| ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
|
ز (ن) قسم آهي (اي نبي) قلم جو ۽ انهيءَ شيءِ جو جيڪا لکڻ وارا لکن ٿا |
| ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
|
تون پنهنجي رب جي فضل سان ڪو چريو نه آهين |
| وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
|
۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تو لاءِ اهڙو اجر آهي، جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو |
| وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
|
۽ بيشڪ تون اخلاق جي تمام وڏي مرتبي تي آهين |
| فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
|
جلد ئي تون به ڏسندين ۽ اهي به ڏسندا |
| بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
|
ته توهان منجهان ڪير چريو آهي |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
|
تنهنجو رب انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي، جيڪي سندس راهه کان ڀٽڪي ويل آهن ۽ هو ئي انهن کي به چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي جيڪي سڌيءَ راهه تي آهن |
| فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
|
تنهنڪري تون انهن ڪوڙو سڏيندڙن جي دٻاءَ ۾ نه اچ |
| وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
|
هو ته چاهن ٿا ته ڪجهه تون ڍرو ٿيءُ ته هو به ڍرا ٿين |
| وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
|
تون تابعداري نه ڪر ڪنهن اهڙي شخص جي، جيڪو گهڻا قسم کڻندڙ هلڪڙو ماڻهو آهي |
| هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
|
مهڻا ڏيندڙ آهي ۽ وتندو آهي هِت هــُـت چغليون هڻندو |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
ڀلائيءَ کان روڪيندڙ، ظلم ۽ ڏاڍائيءَ ۾ حد کان لنگهي ويندڙ، نهايت بڇڙا ڪم ڪندڙ آهي |
| عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
|
ڏاڍائيءَ تي سندرو ٻڌل اٿس ۽ انهن سڀني عيبن سان گڏ نسب به صحيح نه اٿس |
| أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
|
هن ڪري جو گهڻو مال ۽ اولاد اٿس |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
|
جڏهن اسان جون آيتون کيس ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته اهي ته اڳئين زماني جون آکاڻيون آهن |
| سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
|
سگهوئي اسان سندس نڪ تي ڏنڀ ڏينداسون |
| إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
|
اسان انهن (مڪي وارن) کي ائين آزمائش ۾ وڌو آهي، جيئن هڪڙي باغ جي مالڪن کي آزمائش ۾ وڌو هئوسون. جڏهن انهن قسم کنيو هو ته صبح جو ساجهر ضرور باغ جو ميوو پٽيندا |
| وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
|
۽ هو (ٻي ڪا ڳالهه ٿي پوڻ لاءِ ) ڪابه گنجائش نه ڇڏي رهيا هئا (ان شاءَ الله نه چئي رهيا هئا) |
| فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
|
رات جو جڏهن هو اڃان ســُـتل هئا ته تنهنجي رب وٽان هڪڙي آفت انهيءَ باغ تي گهمي وئي |
| فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
|
۽ اهو ائين ٿي ويو جو ڄڻڪ لڻيل پوک آهي |
| فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
|
صبح جو انهن هڪ ٻئي کي سڏيو |
| أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
|
ته جيڪڏهن ميوو پٽڻو اٿو ته ساجهر ئي پنهنجيءَ ٻنيءَ ڏانهن نڪري هلو |
| فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
|
ته پوءِ روانا ٿيا ۽ پاڻ ۾ آهستي آهستي چوندا پئي ويا |
| أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
|
ته اڄ ڪوبه مسڪين توهان وٽ باغ ۾ اندر نه اچي |
| وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
|
۽ ڪنهن کي ڪجهه نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪري هو صبح ساجهر ئي تڪڙا تڪڙا ائين پئي ويا ڄڻ ته هو ائين ڪري (ميوو پٽي) سگهندا! |
| فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
|
مگر جڏهن باغ کي ڏٺائون ته چوڻ لڳا، "اسان رستو ڀلجي ويا آهيون |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
|
نه نه، بلڪه اسان جو ته جهڳوئي جــَـهڻ ٿي ويو" |
| قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
|
