| ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
|
ن- قسم آهي قلم جو ۽ ان شيءِ جو جنهن کي لکيو پيو وڃي لکڻ وارن طرفان |
| ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
|
نه آهين تون نعمت پنهنجي رب جي سان ڪو چريو (مجنون) |
| وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
|
۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ اجر اهڙو آهي جنهن جو سلسلو ختم نه ٿيندو |
| وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
|
۽ بيشڪ تون قائم آهين اخلاق جي مرتبي تمام وڏي تي |
| فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
|
پوءِ جلدي تون به ڏسندين ۽ اهي به ڏسندا |
| بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
|
ته توهان مان ڪير چريو آهي؟ |
| إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
|
بيشڪ تنهنجو رب جيڪو ڄاڻي ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي ڀٽڪيل آهن سندس راهه کان ۽ اهو انهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي سڌي راهه تي آهن |
| فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
|
تون نه اچ سندن دٻاءَ ۾ جيڪي ڪوڙو چون ٿا |
| وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
|
اهي چاهين ٿا تون انهن سان نرمي ڪرين ته اهي به نرمي ڪن |
| وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
|
۽ هرگز نه دٻاءَ ۾ اچ ڪنهن اهڙي شخص جي جيڪو گهڻا قسم کائيندڙ بي عزتو آهي |
| هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
|
طعنا هڻي چغليون هڻي ٿو |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
روڪي ٿو ڀلائيءَ کان، حد لنگهندڙ گنهگار |
| عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
|
بدعمل بد عادتو سان گڏ بد بڻ بنياد آهي |
| أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
|
ان ڪري جو گهڻي مال ۽ اولاد وارو آهي |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
|
جڏهن ٻڌايون وڃن ٿيون کيس اسان جون آيتون ته چوي ٿو، هي ڪهاڻيون آهن اڳين وقتن جون |
| سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
|
جلد هڻنداسين داغ سندس سونڍ (نڪ) تي |
| إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
|
بيشڪ اسان (مڪي وارن کي) آزمائش ۾ وڌو آهي جهڙيءَ طرح وڌوسين آزمائش ۾ باغ وارن ڌڻين کي، جڏهن انهن قسم کنيو ته ضرور ميوا پٽينداسين صبح سويرو |
| وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
|
۽ نه چيو انشاءَ الله (اگر الله گهريو ته) |
| فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
|
پوءِ هڪ آفت ٽٽي پئي ان باغ تي تنهنجي رب جي طرفان ۽ اهي ستل هئا رات جو |
| فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
|
پوءِ اهو ٿي ويو هڪ پاڙ ڪٽيل (ڄڻ ناڙ هجي) |
| فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
|
پوءِ انهن سڏيو هڪ ٻئي کي صبح جو |
| أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
|
جيڪڏهن هلڻو اٿوَ سويرو پنهنجي کيتيءَ ڏي توهان کي ميوو پٽڻو آهي |
| فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ اهي نڪري پيا ۽ اهي پاڻ ۾ هوريان چوندا پئي ويا |
| أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
|
ته نه اچي سگهي باغ ۾ اڄ توهان وٽ ڪوبه مسڪين |
| وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
|
۽ ڪجهه نه ڏيڻ (بخيلي) جو فيصلو ڪري جلدي اتي پڳا ڄڻ (ميوا پٽڻ تي) قادر هجن |
| فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ جڏهن ڏٺائون (باغ کي) ته چوڻ لڳا، ضرور اسان رستو ڀلجي ويا آهيون |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
|
پر اسان محروم ٿيل آهيون |
| قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
|
پوءِ چيو چڱي مڙس انهن کي، مون نه چيو هو توهان کي، ڇو نٿا بيان ڪريو پاڪائي (الله) جي؟ |
| قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
|
