| ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
|
نٓ. قلم جو ۽ جيڪي لکن ٿا تنهن جو قسم آهي ته |
| ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
|
(اي پيغمبرﷺ !) تون پنهنجي پاليندڙ جي فضل سان ڪو چريو نه آهين |
| وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
|
۽ بيشڪ تو لاءِ ته اڻ کٽ اجر آهي. |
| وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
|
۽ بيشڪ تون وڏي خُلق وارو آهين. |
| فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
|
پوءِ تون به ڏسندين ۽ اهي (ڪافر) به ڏسندا |
| بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
|
ته اوهان مان ڪير چريو آهي. |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
|
بيشڪ تنهنجو پاليندڙ اُن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪو سندس رستي کان ڀليو ۽ اهو سڌي رستي تي هلندڙ کي به چٽي طرح ڄاڻندڙ آهي. |
| فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
|
پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) تون ڪوڙي چوندڙن کي تابعداري نه ڪر. |
| وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
|
اهي خواهش ڪن ٿا ته تون نرم ٿئين پوءِ هو به نرم ٿين. |
| وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
|
۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جي تابعداري نه ڪر |
| هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
|
جو گهڻا قسم کڻڻ وارو، خوار، طعنا هڻندڙ |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
چغليون کڻي هلندڙ چٽي ڪم کان روڪيندڙ، حد کان لنگهندڙ، گنهگار، |
| عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
|
بڇڙي طبيعت وارو (۽) ان کان پوءِ بداصل هجي |
| أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
|
هن ڪري ته هو مال ۽ اولاد وارو آهي. |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
|
جڏهن کيس اسان جو ن آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن. |
| سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
|
سگهوئي کيس نڪ تي داغ ڏينداسون. |
| إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
|
(اي پيغمبرﷺ!) اسان انهن (ڪافرن) کي اهڙي طرح آزمايو جهڙيءَ طرح باغ وارن کي آزمايوسون. جڏهن انهن قسم کنيو هو ته صبح ٿيندي ئي ان (جي ميوي) کي پٽيندا. |
| وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
|
۽ (مسڪينن جو حصو) جدا نه ڪندا. |
| فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
|
پوءِ ان باغ تي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان ڪا ڦرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي سُتا رهيا. |
| فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
|
پوءِ اهو لاباري پيل (زمين) جهڙو ٿي پيو. |
| فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
|
پوءِ صبح ٿيندي ئي هڪ ٻئي کي سڏيائون، |
| أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
|
ته پنهجي پوک تي جلدي هلو جيڪڏهن اوهان کي ميوو پٽڻو آهي. |
| فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان هوريان چوندا هليا ته |
| أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
|
اڄ ان(باغ) ۾ اوهان وٽ ڪوبه مسڪين اندر نه اچي. |
| وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
|
۽ اهي سويري پهتا ۽ (مسڪينن) کي روڪڻ جي کين سگهه هئي. |
| فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ جڏهن ان (باغ) کي ڏٺائون ته چيائون ته اسين رستو ڀليل آهيون |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
|
(نه نه !) پر اسين بي نصيب آهيون. |
| قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
|
سندن چڱي مڙس چيو ته مون اوهان کي نه چيو هو ڇا ته الله جي پاڪائي ڇو نه ٿا بيان ڪريو؟ |
| قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
|
انهن چيو ته اسان جو پاليندڙ پاڪ آهي. بيشڪ اسي نه ته ظالم هئاسون. |
| فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ هڪ ٻئي کي سامهون ٿي هڪ ٻئي کي ملامت ڪرڻ لڳا. |
| قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
|
چوڻ لڳا ته هاءِ اسان جي خرابي! بيشڪ اسين حد کان لنگهندڙ هئاسون. |
| عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
|
اميد آهي ته اسان جو پاليندڙ هن کان به ڀلو (باغ) اسان کي بدلي ۾ ڏي ، بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون. |
| كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
|
(اي پيغمبرﷺ!) اهڙيءَ طرح ئي (ناشڪريءَ جو) عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته تمام وڏو آهي، جيڪڏهن ڄاڻن ها. |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
|
بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ نعمت جا باغ آهن. |
| أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
|
پوءِ اسين تابعدارن کي ڏوهارين جهڙو ڪنداسون ڇا؟ |
| ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
|
اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪيئن فيصلو ڪريو ٿا؟ |
| أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
|
يا ته اوهان وٽ ڪو ڪتاب آهي ڇا؟ جنهن ۾ (هيءَ ڳالهه) پڙهو ٿا ته |
| إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
|
آخرت ۾ اوهان لاءِ اها شيءِ آهي جا پسند ڪريو ٿا. |
| أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
|
يا ته اوهان جا اسان جي ذمي ڪي پڪا انجام آهن ڇا؟ جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين هلندا ته جنهن شيءِ جو اوهين حڪم ڪريو سا اوهان لاءِ آهي. |
| سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
|
(اي پيغمبرﷺ!) انهن کان پڇ ته انهن مان ڪير ان (ڳالهه) جو ذميوار آهي. |
| أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
|
يا ته انهن جا ڪي (الله سان ٺهرايل) شريڪ آهن ڇا؟ پوءِ جيڪڏهن سچا آهن ته پنهنجن (ٺهرايل) شريڪن کي وٺي اچن. |
| يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
|
(ان وقت کي ياد ڪر) جنهن ڏينهن پني کولي ويندي ۽ کين سجدي ڏي سڏيو ويندو، پوءِ سجدو نه ڪري سگهندا. |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
|
سندن اکيون جهڪيون هونديون، انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي هوڏانهن (ان ڏينهن کان اڳ) کين سجدي ڏي سڏيو ويندو هو ۽ اهي (ان وقت) سلامت هئا. |
| فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) مون کي ۽ انهن کي ڇڏي ڏي جيڪي هن ڳالهه کي ڪوڙو چون ٿا. سگهوئي اسين کين آهسته آهسته ڪري پڪڙينداسون جتان کين خبر به نه پوندي. |
| وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
|
۽ اُنهن کي آءُ ڍر ڏيان ٿو. بيشڪ منهنجي رٿ تمام پڪي آهي. |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
|
ڀلا تون انهن کان ڪا اجرت گهرين ٿو ڇا؟ جو چٽيءَ جي ڪري مٿن ڳرو بار پئجي ويو آهي. |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
|
يا ته انهن وٽ غيب جو علم آهي ڇا؟ جو لکن ٿا. |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
|
پوءِ (اي پيغمبر !) تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم (اچڻ) جو انتظار ڪر ۽ مڇيءَ واري جهڙو نه ٿيءُ، جنهن وقت اُن پڪاريو ۽ اهو رنج سان ڀريل هو |
| لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
|
جيڪڏهن ان کي سندس پاليندڙ جي طرفان رحمت نه پهچي ها ته کيس رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ هو بڇڙي حال هجي ها. |
| فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
|
پوءِ سندس پاليندڙ ان کي نوازيو پوءِ نيڪن مان ڪيائينس. |
| وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
|
۽ (اي پيغمبر !) بيشڪ ڪافر ته هن ڳالهه تي اچي بيٺا آهن جو جڏهن توکان قرآن ٻڌن ٿا تڏهن توکي پنهنجين (تکين) اکين سان ٿيڙي ڇڏين ۽ چون ٿا ته هي چريو آهي، |
| وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
|
هوڏانهن اهو (قرآن) جهانن لاءِ نصيحت آهي. |