| الحاقَّةُ (آيت : 1) |
|
قيامت. |
| مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
|
ڇا آھي (اھا) قيامت. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
|
۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟ |
| كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
|
ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو. |
| فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
|
پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا. |
| وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
|
۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا. |
| سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
|
(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن. |
| فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
|
پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟ |
| وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
|
۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا. |
| فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
|
۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو. |
| إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. |
| لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي. |
| فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي. |
| وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
|
۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو. |
| فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
|
پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي. |
| وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو. |
| وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
|
۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا. |
| يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
|
اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
|
پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو. |
| إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
|
بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس. |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
|
اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو. |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
|
مٿاھين بھشت ۾. |
| قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
|
جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
|
(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ. |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
|
۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا. |
| وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
|
نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟ |
| يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
|
ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا. |
| ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
|
منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو. |
| هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
|
مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي. |
| خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
|
(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس. |
| ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
|
وري دوزخ ۾ وجھوس. |
| ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
|
وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي. |
| إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
|
ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو. |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
|
۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو. |
| فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
|
تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي. |
| وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
|
۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي. |
| لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
|
(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو. |
| فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
|
پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو. |
| وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
|
۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به). |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
|
ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي. |
| وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
|
۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا. |
| وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
|
۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا. |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
|
(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي. |
| وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا. |
| لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
|
ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا. |
| ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
|
وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا. |
| فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
|
پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي. |
| وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
|
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي. |
| وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن. |
| وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
|
۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي. |
| وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
|
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
|
تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر. |