سندن چڱي مڙس چين: "مان توهان کي چيو نه هو ته توهان الله جي پاڪائي ڇو نٿا بيان ڪريو؟" |
| قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
|
چوڻ لڳا: "پاڪ آهي اسان جو رب! بيشڪ اسان ظالم هئاسون" |
| فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ هو هڪ ٻئي کي ڏوهه ڏيڻ لڳا |
| قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
|
نيٺ چيائون ته "افسوس آهي اسان جي حال تي، بيشڪ اسان حد کان لنگهندڙ هئاسون |
| عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
|
پري ناهي ته اسان جو رب اسان کي بدلي ۾ ان کان به ڀلو باغ عطا ڪري، اسان پنهنجي رب سان ٿا دل لڳايون" |
| كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
|
اهڙو ٿيندو آهي عذاب ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به وڏو آهي، جيڪر اهي ماڻهو اها ڳالهه ڄاڻن ها |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
|
بيشڪ الله کان ڊڄندڙ ماڻهن لاءِ سندن رب وٽ نعمتن ڀريل جنتون آهن |
| أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
|
ڇا اسان فرمانبردارن کي به ڏوهارين جهڙو ڪري ڇڏيون؟ |
| ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
|
ڇا ٿيو اٿوَ، ڪهڙا ٿا فيصلا ڪريو؟ |
| أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
|
ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي، جنهن ۾ اهو پڙهو ٿا |
| إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
|
ته توهان لاءِ اتي اهو ئي آهي، جيڪو توهان پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا؟ |
| أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
|
يا وري ڪو توهان لاءِ قيامت جي ڏينهن تائين اسان کان ڪو انجام ورتل آهي ڇا ته توهان کي اهوئي ملندو جنهن جو توهان فيصلو ڪريو؟ |
| سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
|
پڇين ته منجهانئن ڪير آهي ان ڳالهه جو ضامن؟ |
| أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
|
يا وري گهڙيل شريڪ اٿن ڇا (جن ان ڳالهه جو ذمو کنيو آهي؟) پوءِ ڀلا آڻن کڻي پنهنجن انهن شريڪن کي، جيڪڏهن اهي سچا آهن |
| يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
|
جنهن ڏينهن ڏکيو وقت اچي پوندو ۽ ماڻهن کي سجدي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو ته اهي سجدو نه ڪري سگهندا |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
|
اکيون هيٺ هوندن، ذلت پئي چڙهندن. اهي جڏهن صحيح سلامت هوندا هئا، تڏهن کين سجدي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو هو (پر اهي نه ڪندا هئا) |
| فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ اي نبي! تون انهيءَ ڪلام کي ڪوڙو سڏيندڙن کي ۽ مونکي ڇڏي ڏي. اسان اهڙي طريقي سان درجي بدرجي کين تباهيءَ ڏانهن وٺي وينداسون جو خبر ئي نه پوندن |
| وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
|
مان کين ڊگهو رسو پيو ڏيان، منهنجي رٿا ڏاڍي پڪي آهي |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
|
تون کانئن ڪو اجورو ٿو طلبين ڇا جو انهيءَ چٽيءَ جي بار هيٺ دٻجي ويا آهن؟ |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
|
ڇا وٽن ڪو غيب جو علم آهي، جنهن کي اهي پيا لکن؟ |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
|
چڱو، ته پوءِ ڀلا پنهنجي رب جو فيصلو اچڻ تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونسؑ) وانگر نه ٿيءُ، جڏهن هن پڪاريو هو ۽ هو ڏک ۾ ڀريل هو |
| لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
|
جيڪڏهن سندس رب جي مهرباني نه هجيس ها ته هو ملامت ٿيل حالت ۾ ئي برپٽ ۾ اڇلايو وڃي ها |
| فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
|
نيٺ سندس رب کيس چونڊي ورتو ۽ کيس نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪري ڇڏيائين |
| وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
|
اهي ڪافر نصيحت وارو ڪلام (قرآن) ٻڌن ٿا ته ائين ٿو لڳي ته اجهو ٿا پنهنجي نظرن سان تنهنجا قدم اکيڙي وجهن ۽ چون ٿا ته اهو پڪ سان چريو آهي |
| وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
|
حالانڪه اهو (قرآن) ته ساري جڳ جهان وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي |