| ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
|
نون (اِهو حروف مقطعات منجهان آهي ان جي معنى الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) قسم آهي قلم جو، قسم آهي ان (لکت) جو جيڪا لکڻ وارا (ملائڪ) لکن ٿا. |
| ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
|
تون پنهنجي پالڻهار جي فضل سان (هرگز) مجنون نه آهين. |
| وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
|
۽ بيشڪ تو لاءِ نه کٽندڙ اجر آهي. |
| وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
|
۽ بيشڪ تون زبردست اخلاق تي فائز آهين. |
| فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
|
پوءِ جلد تون به ڏسندين اُهي به ڏسندا. |
| بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
|
ته اوهان مان ڪير جنون ۾ مبتلا آهي. |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
|
بيشڪ تنهنجو پالڻهار ان شخص کي چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي جيڪو سندس رستي کان ڀٽڪي ويو ۽ اُهو سڌي رستي تي هلڻ وارن کي به چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي. |
| فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
|
پوءِ تون ڪوڙي چوڻ وارن جي تابعداري نه ڪر. |
| وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
|
اُهي چاهن ٿا ته جي تون نرم ٿين ته پوءِ اُهي به نرم ٿين. |
| وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
|
۽ تون اهڙي شخص جي ڳالهه نه مڃ جو گهڻا قسم کڻڻ وارو انتهائي ذليل آهي. |
| هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
|
طعنا هڻندڙ گھمندو ڦرندو چغلخور آهي. |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
چڱي ڪم کان روڪيندڙ حد کان لنگهندڙ سخت گهنگار آهي. |
| عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
|
جفاڪار آهي ان (سڀ عيبن) کان پوءِ بد اصل آهي. |
| أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
|
هن ڪري (ان کي اهميت نه ڏي) جو اُهو مال ۽ اولاد وارو آهي. |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
|
۽ جڏهن ان تي اسان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته چوي ٿو: ” هي ته اڳين جون آکاڻيون آهن“. |
| سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
|
سگهوئي اسان سندس سونڊ (جهڙي نڪ) تي داغ ڏينداسين. |
| إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
|
بيشڪ اسان انهن (مڪي وارن) کي اهڙي طرح آزمائش ۾ وڌو آهي جهڙي طرح باغ وارن کي آزمايو هيو جڏهن انهن قسم کنيو ته اسان صبح ٿيندي ئي ان جا ميوا پَٽينداسين. |
| وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
|
۽ انشاءالله نه چيائون. |
| فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
|
پوءِ ان (باغ تي) تنهنجي پالڻهار جي پاران ڪا ڦرڻ واري (آفت) ڦري وئي ان حال ۾ جو اُهي ستل ئي رهيا. |
| فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
|
پوءِ اُهو (باغ) ائين ٿي ويو جيئن لابارو ٿيل پوک. |
| فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
|
پوءِ صبح ٿيندي ئي هڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا. |
| أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
|
ته پنهنجي پوک تي ساجھر سوير هلو جيڪڏهن اوهان کي ميوا پَــٽڻا آهن. |
| فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ هليا ۽ اُهي هڪ ٻئي کي هوريان چوندي پي ويا. |
| أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
|
ته اڄ ان (باغ) ۾ اوهان وٽ ڪوبه مسڪين اندر نه اچي. |
| وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
|
۽ صبح جو ساجھر هليا پنهنجي (ڪجھه نه ڏيڻ واري) ارادي تي سگھه سمجهندي. |
| فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ جڏهن ان (اجڙيل باغ) کي ڏٺائون ته چيائون: ”اسان پڪ سان رستو ڀُليل آهيون. |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
|
نه نه بلڪه اسان بي نصيب آهيون“. |
| قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
|
انهن جي چڱي مڙس چيو: ”ڇا مون توهان کي نه چيو هيو ته توهان (الله) جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪيو“؟ |
| قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
