القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُلۡکِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 30


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1)

جنهن (خدا) جي قبضي ۾ (سموري جهان جي) بادشاهت آهي سو وڏي برڪت وارو آهي ۽ هر شيءِ تي قادر آهي.

الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2)

جنهن موت ۽ حيات کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪم ۾ سڀ کان چڱو ڪير آهي ۽ اهو غالب (۽) وڏو بخشڻهار آهي.

الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3)

جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. ڀلا تو کي خدا جي بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نظر اچي ٿي، ته پوءِ (آسمان ڏي) اک کڻي ڏس ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو.

ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4)

وري تون نظرن کي بار بار موٽائي ته تو ڏي نظر ناڪام ٿي موٽندي. ۽ اها ٿڪل هوندي.

وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5)

۽ اسان هيٺئين (پهرين) آسمان کي (تارن جي) چراغن سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطان جي چٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باھ جو عذاب تيار ڪيو آهي.

وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6)

۽ جن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.

إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7)

جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جي وڏي چيخ ٻڌندا ۽ اهو (دوزخ) پيو ٽهڪندو.

تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8)

ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽولي کي اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته اوهان وٽ ڪو ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) نه آيو ڇا؟

قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9)

اهي چوندا ته ڇو نه، بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو آيو هو. پر اسان (ان کي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيوسون ته خدا ڪا به ڳالھ نازل نه ڪئي آهي. اوهين ته وڏي گمراهيءَ ۾ پيا آهيو.

وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10)

۽ چوندا ته (افسوس) جيڪڏهن اسين سندن (ڳالهيون) ٻڌون ها يا سمجهون ها ته (اڄ) دوزخين مان نه ٿيون ها.

فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11)

مطلب ته اهي پنهنجي گناهن جو اقرار ڪندا ته دوزخين کي خدا جي رحمت کان محرومي آهي.

إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12)

بيشڪ جي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان بي ڏٺي ڊڄن ٿا تن لاءِ معافي ۽ تمام وڏو اجر آهي.

وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13)

۽ اوهين ماڻهو پنهنجي ڳالھ ڳجھ ۾ ڪريو يا ڏاڍيان اهو ته سينن جون به ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي.

أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14)

ڀلا جنهن پيدا ڪيو سو نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته باريڪ بين پوري (پوري) خبر رکندڙ آهي.

هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15)

هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي نرم، ۽ (سڌو) ڪري ڇڏيو ته جيئن ان جي هر طرف ۾ گهمو ڦرو ۽ ان جي (ڏنل) روزي کائو ۽ وري ان ڏي قبر مان اٿي وڃڻو آهي.

ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16)

ڇا جيڪو (خدا) آسمان ۾ (حڪومت ڪندڙ) آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي زمين ڳهائي ڇڏي ته پوءِ اها ڌڏڻ لڳي.

أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17)

يا اوهين هن ڳالھ کان بي خوف آهيو ته جيڪو آسمان ۾ (سلطنت ڪندڙ) آهي اوهان تي متان پٿرن ڀريل انڌاري موڪلي ته اوهان کي جلد ئي خبر پئجي وڃي ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين آهي.

وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18)

۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به) ڪوڙو ڪيو ته ڏسو ته منهنجي ڪاوڙ ڪئين هئي.

أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19)

ڇا پنهنجي مٿان پرن کي پکيڙيندڙن ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي، خدا کان سواءِ انهن کي ڪو به روڪي رکي نه ٿو سگهي بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڏسي رهيو آهي.

أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20)

ڀلا خدا کان سواءِ اهڙو ڪير آهي جو اوهان جي فوج بڻجي اوهان جي مدد ڪري، ڪافر ماڻهو ته ڌوڪي (ئي ڌوڪي) ۾آهن.

أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21)

ڀلا خدا جيڪڏهن پنهنجي (ڏنل) روزي روڪي ڇڏي ته ڪير اهڙو آهي جو اوهان کي رزق ڏئي پر اهي ڪافر ته وڏائي ۽ نفرت (جي ڪن) ۾ ڦاٿل آهي.

أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22)

ڀلا جو شخص اونڌو ٿي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي راھ تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو؟

قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23)

(اي رسول) تون چوين خدا ته اهو آهي جنهن اوهان کي نت نئون پيدا ڪيو ۽ اوهان جا ڪن، اکيون ۽ دليون بڻايون (پر) اوهين تمام گهٽ شڪر ادا ڪندا آهيو.

قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24)

چوين ته اهو ئي ته (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ جي اڳيان ڪٺا ڪيا ويندو.

وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25)

۽ ڪافر چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (نيٺ) اهو انجام ڪڏهن (پورو) ٿيندو.

قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26)

(اي رسول) تون چوين ته (ان جو) علم ته رڳو خدا کي ئي آهي ۽ آءُ ته بلڪل صاف (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهيان.

فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27)

پوءِ جڏهن ان (عذاب کي) ويجهو ڏسندا ته (ڊپ کان) ڪافرن جا منهن ڦري ويندا ۽ کين چيو ويندو، هي اهو ئي (عذاب) آهي جنهن جي اوهين گهر ڪندا هئا.

قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28)

(اي رسول) کين چوين ته ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن خدا مون کي ۽ منهنجن مائيٽن کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم فرمائي ته ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان ڪير بچائيندو؟

قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29)

تون چوين ته اهو ئي (خدا) وڏو مهربان آهي جنهن تي اسان ايمان آندو آهي ۽ اسان ته ان (ذات) تي ڀروسو رکيو آهي. ته جلد ئي اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ (پيل) آهي.

قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30)

(اي رسول) تون چوين ته ڀلا ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي زمين ۾ اندر هليو وڃي ته ڪير اهڙو آهي جيڪو اوهان لاءِ پاڻيءَ جو وهندڙ (چشمو) آڻي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025