| ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
|
نازِڪ نُڪتو نون جو، پَروَر ڄاڻي پاڻ، ساکِي ڪانِي ڪانهن جِي، پڻ سِٽون لِکن سُڄاڻ، |
| ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
|
۽ تُنهنجي آگي جي احسان سان، آهِين تُون نَه اَڄاڻ، |
| وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
|
۽ اَکٽ اَجر اڳرا، آهِن اوهان ڪاڻ، |
| وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
|
۽ وَڏِي چَڱِي چال تي، آهِين تون اڳواڻ!، |
| فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
|
جَلدِي پَسندِين پان تون، پڻ پَسن اِهي پَرياڻ، |
| بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
|
ته اوهان مان ڪِنهن ساڻ، آهي لڳت لاڳو لوڪ ۾؟ |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
|
سَچ پَچ سائـِين تُنهنجو، آهي اُنهِئَ کان آگاھ، جو وَڃِي اَوجھڙ اُجھيو، ڪَنان سَندسِ سَئـِين راھ، جيڪي پُورا پير تي، تِن کان، واه! جو واقِف آھ، |
| فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
|
پوءِ ڪُوڙن پُٺيان ڪِين هَل، |
| وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
|
جي گُھرن ٿا گُمراھ، ته هُوند حِيلي سان حَقَّ چَوِين، اي نِرمل! نيڪ نِگاھ، ته ٺيڪ وَڃِي ٿِي ٺاھ، هُو به لَهن هوڏ تان. |
| وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
|
۽ ڪِنهن ڪُوڙي قَسمِي کي نَه مَڃ، جو سَڀ خَلق ۾ خُوار، |
| هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
|
مِهڻيدار، مَسخرو، ڪُلفت سَندسِ ڪار، |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
کارِيندڙ خير ڪنان، بي چيو بَدڪار، |
| عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
|
تُند طَبِيعت تِنهن پُٺيان، گاڏڙ ذات گنوار، |
| أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
|
مَر هُجي مالدار، خاوَند کِير پُٽن جو. |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
|
پَڙهجن اَسان جا اُن مٿي، حُڪم جڏهن هيڪار، ته آکاڻيون اَڳيَنِ جون، آکيائـِين اِظهار، |
| سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
|
سِگهو ڪَنداسونسِ، سُونڊ تي، نِشانِي نِروار، |
| إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
|
اَسان آزماياسون اَڳڀرا، باغائـِي ڪي ڀار، سَنجھي جِن سُونهن وِڌو، ڪيائون قول قرار، ته اُن مان پَٽِيندا پِرھ سان، موڙٖي مَڃر ٽار، |
| وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
|
۽ اَکر نه آندئون وِچ ۾، جي گُھريو رَبَّ، غفار، |
| فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
|
تڏهن ڦِريو فِرقو رات ۾، تُنهنجي صاحِب، کان سَتّار، جَڏهن سُتل هُئا سيجن تي، ڪِنهن کي نه سار سَنڀار، |
| فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
|
پوءِ پَڪل باغ پِرھ سان، ٿيو ڦِري ڍِڳ ڦُلهيار، |
| فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
|
پوءِ هِڪ ٻئي کي هوشيار، ڪيؤن پرھ ڦُٽِي پِرڀات ۾. |
| أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
|
پوءِ اُٿيا اَسر آسري، ڪيؤن هِڪ ٻِئي کي به هَڪل، ته پُهچو پَنهنجِي پوک تي، سرهي صُبح مَهل، اٿوَ ميوا ماڻڻا، ته اُٿو سِين اَٽڪل، |
| فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ ڪَڙڪيا ڪَندٖي ڪَن سِرا، متان ڪنهن کي پَوي ڪَل، |
| أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
|
اَڄ نه گِھڙندو اُن ۾، ڪو کاڻُو ۽ کُٽل، |
| وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
|
۽ صُبح سوڀارا ٿيا، مَنجھ ٽارڻ وارِي ٽَل، |
| فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ جَڏهن اک اُنهن جِي، پَئـِي مَٿي تِنهن مَنزل، بيشڪ ڀُليا آهِيون، پاٻوهيون تِنهن پَل، |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
|
اُٽلو آسَرپَل، وانجِھيَل آهيون وِرڇ کان. |
| قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
|
چيو چڱي اُنهن مان، ته آن کي چَيَمِ نه چَڱِي چال؟ ته اِن ساءَ اللهُ هُوند چَئو، ڀانيو ڀَلي جا ڀال، |
| قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
|
اوسيڙِي اَرمان مان، ڳالهايؤن هِي ڳالھ، ته آهي پاڪ اسان جو، مالِڪ بي مِثال، اَسِين پاڻهِين پاڻ سان، آهيون جاڙُون ڪَندڙ جال، |
| فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ اُٿليا هيڪ ٻِئن تي، لَڳا لوئـِڻ لال، |
| قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
|
چي، هَي! اَسان جي حال، اَسِين مُوڙهل هُئاسون مُورهِين. |
| عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
|
آگو پاڪ اَسان جو، آهي اوڏو اِنهِئَ ڳالھ، ته ڏِينيَئون عيوض اُن جي، ڪو بِهتر باغ بَحال، اَسِين آسائُو آهيون، پَنهنجي مالِڪ ۾ مُعتال، |
| كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
|
اِي سَڀ سَزا جون صُورتون، هَلن حال فِى الحال، ۽ آهي آخِرت جو، جبرو جِئ جنجال، پروڙِين پئمال، هُوند انهئ حال کي!. |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
|
سُکن جا باغ سَچن لئي، آهِن سَندنِ سائـِينءَ وَٽِ، |
| أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
|
بُڇڙن ساڻ ڀَلن کي، ڪِيئن ڪَنداسون مَٽ، |
| ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
|
آن سان ڪِهڙو ٿيو ڪُو ڪَٽ؟، ته اِهڙا نِياءَ نبِيريو. |
| أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
|
ڇا، اوهان وَٽ آھِ ڪو، ڌُرائـِين دفتر؟ واري وَرق جِنهن مان، پڙهو اِهڙئَ پَر، |
| إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
|
ته آھِ اوهان لئي اُن ۾، گُھرو جِھڙو گَھر، |
| أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
|
يا آن سان ٻول اَسان جا، مُحڪم تان مَحشر؟ ته آھِ اَوهان آهِر، جِيئن واتان وائـِي واريو. |
| سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
|
پڇ پيغمبر! پاڪ تون، تِنِين کان تَفصِيل، ته آهي ڪير ڪَفِيل، بار کڻندڙ اِن بارر جو؟ |
| أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
|
ڇا، آهِن ڪي اُنهن جا، ساٿضي ري سَّتار؟ جي سَچاپاڻ سُخن ۾، ته آهينِ اِختيار، ته ڪوٺي ڪُل قطار، ميڙي اَچنِ ميدان ۾. |
| يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
|
جِنهن ڏاڍي ڏِينهن، بُڪِي تان، وِيندا کنياوَر، تڏهن سَجدي ڏانهن سَڏبا، پيش ڌَڻِي پَروَر، پوءِ سَجدو ڏيئـِي نه سَگھندا، قابُو هُوندونِ ڪَر، |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
|
اَکيون اُجھاڻيَل اُنهن جون، ٻِي بَدنامِي بَرسِر، ۽ سَجدي ڏانهن سَڏبا هُئا، مَهندِيرا مُنڪر، ۽ چَڱا ڀَلا بِهتر، اُهي جِھر هُئا جَھان ۾. |
| فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ ڇَڏ مون ۽ اُن کي، جو حَق کان ڦِريَل هُوڙ، صفا سَچِئَ هِن ڳالھ کي، ڪُوڙو ڪوٺي ڪُوڙ، جَھلي جَھلي، جَلدِي، جَھلي ڪَنداسونِ جُھوڙ، جِتان نَه پَوينِ پَرُوڙ، اُتان پَڪڙينداسُونِ پَڪ سان. |
| وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
|
۽ اُنهن کي اِمتحان لئي، مُهلت ڏِيان ٿو مُور، روزا زور ضرور، آهي سِٽا، سِٽاڻِي مُنهنجي. |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
|
ڇا، تون گُھرِين ٿو تِن کان، ڪو پورهيو پار، پَگھار؟ پوءِ اُهي ڏنڊ ڏِيڻ کي، ٿا بَرسِر ڀانئـِن بار، |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
|
ڇا، اُنهن وَٽِ ڳالهيون ڳُجھ جون ، اِلاهي اسرار؟ پوءِ اُنهِئَ جي آڌار، ليک لِکن ٿا لوڪ ۾. |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
|
پَنهنجي آگي جي، اَمر جو، پوءِ ڪَڍ تون اِنتظار، ۽ مَڇِئَ وارٖي جِيئن مُور نَه ٿِي، جِنهن واڪا ڪيا تِنهن وار، ۽ پِيَل مَڇِئَ جي پيٽ ۾، هُئو غمن ۾ غَمخوار، |
| لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
|
جي پَل ۾ پُهچيسِ ڪِين ها، ڏات سَندسِ ڏاتار، ته اُڇليو اَڇي پَٽ ۾، جِتي وَڻ، نَڪو وَڻڪار، اُهو هو اُنهِئَ حال ۾، خراب ۽ خوار، |
| فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
|
ڌَڻِئ سَندسِ، ڌُئو وَرِي، بَخشيَسِ بَخشڻهار، ڪَيَس پوءِ ڪَلتار، چڱون چڱن جي ساٿ مان. |
| وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
|
۽ اوڏا ٿيا اِن ڳالھ کي، جي ڦريا کون فرمان، ته آن کي، سَندنِ اَکيَنِ سان، نظر هَڻِن نادان، ڪِنِين ٻُڌو ڪنن سان، جڏهن قادِر جو قُرآن، ۽ چَونِ ٿا چريو آھِ هِي، ڪو اَٻوجھو اِنسان، |
| وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
|
۽ ناھِ نَصِحيت ري، اِهو، ڪو باطِل ٻِيو بَيان، ڪارڻ ڪُل جھان، آهي سَبَق ساڃاءِ جو. |