|
(تڏهن) چيائون: ”اسان جو پالڻهار پاڪ آهي بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين“. |
| فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ اُهي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي (هڪ ٻئي کي) ملامت ڪرڻ لڳا. |
| قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
|
چيائون: ”هاءِ اسان تي افسوس! بيشڪ اسان سرڪش هئاسين. |
| عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
|
اميد آهي اسان جو پالڻهار اسان کي ان جي عيوض ان کان بهتر (باغ) ڏيندو بيشڪ اسان پنهنجي پالڻهار ۾ اميدوار آهيون“. |
| كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
|
عذاب ائين هوندو آهي! ۽ آخرت جو عذاب (اڃا) وڏو آهي. هائو جي ڄاڻن ها. |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
|
بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سندن پالڻهار وٽ نعمتن وارا باغ آهن. |
| أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
|
ڇا اسان فرمانبردارن جو ڏوهارين جهڙو حال ڪنداسين؟ |
| ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
|
توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪيئن ٿا فيصلو ڪيو! |
| أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
|
ڇا اوهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جنهن ۾ (اهو) پڙهو ٿا؟ |
| إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
|
جو توهان جي لاءِ ان ۾ اهو ڪجهه آهي جو توهان پنهنجي لاءِ پسند ڪيو ٿا. |
| أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
|
ڇا توهان جا اسان جي ذمي ڪي پڪا پختا انجام آهن؟ جيڪي قيامت واري ڏينهن تائين هلندا جو توهان جي لاءِ اهو ڪجهه هوندو جنهن جو توهان (پنهنجي لاءِ) فيصلو ڪندؤ! |
| سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
|
انهن کان پڇ ته انهن مان ڪير ان (بيهودي ڳالهه) جو ضامن آهي .. |
| أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
|
يا ته انهن جا ڪي شريڪ آهن .. ته پوءِ ڀلي پنهنجي شريڪن کي وٺي اچن جي اهي سچا آهن. |
| يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
|
جنهن ڏينهن هڪ پِني (يعني قيامت جي هيبتناڪ منظر) تان پردو کنيو ويندو ۽ انهن (نافرمانن) کي سجدي ڏانهن سڏيو ويندو پوءِ سجدو ڪري نه سگهندا. |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
|
انهن جون اکيون جُهڪيل هونديون انهن کي خواري ويڙهي وئي هوندي. حالانڪه اُهي (دنيا ۾ به) سجدي لاءِ سڏيا ويندا هئا ۽ اُهي (ان وقت) تندرست هئا (پر سجدو نه ڪندا هئا). |
| فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ مون کي ۽ ان ماڻهو کي ڇڏي ڏي جيڪو هن ڳالهه جو انڪار ڪري ٿو. جلد ئي اسان انهن کي آهستي آهستي ڪري پڪڙينداسين جتان کين خبر به نه پوندي. |
| وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
|
۽ آءٌ انهن کي مهلت ڏيان ٿو. بيشڪ منهنجي تدبير ڏاڍي مضبوط آهي. |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
|
ڇا تون انهن کان (تبليغ جو) ڪو معاوضو گهرين ٿو؟ جو اُهي چَٽِيءَ جي بار ۾ دٻجي ويا آهن؟ |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
|
ڇا انهن وٽ غيب جو علم آهي؟ جو اُهي لکن ٿا. |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
|
سو تون پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي انتظار ۾ صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (نبي يونس) وانگر نه ٿيءُ. جنهن وقت ان (الله کي) پڪاريو ۽ اهو (قوم جي بي فرمانن مٿان) غم ۽ غصي ۾ ڀريل هيو. |
| لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
|
جيڪڏهن ان کي سندس پالڻهار پاران رحمت نه پهچي ها ته ان کي رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي هاءِ اهو ملامت زده هجي ها. |
| فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
|
پوءِ ان کي سندس پالڻهار چونڊيو پوءِ ان کي نيڪوڪارن مان ڪيائين. |
| وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
|
۽ قريب آهي جو ڪافر توکي پنهنجي تيز نگاهن سان ڪيرائي وجهن جڏهن اُهي قرآن ٻڌن ٿا ۽ چون ٿا ته: ”هي ضرور عقل کان خالي آهي“. |
| وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
|
حالانڪه هي (قرآن) ته سڀ جهانن جي لاءِ نصيحت آهي. |