| الحاقَّةُ (آيت : 1) |
|
يقيناً ٿيندڙ |
| مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
|
ڪهڙي يقيني ٿيندڙ؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
|
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته يقيني ٿيندڙ ڇا آهي |
| كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
|
ثمود ۽ عاد ان قيامت جو انڪار ڪيو |
| فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
|
پر ثمود پوءِ اهي بيحد زبردست دانهن سان هلاڪ ڪيا ويا |
| وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
|
۽ پر عاد پوءِ اهي بيحد سخت طوفان سان هلاڪ ڪيا ويا |
| سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
|
(الله تعالى انهيءَ طوفان کي) انهن تي مسلسل سَتَ راتيون ۽ اَٺَ ڏينهن مسلط ڪيو ويو، پوءِ توهان ان قوم کي انهيءَ زمين تي ڪِريل ڏسو ها، گوياڪ اهي کجيءَ جا ڪِريل ٿڙ آهن |
| فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
|
پوءِ ڇا توهان انهن مان ڪو باقي رهيل ڏسو ٿا |
| وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
|
۽ آيو فرعون ۽ ان کان اڳيان ۽ اُبتا ڪيل ڳوٺن وارن گناه ڪيائون |
| فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
|
پوءِ انهن سندن رب جي رسولن جي نافرماني ڪئي پوءِ الله تعالى انهن کي بيحد سختي سان پڪڙيو |
| إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جڏهن پاڻي حد کان زياده ٿيو، اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪرايو |
| لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ان لاءِ ته ان کي توهان لاءِ يادگار بنايون ۽ ياد رکندڙ ڪَنَ (ان کي) محفوظ رکن |
| فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ جڏهن هڪ دفعو صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي |
| وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
|
۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ اهي هڪ دفعو چڪنا چور ڪيا ويندا |
| فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
|
پوءِ ان ڏينهن ايندڙ (قيامت) واقع ٿيندي |
| وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ آسمان چيربو پوءِ اهو ان ڏينهن نهايت ڪمزور هوندو |
| وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
|
۽ ملائڪ ان جي ڪِنارن تي بيٺل هوندا، ۽ ان ڏينهن توهان جي رب جو عرش اَٺَ ملائڪ پاڻ تي کڻندا |
| يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
|
ان ڏينهن توهان سڀئي پيش ٿيندا ڪوبه توهان مان مخفي نٿي سگھندو |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
|
پر جنهنکي پنهنجو عمل نامون ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، پوءِ اهو چوندو وٺو ۽ توهان منهنجو عمل نامون پڙهو |
| إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
|
مون کي يقين هو ته بيشڪ آئون پنهنجي حساب کي پهچندس |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ اهو پسنديده آرام ۾ هوندو |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
|
مٿاهين باغ ۾ هوندو |
| قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
|
جنهن جا ميوا قريب هوندا |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
|
توهان مزي مزي سان کائو ۽ پيئو انهن عملن جي ڪري جيڪي توهان گذريل ڏينهن ۾ ڪيا هئا |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
|
۽ جنهن ماڻهو کي کاٻي هٿ ۾ عمل نامون ڏنو ويندو، پوءِ اهو چوندو هاءَ. افسوس. مون کي منهنجو عمل نامون نه ڏنو وڃي ها |
| وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
|
۽ آئون نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڇا آهي |
| يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
|
هاءِ. افسوس. اهو موت فيصلو ڪندڙ هجي ها |
| ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
|
منهنجي ملڪيت مون تان (عذاب) نه لاٿو |
| هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
|
منهنجا سڀ دليل مون وٽان ختم ٿيا |
| خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
|
الله تعالى فرمائيندو توهان ان کي پڪڙيو پوءِ ان کي چؤکنبو ٻَڌو |
| ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
|
ان کان پوءِ توهان ان کي جهنم ۾ وجھو |
| ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
|
ان کان پوءِ ان کي سَتَر هٿ (ڊگھي) زنجير ۾ چڱيءَ طرح جڪڙيو |
| إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
|
بيشڪ انهيءَ ان عظيم رب تي ايمان نه ٿي آندو |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
|
۽ نه مسڪينن کي کارائڻ جي رغبت ڏياريندو هو |
| فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
|
پوءِ اڄ هتي ان جو ڪو حمايتي دوست ناهي |
| وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
|
۽ نه ان لاءِ ڪو طعام آهي مگر (دوزخين جي) پونءِ |
| لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
|
نٿا کائين ان کي مگر خطا ڪندڙ |
| فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
|
پوءِ آئون انهن شين جو قسم کڻان ٿو جيڪي توهان ڏسو ٿا |
| وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
|
۽ جيڪي توهان نٿا ڏسو |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
|
بيشڪ اهو قرآن ڪريم رسولِ عربي ڪريم سان (الله تعلى وٽان رسالت بابت) گفتگو آهي |
| وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
|
۽ اهو ڪنهن شاعر جو قول ناهي، ٿورڙا اُهي آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا |
| وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
|
۽ اهو قول ڪنهن ڪاهن جو ناهي، ٿورڙا اُهي آهن جيڪي نصيحت حاصل ڪن ٿا |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
|
اهو قرآن ڪريم رب العالمين جي طرفان نازل ڪيل آهي |
| وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏهن (بالفرض) ڪو ماڻهو ڪا ڳالهه ٺاهي اسان ڏانهن منسوب ڪري ها |
| لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
|
ته ضرور اسين ان کي قوت سان پڪڙيون ها |
| ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
|
ان کان پوءِ اسين ضرور ان جون ساهه واريون رڳون ڪٽيون ها |
| فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
|
پوءِ توهان مان ڪوبه ان کي بچائيندڙ نه هجي ها |
| وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
|
۽ بيشڪ اهو قرآن ڪريم پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي |
| وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
۽ بيشڪ اسان کي معلوم آهي ته يقيناً توهان مان ڪي ڪوڙا به آهن |
| وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
|
۽ بيشڪ اهو قرآن ڪريم ڪافرن لاءِ حسرت آهي |
| وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
|
بيشڪ اهو يقيناً حق اليقين آهي |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
|
پوءِ اي رسولِ عربي توهان پنهنجي ربِ عظيم جي نالي سان سندس پاڪائي بيان ڪريو |