| الحاقَّةُ (آيت : 1) |
|
(ضرور) اچڻ واري (يعني قيامت) |
| مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
|
(ضرور) اچڻ واري ڇا آهي؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته (ضرور) اچڻ واري ڇا آهي؟ |
| كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
|
ثمود ۽ عاد قومن (اچانڪ) ڊيڄاريندڙ آفت (يعني قيامت) کي ڪوڙو ڪيو. |
| فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
|
پوءِ ثمود قوم ته سخت رَڙِ جي ذريعي تباهه ڪئي وئي. |
| وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
|
۽ عاد قوم سخت طوفاني هوا جي ذريعي تباهه ڪئي وئي. |
| سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
|
(الله تعالى) اُن (طوفاني) هوا کي اُنهن جي مٿان ستن راتين ۽ اَٺن ڏينھن تائين مسلسل گُهلايو. پوءِ (جيڪڏهن) تون انهن کي ڏسين ها (اِيئَن هئا) ڄڻ ته کجين جا کوکلا (ڀُتا) ٿُڙَ پيا آهن. |
| فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
|
ڇا توهان اُنهن مان ڪو بچي ويل ڏسو ٿا؟ |
| وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
|
اهڙا ئي ڏوهه جا ڪم فرعون ۽ ان کان اڳ گذري ويل ماڻهن ۽ تباهه ٿيل شھر وارن به ڪيا هئا. |
| فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
|
اُنهن پنھنجي پالڻھار جي رسول سڳوري جي نافرماني ڪئي ته (الله تعالى) کين انتھائي سختيءَ سان پڪڙ ڪئي. |
| إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
|
پاڻي جڏهن حد کان مٿي چڙهي آيو ته بيشڪ اسان توهان (يعني توهان جي شروعاتي نسل نوح $۽ ان تي ايمان آڻيندڙن) کي ٻيڙي ۾ سوار ڪيو هو. |
| لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ته جيئن ان واقعي کي توهان جي لاءِ يادگار بنايون ۽ چڱي طرح ٻُڌڻ وارا ڪَنَ اِن کي ياد رکي سگهن. |
| فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ جڏهن هڪ ڀيرو صور ۾ ڦوڪبو. |
| وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
|
زمين ۽ جبلن کي مٿي کڻي هڪ ئي ڌَڪ ۾ پرزا پرزا ڪيو ويندو. |
| فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
|
پوءِ ان ڏينھن ئي (اچانڪ) ٿيڻ واري (قيامت برپا) ٿيندي. |
| وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
|
آسمان ڦاٽي پوندو ۽ سندس ڇِڪ (يعني چقمقي نظام) ختم ڪيو ويندو (۽ هو صفا ڍلو ٿي ويندو) |
| وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
|
۽ ملائڪ آسمانَ جي ڪنارن سان وڃي لڳي بيھندا ۽ ان ڏينھن تنھنجي پالڻھار جي سلطنت جي ذميدارين کي اَٺ ملائڪ سنڀالي وٺندا. |
| يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
|
اُن ڏينھن توهان کي (الله تعالى جي آڏو) پيش ڪيو ويندو ۽ توهان جي ڪابه ڳالهه لڪيل نه رهندي. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
|
ان ڏينهن جنھن کي سندس اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويو ته هو (خوشيءَ وِچان) چوندو ته وٺو! پڙهوهي منھنجو اعمال نامو. |
| إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
|
بيشڪ مون کي پختو يقين هو ته حساب ڪتاب ضرور ملندو. |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ هو انتھائي خوشيءَ واري زندگيءَ ۾ هوندو. |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
|
مٿانهين باغ ۾ هوندو. |
| قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
|
جنھن جا ميوا صفا جُهڪيل هوندا. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
|
(کين چيو ويندو ته) توهان گذريل ڏينھن ۾ جيڪي (نيڪ عمل) ڪيا هئا انهن جي بدلي ۾ مزي سان کائو ۽ پيئو. |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
|
۽ جنھن کي سندس اعمال نامو کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته هو چوندو ته ڪاش! مون کي منهنجو اعمال نامو ڏنو ئي نه وڃي ها. |
| وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
|
۽ (ڪاش!) مون کي خبر ئي نه پوي ها ته منھنجو حساب ڪتاب ڇا آهي؟ |
| يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
|
ڪاش! (دنيا وارو) موت ئي (منهنجو هميشه لاءِ) خاتمو ڪري ڇڏي ها. |
| ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
|
مون کي منھنجو مال ڪنھن به ڪم نه آيو. |
| هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
|
منھنجي ته حڪمراني به ختم ٿي وئي. |
| خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
|
(اي ملائڪو!) هن کي پڪڙيوس ۽ ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌوس. |
| ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
|
پوءِ کيس جھنم ۾ اڇلايوس. |
| ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
|
وري سَتر وال ڊگهي زنجير ۾ ٻڌوس. |
| إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
|
بيشڪ هي ماڻهو اُن الله تي ايمان نه آڻيندو هو، جيڪو سڀني کان وڏو آهي. |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
|
۽ نه ئي مسڪين کي کاڌو کارائڻ جي تلقين ڪندو هو. |
| فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
|
(تنهن ڪري) اڄ هتي سندس ڪوبه جگري دوست نه آهي. |
| وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
|
هُن لاءِ (هِتي) زخمن جي ٽِميل گند کان سواءِ ٻيو ڪوبه کاڌو نه آهي. |
| لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
|
(اهڙو کاڌو) جو ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪير به نه کائيندو. |
| فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
|
پوءِ مان اُنهن (شين) جو قسم کڻي چوان ٿو جن کي توهان ڏسو ٿا. |
| وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
|
۽ اُنهن (شين) جو به جن کي توهان نٿا ڏسو. |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
|
بيشڪ هي عزت واري رسول سڳوري جو ڪلام آهي. |
| وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
|
هي ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آهي. توهان ٿورا ماڻهو ايمان آڻيو ٿا. |
| وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
|
۽ هي ڪنھن ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ واري جو ڪلام نه آهي. پر توهان ماڻهو گهٽ ئي نصيحت وٺو ٿا. |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
|
هي تمام جھانن جي پالڻھار جي طرفان نازل ٿيل آهي. |
| وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
|
جيڪڏهن هي (نبي ﷺ) پنهنجيون ڳالهيون گهڙي اسان تي هَڻي ها. |
| لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
|
ته اسان سندس ساڄي هٿ کي پڪڙيونس ها. |
| ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
|
پوءِ اسان (سندس) ساهه واري رَڳ ڪاٽي ڇڏيونس ها. |
| فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
|
پوءِ توهان مان ڪير به اسان کي ان ڪم کان روڪڻ وارو نه هجي ها. |
| وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
|
بيشڪ هي (قرآن) پرهيزگار ماڻهن جي لاءِ نصيحت آهي. |
| وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
اسان کي سڀ خبر آهي ته توهان مان ڪي ماڻهو اِن (قرآن) کي ڪوڙو ڪرڻ وارا آهن. |
| وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
|
بيشڪ هي (قرآن) ڪافرن جي لاءِ وڏي ارمان جو سبب آهي. |
| وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
|
بيشڪ هي (قرآن) بلڪل سچو آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
|
بس! تون پنھنجي عظمت واري پالڻھار جي نالي جي تسبيح بيان ڪندو رهه. |