القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡقَلَمِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 52


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1)

ن قسم آهي قلم جو ۽ جيڪي لکن ٿا .

ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2)

ناهين تون پنهنجي رب جي نعمت جي ڪري مجنون .

وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3)

۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ اجر اڻ کٽ آهي .

وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4)

۽ بيشڪ تون البته اخلاق وڏي تي آهين .

فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5)

پوءِ جلد ڏسندين ۽ ڏسندا .

بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6)

ته اوهان مان ڪير چريو آهي .

إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7)

بلاشڪ تنهنجو رب اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو گمراهه ٿيو ان جي واٽ کان ۽ اهو هدايت وارن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي .

فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8)

پوءِ نه اطاعت ڪر ڪوڙو چوندڙن جي .

وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9)

چاهين ٿا جيڪڏهن نرمي ڪرين ته پوءِ (اهي به) نرمي ڪن .

وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10)

۽ نه اطاعت ڪر هر وڏا قسم کڻندڙ ذليل .

هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11)

گهڻا طعنا هڻندڙ، چغلخور .

مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12)

خيرکان روڪيندڙ تجاوز ڪندڙ گناھ ڪندڙ .

عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13)

سخت طبيعت جي ان کان پوءِ بد نسل .

أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14)

ان سببان جو مال ۽ پٽن وارو آهي .

إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15)

جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ان وٽ اسان جون آيتون ته چيائين پهرين جون آکاڻيون آهن .

سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16)

جلد نشان ڪنداسون ان کي نڪ تي .

إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17)

بيشڪ اسان آزمايو انهن کي جيئن آزمايو سون باغ وارن کي جڏهن قسم کنيائون ته البته ضرور لڻندا ان کي صبح جو سوير .

وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18)

۽ نه انشاءَ الله چون پيا .

فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19)

پوءِ ڦيرو ڏئي ويو ان تي ڦيرو ڏيندڙ تنهنجي رب جي طرفان ۽ اهي ننڊ ڪندڙ هئا .

فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20)

پوءِ ٿي ويو لڻي کنيل وانگر .

فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21)

پوءِ سڏيائون هڪ ٻئي کي صبح ٿيندي ئي .

أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22)

ته صبح جو سوير هلو پنهنجي پوک تي جيڪڏهن آهيو لڻندڙ .

فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23)

پوءِ روانا ٿيا ۽ اهي پاڻ ۾ آهستي ڳالهائن پيا .

أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24)

ته هرگز داخل نه ٿيندو ان ۾ اڄ اوهان وٽ ڪو مسڪين .

وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25)

۽ صبح جو سوير ويا (پنهنجي ان) ارادي تي قادر ٿيندڙ .

فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26)

پوءِ جڏهن ڏٺائون ان کي ته چيائون بيشڪ اسين البته ڀلجي پوندڙ آهيون .

بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27)

بلڪ اسين بي نصيب آهيون .

قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28)

چيو انهن مان چڱي (داناءَ) ڇا نه چيو مون اوهان کي ته ڇو نه ٿا تسبيح پڙهو؟ .

قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29)

چيائون اسان جي رب جي پاڪائي آهي بيشڪ اسين هئاسون ظلم ڪندڙ .

فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30)

پوءِ سامهون ٿيا هڪڙا انهن مان ٻين کي ملامت ڪن پيا .

قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31)

چيائون اي هلاڪت آهي اسان جي لاءِ بيشڪ اسين هئاسون سرڪش .

عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32)

ويجهو آهي اسان جو رب ته مٽائي ڏئي اسان کي ڀلو ان کان بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏانهن رغبت رکندڙ آهيون .

كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33)

اهڙي طرح عذاب هوندو آهي ۽ البته عذاب آخرت جو وڏو آهي جيڪڏهن ڄاڻن ها .

إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34)

بيشڪ پرهيزگارن جي لاءِ سندن رب وٽ نعمتن واريون جنتون آهن .

أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35)

ڇا پوءِ ڪنداسون مسلمانن کي مجرمن وانگر .

ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36)

ڇا ٿيو آهي اوهان کي ڪيئن ٿا فيصلو ڪيو .

أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37)

يا اوهان لاءِ ڪو ڪتاب آهي جو ان ۾ پڙهو ٿا .

إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38)

بيشڪ اوهان جي لاءِ ان ۾ البته اهو آهي جيڪو پسند ڪيو ٿا .

أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39)

يا اوهان جي لاءِ قسم آهن اسان تي پهچندڙ قيامت جي ڏينهن تائين بيشڪ اوهان جي لاءِ البته اهو آهي جيڪو حڪم ڪيو ٿا .

سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40)

پڇ انهن کان ته ڪهڙو انهن مان ان جو ضامن آهي .

أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41)

يا انهن جي لاءِ شريڪ آهن پوءِ ڀلي آڻين پنهنجن شريڪن کي جيڪڏهن آهن سچا .

يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42)

ان ڏينهن کولي ويندي هڪ ساق ۽ سڏيا ويندا سجدي ڏانهن پوءِ نه ڪري سگهندا .

خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43)

جهڪندڙ هونديون اکيون انهن جون ڇائنجي ويندي انهن تي خواري ۽ تحقيق سڏيا ويندا هئا سجدي ڏانهن ۽ اهي تندرست هوندا هئا .

فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44)

پوءِ مون کي ڇڏي ڏي ۽ ان کي جيڪو ڪوڙو چوي ٿو هن ڳالهه کي جلد درجي بدرجي وٺنداسون انهن کي اتاهين جو نه ٿا ڄاڻن .

وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45)

۽ مهلت ڏيان ٿو انهن کي بيشڪ منهنجي رٿ مضبوط آهي .

أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46)

يا گهرين ٿو انهن کان ڪو اجورو پوءِ اهي چٽيءَ جي ڪري ڳري بار هيٺان آيل آهن .

أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47)

يا انهن وٽ غيب آهي پوءِ اهي لکن ٿا .

فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48)

پوءِ صبر ڪر پنهنجي رب جي حڪم جي لاءِ ۽ نه هج مڇيءَ جي صاحب وانگر جڏهن سڏيائين ۽ اهو ڏک ۾ ڀريل هو .

لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49)

جيڪڏهن نه هجي ها جو پهتي ان کي نعمت ان جي رب وٽان ته البته اڇلايو وڃي ها ميدان تي ۽ اهو الزام ڏنل هجي ها .

فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50)

پوءِ برگزيدو ڪيو ان کي ان جي رب پوءِ رکيائين ان کي صالحن ۾ .

وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51)

۽ بيشڪ ويجها آهن ڪافر ته ڪيرائن توکي پنهنجين نظرن سان جڏهن ٻڌن ٿا قرآن ۽ چون ٿا ته بيشڪ اهو چريو آهي .

وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52)

۽ ناهي اهو مگر نصيحت جهانن جي لاءِ .


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025