اهي پڪارڻ لڳا، پاڪ آهي رب اسان جو، بيشڪ اسان ئي ظالم (گنهگار) هئاسين |
| فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
|
پوءِ سامهون آيا هڪ ٻئي جي هرڪو ملامت ڪندي |
| قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
|
آخر چيو انهن، افسوس اسان تي، بيشڪ اسين حد لنگهندڙ هئاسين |
| عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
|
من عطا ڪري رب اسان جو ان جي بدلي ۾ ان کان ڪو سٺو باغ، بيشڪ اسان پنهنجي رب ڏي رجوع ڪريون ٿا |
| كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
|
ائين ئي ٿيندو آهي عذاب، ۽ عذاب آخرت جو ته اڃا به وڏو آهي، ڪاش! جي اهي ماڻهو ان کي ڄاڻن ها |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
|
بيشڪ پرهيزگار ماڻهن لاءِ سندن رب وٽ نعمت ڀريا باغ آهن |
| أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
|
ڇا اسان ڪريون فرمانبردارن جو حال مجرمن جهڙو؟ |
| ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
|
ڇا ٿيو آهي توهان کي ڪهڙا ٿا فيصلا ڪريو توهان؟ |
| أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
|
ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جنهن ۾ توهان هي پڙهو ٿا؟ |
| إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
|
بيشڪ توهان لاءِ ضرور اتي اهو ئي آهي جيڪو توهان پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا |
| أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
|
يا وري توهان جي لاءِ اسان جي ذمي ڪي پڪا انجام ٿيل آهن ڏينهن قيامت تائين، بيشڪ توهان کي اهو ئي ملندو جنهن جو توهان حڪم ڪريو؟ |
| سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
|
انهن کان پڇ توهان مان ڪير آهي ان جو ضامن؟ |
| أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
|
يا انهن جا مقرر ڪيل شريڪ آهن (جن جو ان ذمو کنيو) ائين آهي ته آڻين پنهنجا اهي شريڪ، جيڪڏهن اهي (واقعي) سچا آهن |
| يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
|
جنهن ڏينهن سخت وقت اچي ويندو ۽ سڏيو ويندو ماڻهن کي سجدي ڪرڻ جي لاءِ ته نه ڪري سگهندا اهي سجدو |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
|
جهڪيل هونديون سندن نظرون، کين وٺي ويندي ذلت، ۽ انهن کي جڏهن سڏيو ويندو هو سجدي لاءِ ته اهي صحيح سلامت هئا (ته انڪار ڪندا هئا) |
| فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ (اي نبي!) ان ڪلام کي ڪوڙو ڀائيندڙن جو معاملو مون تي ڇڏي ڏي، اسان کين آهستي آهستي تباهي ڏي وٺي وينداسين جو کين خبر ئي نه پوندي |
| وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
|
۽ آئون انهن کي ڊگهو رسو ڏيان ٿو، بيشڪ رٿ منهنجي وڏي مضبوط آهي |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
|
ڇا تون انهن کان گُهري رهيو آهين ڪو معاوضو جو اهي ان چَٽيءَ جي بار هيٺان دٻجي رهيا آهن؟ |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
|
ڇا انهن وٽ ڪو غيب جو علم آهي جنهن کي اهي لکي رهيا هجن؟ |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
|
پوءِ صبر ڪر پنهنجي رب جي فيصلي اچڻ تائين، ۽ نه ٿي ان صاحب مڇي واري جهڙو (يونس عليھ السلام) ۽ جڏهن هن پڪاريو ته اهو ڏک ۾ ڀريل هو |
| لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
|
جيڪڏهن نه پهچي ها نعمت (مدد) سندس رب جي طرفان ته اڇليو وڃي ها برپٽ ۾ (جتي ڪوبه وڻ ٽڻ نه هجي ها) ۽ اهو ملامت ڪيل هجي ها |
| فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
|
آخرڪار نوازيو سندس رب، پوءِ شامل ڪيائين کيس نيڪ ٻانهن ۾ |
| وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
|
۽ بيشڪ ويجها هئا اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو، اهي ٿيڙين ٿا اهڙين نگاهن سان توکي جڏهن ٻڌن ٿا نصيحت ڀريو (قرآن) ڄڻ تنهنجا پير ڪڍي ڇڏيندا ۽ چون ٿا، بيشڪ هي چريو آهي |
| وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
|
۽ جڏهن ته هي نصيحت آهي سڀني جهان وارن لاءِ |