ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
نون ــ قسم آهي قلم جو ۽ اِن شيءِ (يعني قرآن) جو جنهن کي لکڻ وارا (فرشتا) لکن ٿا. |
ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
تون پنھنجي پالڻھار جي مھربانيءَ سان ڪو ديوانو نه آهين. |
وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
بيشڪ تنھنجي لاءِ ته اَڻ کُٽ اجر آهي. |
وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ تون اخلاق جي (انتھائي) مٿانهين درجي تي آهين. |
فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
سو عنقريب تون به ڏسندين ۽ هِي (ديوانو چوڻ وارا) به ڏسندا. |
بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
ته توهان مان ڪير چريائپ ۾ ورتل آهي؟ |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
بيشڪ تنھنجي پالڻھار کي وڌيڪ خبر آهي ته ڪير اُن جي راهه کان هٽي ويو آهي؟ ۽ جيڪي سڌي راهه تي آهن، اُنهن کي به هُو چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
پوءِ تون ڪوڙن ماڻهن جو چيو نه مڃجانءِ. |
وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
هي ته چاهين ٿا ته تون ( پنهنجي دعوت ۾) ٿورو هلڪو هٿ رک ته اهي به هلڪو هٿ رکن. |
وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
تون (ڪڏهن به) اهڙي ماڻهوءَ جي پويان نه لڳجانءِ جيڪو ذليل ۽ گهڻا وڏا قسم کائيندو رهي ٿو. |
هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
اهو ته طعنا تنڪا ڏيندڙ آهي ۽ چغل خوري به ڪندو رهي ٿو. |
مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
ڀلائي (جي ڪمن) کان روڪيندڙ، حد کان لنگهندڙ ۽ وڏو پاپي (به) آهي. |
عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
ڪِني طبيعت وارو (۽ ان سان گڏوگڏ) بد اصل (يعني حرام نطفي جي پيداوار) آهي. |
أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
(هي ايڏي سخت مخالفت ان لاءِ ڪري ٿو) جو (کيس گهڻو) مال ۽ اولاد اٿس. |
إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
جڏهن به کيس اسان جون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي پراڻي دور جون ڪھاڻيون آهن. |
سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
عنقريب اسان سندس سونڍ (يعني نڪ) کي ڏَنڀ ڏينداسين. |
إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
اسان انهن ڪافرن کي اهڙي طرح آزمائش ۾ وڌو آهي جيئن ان کان اڳ باغَ وارن (مالڪن) کي آزمائش ۾ وڌو هو. جن قسم کڻي چيو هو ته اسان (سڀاڻي) صبح جو سوير ضرور باغ جي پَٽائي ڪرڻ وينداسين. |
وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
ميون کي نه پَٽي سگهڻ جو ته هُو ڪو امڪان ئي نه رکندا هئا. |
فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
پوءِ هو (رات جو) اڃا ننڊ ۾ ئي ستل هئا ته تنھنجي پالڻھار جي طرفان اُن باغ تي هڪ بَلا اچي ڪڙڪي. |
فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
پوءِ اِهو باغ ڀيلايل فصل وانگر ٿي ويو. |
فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
پوءِ صبح جو سوير ئي هڪ ٻئي کي (باغ ڏانھن هلڻ لاءِ) سڏيائون. |
أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
۽ چيائون ته جيڪڏهن توهان کي ميوو پٽڻو آهي ته پوءِ جلدي پَوک تي نڪري هلو. |
فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
پوءِ هُو (باغ ڏانھن)هلڻ لڳا ۽ (رستي ۾) هڪ ٻئي کي سُس پُس واري انداز ۾ چئي رهيا هئا. |
أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
ته اڄ توهان وٽ باغ ۾ ڪو مسڪين (گُهرڻ وارو) نه اچڻ کپي. |
وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
هو باغ ڏانھن ايئن وڃن پيا ڄڻ ته کين ميوا پٽڻ جي وڏي پَڪ هئي. |
فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
(پھچڻ کان پوءِ) جڏهن هنن باغ جي حالت کي ڏٺو ته چوڻ لڳا ته (لڳي ٿو ته) شايد اسان رستو ڀلجي ويا آهيون. |
بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
(پر جڏهن باغ کي سڃاتائون ته چيائون ته نه) بلڪه اسان ته باغ کان ئي محروم ٿي ويا آهيون. |
قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
اُنهن مان هڪڙي چڱي مُڙس چيو ته مان ته توهان کي چوندو هوس ته توهان الله تعالى جي تسبيح ڇو نٿا بيان ڪريو؟ |
قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
