| ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
|
ن. قسم آهي قلم جو ۽ جيڪو اهو لکت ڪري ٿو |
| ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
|
رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي نعمت سان عقلمند آهيو |
| وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
|
۽ بيشڪ توهان لاءِ بي انتها اجرِ عظيم آهي |
| وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
|
۽ بيشڪ توهان جو خُلقُ عظيم آهي |
| فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
|
پوءِ (تون بہ) سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (ڪافر بہ) ڏسندا |
| بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
|
تہ اوھان مان ڪير چريو آھي؟ |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
|
بيشڪ توهان جو رب ئي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو ان جي واٽ کان گمراه ٿيو، ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي هدايت وارن کي |
| فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
|
پوءِ توهان ڪوڙن ماڻهن جي نه ٻڌو |
| وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
|
اهي نرمي ڪرڻ جي تمنا ڪن ٿا پوءِ اهي به نرمي ڪن |
| وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
|
۽ توهان ڪا ڳالهه نه ٻڌو هر اهڙي ماڻهوءَ جي جيڪو گھڻا قسم کڻندڙ خوار آهي |
| هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
|
(جو) طعنا ھڻندڙ، چغلي کڻي ھڻندڙ |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
خير کان جھليندڙ، حد کان لنگھيل، وڏو ڏوھي |
| عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
|
بدعادتو اِن (سڀني) کانپوءِ حرامي (بہ) ھجي |
| أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
|
اِنھيءَ ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
|
جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون چوي ٿو (ته اهي) اڳين ماڻهن جو آکاڻيون آهن |
| سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
|
جلدي اسين سندس سونڍ (نڪ) تي داغ ڏينداسين |
| إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
|
بيشڪ اسان انهن کي آزمايو، جيئنڪ اسان باغ وارن کي آزمايو، جنهن وقت انهن قسم کنيو ته صبح جو سويري اهي ميوا پٽيندا |
| وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
|
۽ انهن اِنشَاءالله نه چئي |
| فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
|
پوءِ ان باغ تي (رات جو) توهان جي رب جي طرفان آفت پهتي ۽ اهي (ان وقت) ننڊ ۾ هئا |
| فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
|
پوءِ باغ ڦري ٿيو مثل لاباري ڪيل پوک جي |
| فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
|
پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا |
| أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
|
تہ جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو تہ پنھنجيءَ پوک تي سويرو ھلو |
| فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ اهي پاڻ ۾ آهستي ڳالهائڻ لڳا |
| أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
|
ته نه داخل ٿئي اڄ توهان جي باغ تي ڪو مسڪين |
| وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
|
۽ صبح جي وقت پنهنجي ارادي سان قادر ٿي روانا ٿيا |
| فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ جڏهن انهن (سڙيل) باغ ڏٺو ته چوڻ لڳا ته بيشڪ اسين يقيناً رستو ڀلجندڙ آهيون |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
|
بلڪ اسين محروم آهيون |
| قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
|
انهن مان چڱي ماڻهو چيو، ڇا مون توهان کي نه چيو هو ته توهان الله جي پاڪائي (خيرات) ڇو نٿا ڪريو |
| قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
|
انهن چيو اسان جو رب پاڪ آهي، بيشڪ اسان ظالم هئاسين |
| فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ اهي هڪ ٻئي کي سامهون ٿي هڪ ٻئي تي ملامت ڪرڻ لڳا، |
| قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
|
انهن چيو هاءِ. افسوس. بيشڪ اسين الله جي حدن کان وڌندڙ هئاسين |
| عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
|
عنقريب اسان جو رب اسان کي ان کان بهتر باغ عطا ڪندو، بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهيون |
| كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
|
اهڙيءَ طرح عذاب آهي، ۽ پر آخرت جو عذاب تمام وڏو آهي، ڪاش، اهي ڄاڻن ها |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
|
بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سندن رب وٽ نعمتن وارا باغ آهن |
| أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
|
ڇا پوءِ اسين مسلمانن کي مجرمن وانگر ڪنداسين |
| ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
|
توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ توهان ڪهڙيءَ طرح فيصلو ڪريو ٿا |
| أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
|
ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جو ان ۾ توهان پڙهو ٿا |
| إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
|
پوءِ بيشڪ توهان لاءِ ان ۾ اهو ئي آهي جيڪو توهان پسند ڪريو ٿا |
| أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
|
يا توهان لاءِ اسان تي قيامت جي ڏينهن تائين ڪي پَڪا قسم کنيل آهن جو بيشڪ توهان لاءِ اهو آهي جيڪو توهان فيصلو ڪريو ٿا |
| سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
|
اي رسولِ عربي توهان انهن کان پڇو ته انهن مان ڪهڙو سندن ضامن آهي |
| أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
|
يا انهن وٽ ڪي شريڪ آهن، اهي ڀلي پنهنجي شريڪن کي آڻين جيڪڏهن اِهي سچا آهن |
| يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
|
قيامت جي ڏينهن بيحد سختي هوندي ۽ انهن کي سجدي ڏانهن سڏيو ويندو پوءِ کين سجدي جي توفيق نه ٿيندي |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
|
سندن اکيون هيٺ هونديون انهن کي خواري ڍڪي ويندي، ۽ بيشڪ انهن کي (دنيا ۾) سجدن ڏانهن سڏيو ويندو هو ۽ اهي (ان وقت) صحيح سلامت به هئا |
| فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ توهان مون کي ڇڏيو ۽ انهن ماڻهن کي ڇڏيو جيڪي قرآن ڪريم کي نٿا مڃن، آئون انهن کي درجي بدرجي (عذاب ڏانهن) وٺي ويندس جو کين خبر نه پوندي |
| وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
|
۽ آئون انهن کي مهلت ڏيان ٿو بيشڪ منهنجي رِٿ پاڪ آهي |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
|
ڇا توهان انهن کان ڪو اجر طلب ڪريو ٿا، پوءِ اهي چَٽي ۾ زير بار آهن |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
|
ڇا انهن وٽ غيب آهي پوءِ اهي (ان کي) لکن ٿا |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
|
پوءِ توهان پنهنجي رب جي حڪم مطابق صبر ڪريو ۽ توهان يونس پيغمبر وانگر نه هجو، جنهن وقت ان پڪاريو ۽ اهو پريشان حال هو |
| لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
|
جيڪڏهن ان کي سندس رب جي طرفان نعمت نه پهچي ها ته ضرور ان کي ميدان تي اڇلايو وڃي ها ۽ اهو مذموم هجي ها |
| فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
|
پوءِ کيس سندس رب برگزيده ڪيو پوءِ ان کي صالحين مان ڪيو |
| وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
|
۽ عنقريب ڪافر توهان کي پنهنجي بدنظرن سان ڪيرائڻ چاهين ٿا، جڏهن اهي قرآن ڪريم ٻُڌن ٿا ۽ چون ٿا بيشڪ اهو عقل کان پري آهي |
| وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
|
۽ ناهي اهو مگر سڀني جهانن لاءِ نصيحت |