واري (قيامت) واقعي ٿي پوندي.

وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16)

۽ آسمان ڦاٽي پوندو پوءِ اهو ان ڏينهن ڪمزور ڦاٽل هوندو.

وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17)

۽ ملائڪ ان جي ڪنارن تي هوندا. ۽ ان ڏينهن تنهنجي پالڻهار جي عرش کي اٺ ملائڪ پنهنجي مٿان کڻندا.

يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18)

ان ڏينهن توهان (الله اڳيان) پيش ڪيا ويندا توهان جو ڪو راز ڳجهو نه رهندو.

فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19)

پوءِ جنهن ماڻهو کي سندس اعمال نامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته اُهو (خوشيءَ ۾) چوندو: ”اچو منهنجو هي اعمال نامو پڙهو.

إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20)

بيشڪ مون کي يقين هيو ته مون کي پنهنجو حساب ملڻو آهي“.

فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21)

پوءِ اُهو هڪ دلپسند عيش (واري زندگي) ۾ هوندو.

فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22)

مٿاهين جنت ۾.

قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23)

جنهن جا ميوا جهڪيل هوندا.

كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24)

(کين چيو ويندو) مزي سان کائو ۽ پيئو پنهنجي انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان گذريل (زندگي جي) ڏينهن ۾ اڳتي موڪليا هئا.

وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25)

۽ پر اُهو ماڻهو جنهن جو اعمال نامو ان جي کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو پوءِ اُهو چوندو: ”هائو جي مون کي منهنجو اعمال نامو نه ڏنو وڃي ها.

وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26)

۽ آءٌ نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟

يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27)

ڪاش! جي اهو (موت منهنجو) ڪم ئي پورو ڪري ڇڏي ها.

ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28)

منهنجي مال به مون کي ڪو نفعو نه ڏنو.

هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29)

مون کان منهنجي طاقت به چَٽُ ٿي وئي“.

خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30)

(حڪم ٿيندو) ”ان کي پڪڙيو پوءِ ان کي ڳٽ وجهو.

ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31)

پوءِ ان کي دوزخ ۾ ڦِٽي ڪيو.

ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32)

پوءِ هڪ زنجير ۾ جنهن جي ڊيگهه ستر گز آهي پوءِ ان ۾ کيس ٻڌو.

إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33)

بيشڪ اهو وڏي عظمت واري الله تي ايمان نه رکندو هيو.

وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34)

۽ نه محتاج کي ماني کارائڻ جي رغبت ڏياريندو هيو.

فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35)

پوءِ ان جي لاءِ اڄ ڏينهن هتي ڪوبه دلي دوست ناهي.

وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36)

۽ نه ان جي لاءِ ڪو کاڌو آهي سواءِ ڦَٽن جي پُونءِ جي.

لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37)

جنهن کي گنهگارن کان سواءِ ڪوبه ڪونه کائيندو“.

فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38)

سو مون کي قسم آهي انهن شين جو جن کي توهان ڏسو ٿا.

وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39)

۽ انهن شين جو جن کي توهان نه ٿا ڏسو.

إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40)

ته بيشڪ اهو (قرآن) ڪرم واري رسول جو قول آهي.

وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41)

۽ هي ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. توهان ٿورڙو يقين ڪيو ٿا.

وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42)

۽ نه هي ڪنهن اڳ ڪٿي ڪندڙ (ڀوپي) جو ڪلام آهي. اوهان تمام ٿورڙي نصيحت پرايو ٿا.

تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43)

سڀ جهانن جي پالڻهار پاران نازل ڪيل آهي.

وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44)

۽ جيڪڏهن اهو (نبي ڪريم) ڪي ڳالهيون پاڻ گهڙي اسان تي هڻي ها.

لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45)

ته اسان ان کي پوري طاقت سان پڪڙيون ها.

ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46)

پوءِ اسان ضرور ان جي شهه رڳ ڪٽي ڇڏيون ها.

فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47)

پوءِ توهان مان ڪوبه (اسان کي)ان کان روڪڻ وارو نه هجي ها.

وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48)

۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.

وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49)

۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته توهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو چوڻ وارا آهن.

وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50)

۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي.

وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51)

۽ بيشڪ اهو (قرآن) يقيني حق آهي.

فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52)

پوءِ پنهنجي عظمتن واري پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025