| الحاقَّةُ (آيت : 1) |
|
بلڪل ٿيڻ واري! |
| مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
|
ڇا آهي اها بلڪل ٿيڻ واري؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
|
۽ ڪهڙي خبر توکي ته ڇا آهي اها بلڪل ٿيڻ واري؟ |
| كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
|
ڪوڙو چيو ثمود ۽ عاد وارن ان ٽٽڻ واري آفت (قيامت) کي |
| فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
|
پوءِ (اهي) ثمود سخت خوفناڪ آواز سان هلاڪ ڪيا ويا |
| وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
|
۽ جيڪي هئا عاد، پوءِ اهي هلاڪ ڪيا ويا سخت انڌاري واري هوا طوفان سان |
| سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
|
(الله) ان کي لاڳيتو مڙهي رکيو ست راتيون ۽ اٺن ڏينهن تائين، پاڙ پٽيندڙ (هئي)، پوءِ ڏسين ٿو ان قوم کي جيڪا سٽيل هئي ڄڻ ته اهي ٿڙ هجن کجيءَ جا کوکلا |
| فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
|
پوءِ ڇا توکي نظر اچي ٿو انهن مان ڪو چيل هجي؟ |
| وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
|
۽ اهڙيون ئي ڪيون فرعون ۽ ان کان اڳي وارين ناس ٿيل ۽ اونڌي ٿيڻ وارين (قومن) خطائون |
| فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
|
پوءِ نافرماني ڪئي انهن سڀني رسولِ خدا جي، پوءِ هن (الله) انهن کي پڪڙيو ڏاڍي سختيءَ سان |
| إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
|
بيشڪ اسان جي طوفان جو پاڻي جڏهن حد کان لنگهي ويو ته اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو |
| لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ته جيئن بڻايون ان واقعي کي توهان جي لاءِ سبق ڏيندڙ يادگار ۽ ياد رکڻ وارن ڪئي اها ياد محفوظ |
| فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ جڏهن ڦوڪي ويندي صور ڦوڪڻ واري هڪ ڀيرو |
| وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
|
۽ هٽايو ويندو زمين ۽ جبلن کي ٽوڙيو ويندو ذرا ذرا ڪري هڪ ئي ڌڪ سان |
| فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
|
پوءِ ان ڏينهن اهو ٿيڻ وارو پيش ايندو واقعو |
| وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ ڦاٽندو آسمان انهيءَ ڏينهن ڍري ٿيل هوندي بندش |
| وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
|
۽ فرشتا ان جي ڪنارن ۾ هوندا، ۽ کنيل هوندو عرش تنهنجي رب جو پنهنجي مٿان ان ڏينهن اٺن (فرشتن) طرفان |
| يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
|
اهو ڏينهن هوندو جڏهن توهان ماڻهو پيش ڪيا ويندؤ، ڪوبه لڪل نه هوندو توهان جو ڳجهه |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
|
پوءِ جنهن جو به اعمالنامو ان جي ساڄي هٿ ۾ هوندو، سو چوندو، اجهو ڏسو پڙهو منهنجو اعمالنامو |
| إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
|
بيشڪ آئون سمجهندو هئس ته مون کي ضرور منهنجو حساب ملڻ وارو آهي |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ اهو دل پسند زندگانيءَ تي خوش هوندو |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
|
عالي مقام جنت ۾ (هوندو) |
| قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
|
ان ۾ ميون جا ڇڳا جهڪيل هوندا |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
|
(اهڙن ماڻهن کي چيو ويندو) کائو پيئو پنهنجن انهن عملن جي بدلي ۾ جيڪي توهان گذريل ڏينهن ۾ ڪيا هئا |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
|
۽ جنهن جو اعمالنامو ان جي کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو، سو چوندو، هاءِ ارمان، نه ڏنو وڃي ها مون کي منهنجو اعمالنامو |
| وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
|
۽ نه ڄاڻان ها آئون پنهنجو حساب ته ڇاهي |
| يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
|
منهنجو اهو موت (جيڪو دنيا ۾ آيو هو) فيصلي وارو هجي ها |
| ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
|
نه آيو ڪم اڄ مون کي منهنجو اهو مال |
| هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
|
ختم ٿي ويو منهنجو اهو سڄو اقتدار |
| خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
|
حڪم ٿيندو پڪڙيوس ۽ کيس ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهوس |
| ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
|
پوءِ کيس دوزخ ۾ وجهو ڌڪي |
| ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
|
پوءِ ان کي اهڙي زنجير ۾ جڪڙيو جنهن جي ڊيگهه ستر هٿ (ڊگهي) هجي پوءِ داخل ڪريوس (دوزخ ۾) |
| إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
|
بيشڪ هي نه رکندو هو ايمان الله بزرگ عظيم (هستيءَ) تي |
| وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
|
۽ نه ترغيب ڏيندو هو کاڌي کارائڻ جي مسڪين کي |
| فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
|
پوءِ ڪونهي هتي اڄ سندس لاءِ ڪو دوست غمخوار |
| وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
|
۽ نه ان جي لاءِ ڪو طعام آهي سواءِ ڦٽن جي روڳ جي |
| لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
|
جنهن کي ڪوبه نه کائيندو سواءِ ڏوهارين جي |
| فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
|
ائين هرگز ناهي، آئون قسم کڻان ٿو انهن شين جو جيڪي توهان ڏسو ٿا |
| وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
|
۽ انهن جو به جن کي توهان نٿا ڏسو |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
|
بيشڪ هي قول هڪ رسول ڪريم جو آهي |
| وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
|
۽ ناهي اهو قول ڪنهن شاعر جو، توهان ماڻهو گهٽ ئي ايمان آڻيو ٿا |
| وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
|
۽ ناهي هي قول ڪنهن ڀوپي جو، توهان ماڻهو گهٽ ئي غور ڪريو ٿا |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
|
هي نازل ٿيل آهي رب العالمين جي طرفان |
| وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏهن (هن نبي) پاڻ ٺاهي اسان ڏي منسوب ڪئي هجي ها ڪا ڳالهه |
| لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
|
ته پڪڙيون ها اسان سندس ساڄو هٿ |
| ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
|
پوءِ وڍي ڇڏيون ها اسان سندس گردن جي رڳ |
| فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
|
پوءِ توهان مان (اسان کي) ڪوبه هڪ ان ڪم کان جهلڻ وارو نه هجي ها |
| وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
|
۽ بيشڪ انهيءَ ۾ نصيحت آهي پرهيزگار ماڻهن لاءِ |
| وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته يقينًا توهان مان ڪي ماڻهو ڪوڙو ڀائيندڙ آهن |
| وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
|
۽ بيشڪ هي (قرآن) ارمان جو سبب آهي اهڙن ڪافر ماڻهن لاءِ |
| وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
|
۽ بيشڪ هي (قرآن) حق آهي يقيني |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
|
پوءِ (اي نبي!) پاڪائي بيان ڪر پنهنجي رب عظيم جي نالي سان |