الحاقَّةُ (آيت : 1) |
ثابت ٿيڻ واري (سزا ۽ تباهي اجهو ثابت ٿي). |
مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ |
وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (اسان کان وڌيڪ توکي بهتر سمجهائڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو). |
كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
(ساڳي تباهي توکان اڳين قومن تي به آئي ۽) ثمود ۽ عاد (جي قومن بدعملين جي نتيجي ۾) وڏي مصيبت (جي اچڻ) کي ڪوڙو ڪيو. |
فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
پوءِ ثمود (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ (سخت آواز) سان هلاڪ ڪيو ويو. |
وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ تيز (ٿڌي) هوا سان هلاڪ ڪيو ويو. |
سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
جنهن کي (الله)مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار هلايو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون اتي ڏسين ها ته) تون ان قوم کي ان زمين تي ائين منهن ڀر اونڌو) ڪريل ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ (پيل) آهن. |
فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ (اهي ڌرتيءَ تان نيست ۽ نابود ٿي ويا. |
وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا (تن جو به بڇڙو حشر ٿيو) ۽ (حضرت لوط جي قوم جو به) جن جون وستيون اونڌيون ڪري سٽيون ويون جو ڏوهه ڪيائون. |
فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
پوءِ انهن پنهنجي پالڻهار جي موڪليل (رسول) جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله (جي مڪافات واري قانون) کين تمام سخت پڪڙ ڪئي. |
إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
(اي ماڻهؤ! نبين جي ساٿ ڏيڻ تي اسان توهان جو ساٿ ڏنو ۽ نوح نبيءَ جي وقت ۾) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون. |
لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
هن لاءِ ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگار (۽ عبرت) بڻايون ۽ ان (قسم جي مڪافات وارن واقعن) کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَن (نصيحت وٺڻ جي لاءِ) ياد رکي. |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
پوءِ جڏهن (وري آخرت جي مڪافات وارو مرحلو ايندو ته ان وقت) صورت ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي. |
وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
۽ (ان وقت) زمين ۽ جبل (پنهنجي جاءِ تان) مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ئي ڀيري کڻي ذريون ذريون ڪيو ويندو. |
فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
تڏهن ان ڏينهن ٿيڻ واري (قيامت) ٿي پوندي. |
وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
۽ آسمان ڦاٽندو، پوءِ اهو ان ڏينهن لاچار ٿيل هوندو. |
وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
۽ ملائڪ (جيڪي ان تي ڦهليل آهن سي) ان جي ڪنارن تي هوندا، ۽ تنهنجي پاليندڙ (جي انوار ۽ تجلين) جو (مرڪز ۽) تخت ان ڏينهن (ميدان ۾ محشرت ۾ آڻي) اٺ ملائڪ پاڻ تي کڻندا. |
يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
ان ڏينهن اوهان کي (الله جي) سامهون ڪيو ويندو، اوهان جي ڪابه ڳالهه (الله کان) لڪل نه هوندي. |
فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامون سندس سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان) چوندو ته، وٺو منهنجو عمل نامون پڙهو. |
إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
مون کي يقين هو ته، ضرور (دنيا ۾ ڪيل نيڪ عملين وارو) حساب مونکي ملندو. (سو مليو). |
فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
پوءِ اهو (پنهنجي لاءِ) وڻندڙ مزن ۾ هوندو. |
فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
(انهن مزن جي) اعليٰ بهشت ۾ هوندو. |
قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
جنهن جا ميوا (ايترو ته) جهڪيل هوندا. (جو آسانيءَ سان پڪڙي سگهبا). |
كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
(اتي کين چيو ويندو ته) انهن (نيڪو ڪارين) جي صلي ۾ جيڪي اوهان گذريل ڏينهن ۾ اڳي موڪليون هيون، سلامتيءَ سان کائو ۽ پيئو. |
وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
۽ جنهن کي سندس اعمالنامو سندس کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (نهايت حسرت ۽ ندامت وچان) چوندو ته جيڪر مونکي پنهنجو اعمالنامو نه ڏنو وڃي ها! |
وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
۽ نڪي مونکي خبر پوي ها ته منهنجو (هيڏانهن موڪليل عملن جو) حساب ڇا آهي؟ |
يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو (دائمي) خاتمو ڪندڙ هجي ها. |
ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
(افسوس جو) مونکي منهنجو مال ڪجهه ڪم نه آيو. (جنهن تي زندگيءَ ۾ آءٌ پڏندو هوس. |
هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
منهنجي معتبرائپ به مون کان هلي وئي. |
خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
(پوءِ ان ماڻهوءَ لاءِ ملائڪن کي چيو ويندو ته) ان کي جهليو ۽ ڳٽ وجهوس. |
ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
پوءِ دوزخ ۾ هڻوس. |
ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
(اتي دوزخ ۾) وري اهڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنهن جي ڊيگهه ستر هٿ هجي. |
إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
ڇو ته اهو عظمت واري الله تي (ان جي ربوبيت ۽ رزاقيءَ تي) ايمان نه آڻيندو هو. |
وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
(ان ڪري حالت اها هيس جو) مسڪين ماڻهن جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق نه ڏياريندو هو. (نه اهڙي ماحول جوڙڻ جو فڪر ڪندو هو). |
فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
(دنيا ۾ هنن الله جي مسڪين ٻانهن کي دوست نه رکيو) اڄ ان جو هتي ڪوبه دوست نه آهي. |
وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
۽ نه (هن ٽچڪندڙعذاب ۾ ان لاءِ) ڦٽن جي پونءِ کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو آهي. |
لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه کائيندو. (خطا ڪارن جي اهائي غذا آهي). |
فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
پوءِ (اي ماڻهو!) جن (شين) کي اوهين ڏسو ٿا، اهي به شاهد آهن. |
وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
۽ (ايندڙ دور جي) جن (منڪشف ٿيندڙ حقيقتن) کي نٿا ڏسو، اهي به شاهدي ڏينديون. |
إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
ته بيشڪ اهو (قرآن) خوبين واري پيغام پهچائيندڙ رسول جو ئي ڪلام آهي. |
وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. (بلڪ خدا جو وحي آهي) اوهين (عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺي انهن حقيقتن کي زندگيءَ جو ضابطو نٿا بڻايو) بلڪل ٿورو اعتبار ڪريو ٿا. |
وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
۽ ائين به ناهي ته هي ڪنهن اڳڪٿي ڪرڻ واري (ماڻهوءَ) جو ڪلام آهي اوهين ( (عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺي انهن حقيقتن کي زندگيءَ جو ضابطو نٿا بڻايو) بلڪل ٿورو اعتبار ڪريو ٿا. |
تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
(حقيقت هيءَ آهي ته) اهو جهانن جي پالڻهار پاران (فردن ۽ قومن لاءِ رهنما ڪري) نازل ڪيل آهي. |
وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
۽ جيڪڏهن (پيغمبر) ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي. |
لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
ته اسين (سگهه وارو) سڄو هٿ ان جو جهليون. |
ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
پوءِ سندس شهه رڳ وڍي ڇڏيون، (جو قصو اڳتي ئي نه وڌي). |
فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
پوءِ اوهان مان ڪوبه (اسان کي) ائين ڪرڻ کان روڪڻ وارو نه هجي ها. |
وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ اهو (قرآن زندگيءَ جي خسارن کان بچڻ واسطي) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي. |
وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (زندگيءَ جي خسارن کان بي فلڪا ماڻهو) ان کي ڪوڙو ڪندڙ آهن. |
وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
(ڪو فرق نٿو پوي انهن جي انڪار جو) بيشڪ اهو (قرآن انهن نه مڃيندڙ) ڪافرن لاءِ (اڳتي هلي) پشيماني (جو ڪارڻ) آهي. |
وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اهو (قرآن ۽ ان جو ضابطن وارو سرشتو) ٺوس حقيقت آهي. |
فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
پوءِ (اي پيغمبر! نه مڃيندڙن کي ڊگهو رسو آهي ۽ تون) عظمت واري پنهنجي پاليندڙ (جي پيغام ۽ پروگرام جي سرگرميءَ ذريعي ان) جي نالي جي پاڪائي بيان ڪندو رهه. |