ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
قسم آهي، قلم جو ۽ ان جو جيڪي (علم) لکندا آهن (سي شاهد آهن ته تون عاليشان تعليم ڏيندڙ آهين.) |
ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
ته (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پاليندڙ جي فضل (نبوت) سان (همڪنار آهين) ڪو چريو نه آهين. |
وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
۽ بيڪشڪ تو لاءِ ته (تنهنجي ڪوششن جو) اڻ کٽ اجر آهي. |
وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ تون (سيرت ۾ به) وڏي خلق وارو آهين. (کين اها ڳالهه به نٿي سمجهائي ته تونسيرت ۾ به مثالي آهين.). |
فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
پوءِ تون به ڏسندين ۽ اهي (ڪافر) به ڏسندا. (جو سگهو عملي طرح اها ڳالهه واضح ٿيندي.) |
بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
ته اوهان مان ڪير چريو آهي. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻيندڙ آهي، جيڪو سندس (فرمانبرداريءَ واري سڌي) رستي کان ڀليو ۽ اهو سڌي رستي تي هلندڙن کي به چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. |
فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
پوءِ (اي پيغمبر!) تون ڪوڙ بڪيندڙن جي (سندن ڪوڙ تي) تابعداري نه ڪر. |
وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
اهي خواهش ڪن ٿا ته، (اهڙن طعنن کان تنگ اچي) تون ڍرو؟ ٿئين، پوءِ هو به (مفاهمت لاءِ) ڍرا ٿين. |
وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جي تابعداري نه ڪر، جو (اهو پست ذهنيت جي ڪري) گهڻا قسم کائڻ وارو، خوار هجي. |
هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
طعنا هڻندڙ، (جو کيس تنهنجي جماعت ۾ ڪٿي به چڱائي نظر نٿي اچي) چغليون کڻي هلندڙ. (ته جيئن فتنو ۽ فساد پيدا ٿئي). |
مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
(پاڻ به چڱو ڪم نه ڪري ۽ ٻين کي به) چڱي ڪم کان روڪيندڙ، (سرڪشيءَ ۾) حد کان لگهندڙ، ڏوهاري، (انسانيت لاءِ تعميري ڪم ۾ سڀ کان پٺتي). |
عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
بڇڙي طبيعت وارو (۽) ان کانپوءِ بداصل هجي. (هميشه نيت اها ته ماڻهن جو سڀ ڪجهه هڙپ ڪري وڃي). |
أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
(پوءِ به هو معتبر بڻيل آهي) هن ڪري ته اهو سرمائيوارو ۽ اولاد (۽ ڦهليل خاندان) وارو آهي. |
إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
(دولت ۽ قوت جي نشي ۾ سندس ڪيفيت هيءَ آهي جو) جڏهن کيس اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (نفرت ۽ آڪڙ وچان) چوي ٿو ته، هي اڳين جون آکاڻيون آهن. |
سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
سگهوئي کيس (انهيءَ آڪڙيل کي) نڪ تي ڏنڀ ڏينداسون. |
إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
(اي پيغمبر!) اسان انهن (سرمائي پرستن) کي اهڙيءَ طرح آزمايو جهڙيءَ طرح باغ وارن کي آزمايوسون. جڏهن انهن قسم (کائي پڪ ڪري ڇڏي هئي) ته صبح ٿيندي ئي ان (جي ميوي) کي پٽيندا. |
وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
۽ (ان مان مسڪينن جو حصو) جدا نه ڪندا. |
فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
پوءِ ان (باغ) تي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان ڪا ڦيرو (پائي چٽ) ڪرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي ستا ئي رهيا. (جو سندن سمورو فصل چٽ ٿي ويو. |
فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
پوءِ اهو ڀيليل (زمين) جهڙو ٿي پيو. |
فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
پوءِ صبح ٿيندي ئي (فصل پٽڻ لاءِ) هڪٻئي کي سڏيائون. |
أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
ته پنهنجي پوک تي جلدي هلو، جيڪڏهن اوهان کي ميوو پٽڻو آهي. |
فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
پوءِ (ٺينگ ٽپا ڏيندا) پاڻ ۾ هڪٻئي کي هوريان چوندا هليا. |
أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
ته اڄ ان (باغ) ۾ اوهان وٽ ڪوبه محتاج ۽ مسڪين اندر نه اچي. |
وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
۽ اهي سوير پهتا ۽ (اهڙو انتظام ڪيائون جو مسڪينن کي) روڪڻ جي کين سگهه هئي. |
فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
پوءِ جڏهن ان (باغ) کي ڏٺائون ته، چيائون ته، اسين رستو ڀليل آهيون. (ڪٿي هي ٻين جو باغ ته ناهي؟!) |
بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
(جڏهن اکيون مهٽي پڪ ڪيائون ته، پوءِ رڙ نڪري وين ته نه نه!) پر اسين بي نصيب آهيون. (۽ اسان جو سڀ ڪجهه لٽجي ويو). |
قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
سندن چڱي مڙس چيو ته، مون اوهان کي نه چيو ها ڇا ته الله جي (قانونن تي هلي ان جي) پاڪائي ڇو نٿا بيان ڪريو. (۽ سندس فرمانبرداريءَ ۾ ڇو نٿا اچو.). |
قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
انهن چيو ته، اسان جو پاليندڙ پاڪ آهي (اهو ڪنهن جي محنت ائين ضايع نه ڪندو آهي) بيشڪ اسان (مسڪينن ۽ غريبن جي حقن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون سو) پاڻ تي (پاڻ) ظلم ڪيو. |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
پوءِ هڪٻئي کي سامهون ٿي هڪٻئي کي ملامت ڪرڻ لڳا. |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
چوڻ لڳا ته، هاءِ! اسان جي خرابي! بيشڪ اسين (فصل جو ڏيڻ وارن خدائي قانونن جي) حد کان لنگهندڙ هئاسون. |
عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
(هينئر اسان خدائي قانونن تي عمل طرف موٽون ٿا) اميد آهي ته اسان جو پاليندر هن کان به ڀلو (باغ) اسان کي بدلي ۾ ڏئي. بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون. |
كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
(اي پيغمبر! تون خدائي قانونن سان سرڪشي ڪندڙن کي ٻڌاءِ ته) اهڙيءَ طرح ئي (نافرماني ۽ ناشڪريءَ جو) عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته تمام وڏو آهي، جيڪڏهن (اها ڳالهه) سمجهه وٺن ها. |
إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
(ٻئي طرف واري خدا جي قانونن تي عمل ڪندڙ ۽ مسڪينن محتاجن جو خيال رکندڙ) پرهيزگارن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ نعمت جا باغ آهن. |
أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
پوءِ اسين (مهربانين جي عطا ۾ خدائي قانونن جي) تابعدارن کي (سرڪشي ڪندڙ) ڏوهارين جهڙو ڪنداسون ڇا؟ |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
اوهان کي ڇا ٿيو آهي (جو جيئن دل ۾ اچيو ٿو تيئن ڪيو ٿا؟ خدا جي قانونن کي اورانگهڻ جو آخر) ڪيئن فيصلو ڪريوٿا؟ |
أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
يا ته اوهان وٽ ڪو (اهڙو خدائي) ڪتاب آهي جنهن ۾ (پنهنجي مرضي اختيار ڪرڻ جي اجازت) پڙهو ٿا؟ |
إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
(يا الله کان اوهان لکي ورتو آهي ته هتي جيئن وڻيو تيئن ڪندا وتو ۽) آخرت ۾ اوهان لاءِ اها شئ (تيار پئي) آهي جا پسند ڪريو ٿا. |
أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
يا اوهان (مان ڪو ٻڌائي ته ان) جا اسان جي ذمي ڪي پڪا انجام ۽ قسم آهن ڇا؟ جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين هلندا ته (اتي) جنهن شئ جو اوهين حڪم ڪريو سا اوهان لاءِ (حاضر) آهي. |
سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
(اي پيغمبر!) انهن کان پڇ ته، انهن مان ڪير ان (ڳالهه) جو ذميوار آهي؟ (جيڪو سيني تي هٿ هڻي چوي ته، مان خدا سان انهيءَ قسم جو عهد ڪيو آهي.) |
أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
يا ته انهن جا ڪي (الله سان ٺهرايل) شريڪ آهن ڇا؟ (جن کين اهڙي خاطري ڪرائي آهي) پوءِ جيڪڏهن سچا آهن ته پنهنجي (ٺهرايل) شريڪن کي وٺي اچن. (۽ پنهنجي گهڙيل ڪوڙين دعوائن جي صداقت جو ثبوت ڏين). |
يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
(اهو سڀ من گهڙت آهي ۽ خدا جو مڪافات وارو قانون اٽل آهي، سو ان وقت کي ياد ڪر) جنهن ڏينهن (پريشان حاليءَ ۾ تيز ڀڄندي سندن) پني کولي ويندي ۽ کين سجدي ڏي سڏيو ويندو، پوءِ (دنيا ۾ سجدي نه ڪرڻ ڪري اتي به) سجدو نه ڪري سگهندا. |
خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
سندن اکيون (ندامت کان) جهڪيل هونديون، انهن کي خوراي ويڙهي ويئي هوندي، هوڏانهن (ان ڏينهن کان اڳ جڏهن) کين سجدي ڏي سڏيو ويندو هو (ته بيپرواهي ڪندا هئا) ۽ اهي (توڻي جو ان وقت) چڱا ڀلا هئا. |
فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
پوءِ (اي پيغمبر!) تون پنهنجي ڪم سان لڳو رهه) پوءِ ڇڏ مون کي ۽ انهن کي به جيڪي هن مڪافات واري) ڳالهه کي ڪوڙو چون ٿا (تن کي منهنجي حوالي ڇڏ). سگهوئي اسين کين آهستي آهستي ڪري پڪڙ ۾ آڻينداسون، جتان کين خبر به نه پوندي. |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
۽ انهن کي آئون (هن وقت) ڍر ڏيان ٿو. بيشڪ منهنجي رٿ تمام پڪي آهي. (انهيءَ ڪري هي ان جي گرفت مان ٻاهر نٿا وڃي سگهن.) |
أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
(هي جو توکان ڀڄڻ گهرن ٿا) ڀلا تون انهن کان ڪا اجرت گهرين ٿو ڇا، جو چٽيءَ جي ڪري مٿن ڳرو بار پئجي ويو آهي. |
أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
يا انهن وٽ غيب جو علم آهي ڇا (جو سمجهن ٿا ته، جيڪو تون چوين ٿو اهو واقعي ۾ ٿيندو ئي ڪونه) پوءِ هو لکندا ٿا وڃن. |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
پوءِ (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ مڇيءَ واري (پيغمبر يونس جهڙو) نه ٿيءُ، جنهن وقت ان پڪاريو ۽ (جيڪو قوم جي مخالفت کان گهٻرائجي وقت کان پهريائين هجرت ڪري هليو ويو جو) اهو رنج ۽ الم سان ڀريل هو. |
لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
جيڪڏهن ان کي سندس پاليندڙ جي طرفان رحمت نه پهچي ها ته کيس رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ هو بري حال ۾ هجي ها. (جو اتان نڪري نه سگهي ها.) |
فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
پوءِ سندس پاليندڙ ان کي (عارضي مصيبت مان ڪڍي کيس) نوازيو پوءِ نيڪن مان ڪيائينس. |
وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
۽ (اي پيغمبر!) بيشڪ ڪافر ته هن ڳالهه تي اچي بيٺا آهن جو جڏهن توکان قرآن ٻڌن ٿا تڏهن توکي پنهنجين (گهوريندڙ) اکين سان ٿيڙي ڇڏين. (۽ هلڙ بازيءَ جي طريقن سان توکي پريشان ڪن) ۽ چون ٿا ته هي چريو آهي. |
وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
(پر تون انهن کان گهٻراءِ نه. ان ڪري جو هي قرآن صرف هن قوم لاءِ ناهي.) هوڏانهن اهو جهانن (جي سڀني قومن لاءِ) نصيحت ئي آهي. (پوءِ جيڪو به ان مان نصيحت حاصل ڪري). |