| الحاقَّةُ (آيت : 1) |
|
قيامت! |
| مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
|
ڇا آهي قيامت؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
|
۽ ڪنهن توکي ڄاڻايو، ته ”ڇا آهي قيامت؟“ |
| كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
|
ثمود ۽ عاد قومن قيامت کي ڪوڙ سمجهيو. |
| فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
|
پوءِ ”ثمودي“ ته هڪڙيءَ رڙ سان ناس ڪيا ويا- |
| وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
|
۽ ”عادين“ کي وري هڪ تمام سخت هوا سان ناس ڪيو ويو. |
| سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
|
الله انهي کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳو لڳ مٿن هلايو- پوءِ انهي قوم کي ڏسين ها، ته ائين ڪريل هئا جو ڄڻ ته اهي ڀُتل کجيءَ جا ٿڙ آهن. |
| فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
|
پوءِ انهن مان ڪنهن کي بچيل ڏسين ٿو ڇا؟ |
| وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
|
۽ فرعون ۽ کانئس اڳيان ۽ ناس ڪيل شهرن وارا گنهگار ٿي آيا. |
| فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
|
پوءِ هنن سندن ڌڻيءَ جي رسول جي نافرماني ڪئي ته الله کين وڏيءَ پڪڙ سان پڪڙيو! |
| إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جڏهن پاڻيءَ نهايت پالوٽ ڪئي، تڏهن اسان اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. |
| لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ته انهي کي اوهان لاءِ يادگيري بنايون، ۽ ياد رکڻ وارو ڪن کيس ياد رکي. |
| فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪبي. |
| وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
|
۽ زمين ۽ جبل کڻبا ۽ کين هڪ دفعي ڪُٽبو. |
| فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
|
پوءِ ان ڏينهن قيامت قائم ٿيندي- |
| وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ آسمان ڦاٽندو، جو ان ڏينهن ڍلو ٿي ويندو. |
| وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
|
۽ ملائڪ سندن ڪنارن تي هوندا ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جو تخت ان ڏينهن اٺ ملائڪ سندن مٿان کڻندا. |
| يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
|
ان ڏينهن اوهان کي الله اڳيان آڻبو ۽ اوهان جي ڪا به ڳالهه ڳجهي نه رهندي. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
|
پوءِ جنهن کي سندن اعمالنامو ساڄي هٿ ۾ ڏبو، سو چوندو ”وٺو، منهنجو اعمالنامو پڙهو! |
| إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
|
بيشڪ مون کي يقين هو، ته آءُ پنهنجي حساب کي پهچندس.“ |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
|
اهو خوش ڪندڙ گذران ۾ هوندو، |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
|
يعني مٿاهين بهشت ۾، |
| قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
|
جنهنجا ميوا ويجها هوندا. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
|
کين چئبو ته ”اوهان جيڪي ڪم اڳ ڪيا هئا، تن جي ڪري جيئن وڻيوَ تيئن کاؤ ۽ پيئو.“ |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
|
۽ جنهن کي سندس اعمالنامو کٻي هٿ ۾ ڏبو، سو چوندو ”هاءِ! جيڪڏهن مون کي منهنجو اعمالنامو نه ملي ها! |
| وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
|
۽ آءٌ نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟ |
| يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
|
هاءِ افسوس! جيڪڏهن موت ڪم لاهي ها! |
| ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
|
منهنجو ته منهنجي مال ڪو به بچاءُ نه ڪيو. |
| هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
|
مون کان سندم بادشاهي به چٽ ٿي!“ |
| خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
|
(ملائڪن کي حڪم ڪبو) ته ”هن کي پڪڙيو، پوءِ ڳچيءَ ۾ڳٽ وجهوس. |
| ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
|
وري دوزخ ۾ وجهوس. |
| ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
|
پوءِ ستر گز ڊگهيءَ زنجير ۾ کيس قابو ڪريو. |
| إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
|
ڇو ته اهو شخص الله وڏي کي نه مڃيندو هو. |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
|
۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي همٿائيندو هو. |
| فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
|
ان ڪري اڄ هتي سندس ڪو به دوست ڪونهي. |
| وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
|
نڪي سندس ڦٽن جي پونءِ کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو آهي. |
| لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
|
جنهن کي فقط ڏوهاري ئي کائيندا.“ |
| فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
|
پوءِ آءُ شاهد ٿو واريان جيڪي اوهين ڏسو ٿا، |
| وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
|
خواهه نٿا ڏسو. |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
|
ته بيشڪ قرآن، سڳوري قاصد جا چيل اکر آهن. |
| وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
|
۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام ناهي- اوهين ٿورڙو يقين ٿا رکو. |
| وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
|
۽ نڪي هي ڪنهن اڳڪٿيون ڪندڙ جو ڪلام آهي، اوهين ٿورڙي نصيحت وٺو ٿا. |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
|
هيءُ ته جهانن جي ڌڻيءَ کان لٿل آهي. |
| وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏهن نبي اسان تي ڪي هٿرادو ڳالهيون چوي ها. |
| لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
|
ته اسين جيڪر سندس ساڄي هٿ کان جهلي، |
| ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
|
پوءِ سندس ڪنڌ جي رڳ ڪپي ڇڏيون ها. |
| فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
|
۽ اوهان مان ڪو به مٿانئس اسان جو عذاب روڪي نه سگهي ها. |
| وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
|
۽ بيشڪ هي قرآن ته نيڪن لاءِ نصيحت آهي. |
| وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
۽ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي هن کي ڪوڙ ٿا سمجهن. |
| وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
|
پر هي ڪافرن لاءِ ارمان جو سبب آهي. |
| وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
|
۽ بيشڪ هي پوريءَ طرح سچو آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
|
ان ڪري تون سندءِ وڏي ڌڻيءَ جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر. |