هاڻي چوڻ لڳا ته پاڪ آهي اسان جو پالڻھار. بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين. |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
پوءِ ته ويھي هڪ ٻئي کي ملامت ڪرڻ لڳا. |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
۽ چوڻ لڳا ته اسان تباهه ٿي وياسين. بيشڪ اسان ئي وڏا سرڪش هئاسين. |
عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
ٿي سگهي ٿو ته اسان جو پالڻھار اسان کي هن کان وڌيڪ بھتر باغ نصيب ڪري. بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏي رجوع ڪريون ٿا. |
كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
ناشڪري ڪرڻ جو اهو عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته ان کان به وڏو آهي. ڪاش! هي ماڻهو (اَڳ ۾ ئي) ڄاڻن ها. |
إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
بيشڪ پرهيزگار ماڻهن لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ نعمتن وارا باغ آهن. |
أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
ڇا اسان فرمانبردارن کي ڏوهارين جھڙو ڪنداسين؟ |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪھڙو ٿا (ويھي) فيصلو ڪريو؟ |
أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جنھن ۾(اها ڳالهه) پڙهو ٿا؟ |
إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
ته آخرت ۾ توهان جي لاءِ اُها شيءِ هوندي جيڪا توهان کي پسند آهي. |
أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
ڇا اوهان جا اسان سان ڪي قيامت تائين جا پَڪا وعدا ٿيل آهن ته توهان جيڪو به فيصلو ڪريو ته اهو اوهان کي ضرور ملندو؟ |
سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
انهن کان پُڇا ڪر ته انهن مان ڪير ٿو ان ڳالهه جي ذميداري کڻي؟ |
أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
ڇا انهن جا ڪي (اهڙا) شريڪ آهن؟ (جن انهن جي ذميداري کنئي آهي؟) جيڪڏهن هي سچا آهن ته انهن شريڪن کي وٺي اچن. |
يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
جنھن ڏينھن سڀ حقيقتون کولي ظاهر ڪيون وينديون ۽ ماڻهن کي سجدي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو پر هي ماڻهو سجدو نه ڪري سگهندا. |
خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
سندن نگاهون ڪُومايل (۽ جهڪيل) هونديون ۽ اُهي خواري ۾ ورتل هوندا ۽ جڏهن هو (دنيا ۾) صحيح سالم هوندا هئا ته کين سجدي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو هو ته هو انڪار ڪندا هئا |
فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
(اي نبي ﷺ!) بَس! تون مون کي ۽ هن (قرآن) جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪرڻ وارن کي ڇڏي ڏي. اسان آهستي آهستي اُنهن جي اهڙي طريقي سان پڪڙ ڪنداسين جو کين خبر ئي نه پوندي. |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
مان ته انهن کي ڍَرَ ٿو ڏيان. بيشڪ منھنجي چال مضبوط آهي. |
أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
(اي نبي ﷺ!) ڇا تون اُنهن ماڻهن کان ڪو اجر ٿو گهرين جو هُو چَٽيءَ جي بار هيٺ اچي ويا آهن؟ |
أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
ڇا انهن وٽ ڳجهه جو علم آهي جنهن جي بنياد تي هُو حُڪم لڳائين ٿا؟ |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم اچڻ تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس $ ) وانگر نه ٿيءُ. جڏهن هُن اسان کي سڏيو ته هُو انتھائي پريشاني ۾ ورتل هو. |
لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
جيڪڏهن کيس پنھنجي پالڻھار جي رحمت نه پھچي ها ته هو ضرور بَرپٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ پوءِ وڏي بُري حال ۾ هجي ها. |
فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
پَر پوءِسندس پالڻھار (کيس) نوازيو ۽ نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. |
وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
(اي نبي ﷺ!) ڪافر جڏهن قرآن ٻڌن ٿا ته توکي اهڙي طرح ڪَرِڙي اَکين سان ڏسن ٿا ڄڻ ته هُو توکي پنھنجي ڳالهه تان هٿ کڻائي ڇڏيندا. هو چون ٿا ته هي پَڪ سان ديوانو ماڻهو آهي. |
وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
(حقيقت هي آهي ته) هي قرآن ته سڀني جھانن وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي. |