ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
ن_ قلم ۽ جيڪي هو لکن ٿا، سي شاهد آهن، |
ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
ته تون سندس ڌڻيءَ جي فضل سان چريو ڪونه آهين. |
وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
۽ بيشڪ تو لاءِ اڻ کٽ ثواب آهي. |
وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ تون تمام وڏي درجي جي لڇڻن وارو آهي. |
فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
پوءِ تون به جلد ئي ڏسندين ۽ هو به ڏسي رهندا. |
بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
ته ڪير اوهان مان چريو آهي. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
بيشڪ تنهنجي رب کي چڱيءَ طرح خبر آهي، ڪير سندس واٽ کان ڀليل آهي ۽ اهو سنئين راهه تي هلندڙن کي به خوب ڄاڻي ٿو. |
فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
پوءِ تون انهن نه وسهندڙن جو چيو نه مڃج. |
وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
هو ته چاهين ٿا ته جيڪڏهن تون نرمي ڪرين ته هو به ڪن. |
وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جو چيو نه مڃج، جيڪو گهڻا قسم کڻندڙ، خوار، |
هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
عيب ڪڍندڙ، چغليون هڻندو وتندڙ، |
مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
چڱي ڪم کان روڪيندڙ، حد کان لنگهيل، بدڪار، |
عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
بڇڙين عادتن وارو ۽ ان کان پوءِ حرامي به آهي- |
أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
هنڪري، جو هو مال ۽ اولاد وارو آهي. |
إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
جڏهن وٽس اسان جو آيتون پڙهجن ٿيون ته هو چوي ٿو ته ”اهي ته اڳين جون آکاڻيون آهن.“ |
سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
اسين جلد ئي سندس سونڍ جهڙي نَڪ تي ڏنڀ ڏينداسون. |
إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
بيشڪ اسان هنن کي ائين آزمايو، جيئن باغ وارن کي آزمايو هوسون_ جڏهن قسم کنيائون ته ”پوک کي ضرور سويرو ئي لڻندا.“ |
وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
۽ ”انشاءَ الله“ به نه چيائون_ |
فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
پوءِ سندن ستي ئي تنهنجي ڌڻيءَ وٽان ان باغ تي ڪا بلا پيئي، |
فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
جوهو لڻيل جهڙو ٿي ويو. |
فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
هو ته سويرو هڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا. |
أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
ته ”جيڪڏهن لابارو ڪرڻو اٿوَ، ته پنهنجي پوک ڏي سويل هلو.“ |
فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
پوءِ هڪ ٻئي سان سُر پُر ڪندا هليا. |
أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
ته ”جيئن اڄ هن ۾ اوهان وٽ ڪو مسڪين نه اچي سگهي.“ |
وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
۽ انهي ڪنجوسيءَ تي قادر ٿي اچي سويل ئي پهتا. |
فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
مگر جڏهن پوک کي ڏٺائون، تڏهن چوڻ لڳا ”اسين ته سچ پچ گمراهه آهيون. |
بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
نه، بلڪ اسين ته بي نصيب ٿي وياسون!“ |
قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
ته منجهانئن هڪ چڱي مڙس چيو ”مون ڪين اوهان کي چيو هو ته الله جي پاڪائي ڇو نٿا چئو!“ |
قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
چيائون ”اسين پنهنجي ڌڻي جي پاڪائي چئون ٿا ۽ بيشڪ اسين ظالم آهيون“. |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
پوءِ هڪ ٻئي ڏي مهاڙ ڪري ڇينڀڻ لڳا. |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
چوڻ لڳا ”هاءِ افسوس! اسين حد اُڪري وياسون! |
عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
اميد آهي ته اسان جو ڌڻي اسان کي ان جي بدلي ۾ ان کان به ڪو سٺو ڏئي! جو هاڻي اسين بيشڪ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي مهاڙ ڪريون ٿا!“ |
كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
ائين ئي عذاب ايندو آهي- ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب گهڻو وڏو آهي- افسوس! جي هو سمجهن! |
إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
بيشڪ نيڪن لاءِ سندن ڌڻيءَ وٽ نعمتن وارا باغ آهن. |
أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
ڇا، اسين مسلمانن کي گنهگارن جهڙو ڪنداسون؟ |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
ڇا ٿيو اٿوَ؟ ڪهڙوٿا فيصلو ڪريو؟ |
أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
ڇا، اوهان وٽ ڪو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٿا پڙهو، |
إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
ته جيڪي پسند ٿا ڪريو، سو آخرت ۾ اوهان کي ضرور ملندو؟ |
أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
يا ڇا، اوهان جا اسان سان ڪي قيامت تائين هلندڙ پڪا انجام ٿيل آهن، ته جيڪي به اوهين فيصلو ٿا ڪريو سو اوهان کي ملندو؟ |
سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
پڇينِ، ته ڀلا اوهان مان ڪهڙو انهيءَ جو ذمو ٿو کڻي؟ |
أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
ڇا، اٿن ڪي اهڙا سائين؟ پوءِ جي سچا آهن، ته سندن انهن سائينِ کي وٺي اچن. |
يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
جنهن ڏينهن پني کولبي، (يعني سڀ ڪم کلي ظاهر ٿيندا ۽ عذاب جي شدت هوندي) ۽ هنن کي سجدي ڏانهن سڏبو، ته هو ڪري ئي نه سگهندا. |
خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
سندن اکيون جهڪيون هونديون ۽ خواري وٺي ويندين_ جو بيشڪ کين چڱي ڀلي هجڻ وقت به سجدي ڏانهن سڏبو هو. |
فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
پوءِ تون مون کي ۽ هن ڳالهه کي ڪوڙ سمجهندڙ کي ڇڏي ڏي، اسين هنن کي جلد ئي درجي بدرجي اتان عذاب ڏي ڇڪينداسون، جتان خبر ئي ڪانه پوندين. |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
حال ته کين مهلت ڏيان ٿو، بيشڪ منهنجي رٿ پڪي آهي. |
أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
ڇا تون هنن کان ڪو اجورو ٿو گهرين، جو هو انهي جي بار هيٺ آهن؟ |
أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
يا ڇا، هنن وٽ ڪو ڳجهه جوعلم آهي، جنهن کي هو لکن ٿا؟ |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
پوءِ تون به پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم تائين صبر ڪر۽ مڇيءَ واري وانگر نه ٿي، جڏهن هن ڏک ۾ ڀرجي دانهن ڪئي. |
لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
جيڪڏهن هن کي سندس ڌڻي وٽان فضل نه پهچي ها، ته جيڪر هو ضرور ڏکي حال ڪري نج سڃ ۾ اڇلائجي ها. |
فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
پوءِ سندس ڌڻيءَ کيس نوازيو ۽ کيس صالحن مان ڪيو. |
وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
۽ ڪافر ته بيشڪ قرآن ٻڌڻ وقت ڄڻ ته توکي سندن تکين اکين سان ٿا ٿيڙين ۽ چون ٿا ته ”هيءُ ته پڪ چريو آهي.“ |
وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
پر اهو قرآن ته جهانن لاءِ رحمت آهي. |