ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
ن ۽ قلم جو ۽ ان شيءِ جو جيڪو لکي ٿو. (تنهن جو) قسم آهي. |
ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
ته تون پنهنجي پروردگار جي فضل ۽ ڪرم سان چريو نه آهين. |
وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
پڻ تنهنجي لاءِ پڪ اهو اجر آهي جيڪو ڪڏهين به نه کٽندو. |
وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ تنهنجا اخلاق (تمام وڏي درجي جا) آهن. |
فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
ته جلد ئي تون به ڏسندين ۽ اهي ڪافر به ڏسندا. |
بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
ته اوهان ۾ چريو ڪير آهي. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي جي سندس راھ کان ٿڙيل آهن ۽ هدايت وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
ته تون ڪوڙ ڪندڙن جو چيو نه مڃج! |
وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
اهي هي چاهين ٿا ته جيڪڏهن تون نرمي اختيار ڪرين ته اهي به ڍرا ٿي وڃن. |
وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
۽ تون (ڪڏهن) اهڙي جي چوڻ ۾ نه اچج جيڪو گهڻو قسم کڻي. |
هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
ذليل (خوار) طعنا هڻندڙ وڏو چغل خور |
مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
مال ۾ وڏو بخيل، حد کان لنگهندڙ، گنهگار، |
عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
بڇڙي طبيعت وارو ۽ ان کان سواءِ بد اصل (حرامي) هجي. |
أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
هن ڪري جو اهو گهڻي مال ۽ اولاد وارو آهي. |
إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
جڏهن کيس اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن. |
سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
سگهو ئي کيس نڪ تي داغ ڏينداسون. |
إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
جهڙي طرح اسان هڪ باغ وارن جو امتحان ورتو هو اهڙيءَ طرح انهيءَ جو امتحان ورتو سو جڏهن انهن قسم کڻي چيو هو ته صبح ٿيندي ئي اسين ان جو ميوو ضرور پٽي اينداسون. |
وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
۽ انشاءَ الله نه چيو هئائون. |
فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
پوءِ ان (باغ) تي تنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڦرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي ستائي رهيا (پيا هئا). |
فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
ته اهو (سڄو باغ ٻري) اهڙو ٿي ويو جهڙي تمام ڪاري رات. |
فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
پوءِ صبح ٿيندي ئي هڪ ٻئي کي سڏيائون. |
أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
ته پنهنجي پوک تي جلدي هلو. جيڪڏهن اوهان کي ميوو پٽڻو آهي. |
فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
پوءِ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان چوندا هليا. |
أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
ته اڄ ان (باغ) ۾ اوهان وٽ ڪو به مسڪين نه اچي. |
وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
۽ اهي سويري پهتا ۽ (مسڪينن) روڪڻ جي کين سگھ هئي. |
فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
پوءِ جڏهن ان (باغ) کي ڏٺائون ته چيائون ته اسين (شايد) رستو ڀليل آهيون. |
بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
(نه! نه!) پر اسين بي نصيب آهيون. |
قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
انهن ۾ جيڪو انصاف پسند هو تنهن چيو ته مون اوهان کي نه چيو هو ته خدا جي پاڪائي ڇو نه ٿا بيان ڪريو. |
قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
انهن چيو ته اسان جو پالڻهار پاڪ آهي. بيشڪ اسين ته ظالم هئاسون. |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
۽ هڪ ٻئي کي سامهون ٿي ملامت ڪرڻ لڳا. |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
چوڻ لڳا ته هاءِ! اسان جي خرابي! بيشڪ اسين حد کان لنگهندڙ هئاسون. |
عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
اميد آهي ته اسان جو پالڻهار هن کان به ڀلو (باغ) اسان کي ڏئي. بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون. |
كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
(ڏسو) ائين عذاب ٿيندو آهي ۽ آخرت جو عذاب ته ان کان گهڻو وڌيڪ آهي جيڪڏهن اهي ڄاڻن. |
إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
بيشڪ پرهيزگار شخص پنهنجي پروردگار وٽ عيش ۽ آرام جي باغن ۾ هوندا. |
أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
ته ڇا اسين فرمانبردارن کي نافرمانن جي برابر ڪنداسون (ڪڏهن نه) |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪئين فيصلو ڪريو ٿا؟ |
أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
يا اوهان وٽ ڪو (ايماني) ڪتاب آهي جنهن ۾ اوهين پڙهي وٺو ٿا، |
إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
جو جيڪا شيءِ اوهان کي وڻندي سا اتي اوهان کي ضرور ملندي. |
أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
يا اوهان اسان کان قسم کڻايا آهن جيڪي ڏينهن قيامت تائين هلندا رهندا ته جو ڪجھ اوهين حڪم ڪندو سو ئي اوهان لاءِ ضرور حاضر ڪيو ويندو. |
سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
انهن کان پڇو ته انهن ۾ ان جو ڪير ذمه دار آهي؟ |
أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
يا (هن باري ۾) انهن جا ٻيا ماڻهو به شريڪ آهن پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو سچا آهن ته پنهنجن شريڪن کي سامهون (ته) آڻين. |
يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
جنهن ڏينهن پني کولي ويندي ۽ (ڪافر) سجدي لاءِ سڏيا ويندا ته سجدو نه ڪري سگهندا. |
خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
سندن اکيون هيٺ هونديون، انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي هوڏانهن (ان ڏينهن کان اڳ) کين سجدي ڏي سڏيو ويندو هو ۽ اهي (تنهن وقت ڏنڊا ڏوٽا) چڱا ڀلا هئا. |
فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
ته مون کي هن ڪلام جي ڪوڙي ڪرڻ واري سان نبرڻ ڏي اسين ان کي هوريان هوريان اهڙي پڪڙ پڪڙنداسون جو انهن کي خبر به نه پوندي. |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
۽ انهن کي آءُ ڍر ڏيان ٿو، بيشڪ منهنجي رٿ تمام پڪي آهي. |
أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
(اي رسول) ڀلا تون ڪو انهن کان ڪا تبليغ رسالت جي اجرت ٿو گهرين جو چٽيءَ جي ڪري مٿن ڳرو بار پئجي ويو آهي؟ |
أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
يا ته انهن وٽ غيب جو علم آهي ڇا جو لکن ٿا. |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
پوءِ (اي رسول) تون پنهنجي پالڻهار جي حڪم (اچڻ) جو انتظار ڪر ۽ مڇيءَ (جو گرھ بنجڻ) واري (يونس) جهڙو نه ٿيءُ. جنهن وقت (ان پنهنجي پالڻهار کي) پڪاريو ۽ اهو ڪاوڙ ڀريل هو. |
لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
جيڪڏهن ان کي سندس پالڻهار جي طرفان رحمت نه پهچي ها ته کيس رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ سندس برو حال ٿئي ها. |
فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
پوءِ سندس پالڻهار ان کي نوازيو ۽ نيڪن مان ڪيائينس. |
وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
۽ (اي رسول) ڪافر ته هن ڳالھ تي اچي بيٺا آهن جو جڏهن تو کان قرآن ٻڌن ٿا تڏهن تو کي پنهنجين (تکين) اکين سان ٿيڙي ڇڏين ۽ چون ٿا ته هي چريو آهي. |
وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
هوڏانهن اهو (قرآن) ته سڀني جهانن لاءِ نصيحت آهي. |