تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
وَڌيو واڌران ۾، جنهن هَٿ مُلڪ مُدام، ۽ قادِر ڪُل شئ مَٿي، اُهو آهي رَبُّ عَلام، |
الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2) |
جنهن مَرڻ جِيئڻ کي جوڙيو، ته پرکي آن کي عام، ته ڪِهڙو آن مان ڪَم ۾، نيڪ ڪَڍائي نام، ۽ اُهو طاقت مَند تمام، مَعافِيون ڏِيندڙ مُلڪ کي. |
الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3) |
سَت اُڀ تِنهن اَلله، تَھ تي تَھ تيار ڪيا، مَنجِھين جوڙ جَبَّار جي، لِک ڏِسِين ڪو لاھ؟ پوءِ پَسين ڪِٿـهِين پاچ ڪا؟ |
ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4) |
ڪر نيڻن سان نِگاھ، ٻه ڦيرا وَرِي ڦير تون، اک کي اُنهئَ راھ، اَک اُٿلِي توڏي اچي، ٿِي کيري خوامَخواھ، گيرِي ۽ گُمراھ، اُها هُوندِي اُنهِئَ حال ۾. |
وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5) |
۽ بي شڪ بَرقرار، هِن اوڏي آسمان کي، ڏِنوسون ڏِيَن سان، صُورت جو سِينگار، ۽ اُماڙ ڪيوسون اُنهن کي، شر شيطانن هارِ، ۽ تِنِين لئي تيار، سَزا ڪَئـِي سون ساڙ جِي. |
وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6) |
۽ پَنهنجي پَروَر پاڪ کان، ڦِريا جي ڦيريال، آهي عذاب تن لئه، جَھَنّم سندو جال، ۽ بُڇڙو آهي بَحال، موٽِي ماڳ رَهڻ جو! |
إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7) |
جڏهن اُڇليا ويا اُن م، گِيهَري سي گُمراھ، سامهون سُئائون اُن جُون، گوڙِيون ۽ گجگاھ، |
تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8) |
۽ ڀَڙڪيو سا باھِ، ڪَر ڇِڄيو پَوي ٿِي ڇوه مان! جڏهن به اُڇلبِي اُن ۾، ڪا فوج بي فرمان، پُڇندَن پُوريون خَبرون، اُن دوزخ جا دَربان، ته ڇا، آن وَٽِ آيو ڪو،ڪو نه ڪو ريٻاڙو رَحمان؟ |
قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9) |
چي هائو، اَسان وَٽِ آئيو، ڪو خبرون ڏِيندڙ خان، پوءِ اَسان ڪُوڙو ڪوٺيو، ۽ آکيو سون به عيان، ته اَلله ڪُجھ نه اُتاريو، اُن باري مَنجھ بَيان، اوهين آهيو ڪا شئِ ڪانه، مگر مُنجھ وَڏِئَ ۾. |
وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10) |
۽ چيائون ته چڱي ڳالھ کي، جي ٻُڌون ها، ڪِ ٻُجھون، ته هرگز ڪِين هُجون، ساڙي واري ساٿ ۾. |
فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11) |
پوءِ مَڃيائون مُنهن سان، سَندِن ڏوه صفا، پوءِ آھِ جاڙ جَفا، ڀاتِيَن ڪارڻ بِاھ جي. |
إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12) |
پَرپُٺ پَنهنجي رَبَّ ڪنان، جي رکن خوف خيال، ته بَخشش آهي بَحال، پڻ اَجر وَڏوئـِي اُنهن لئي. |
وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13) |
۽ ڳُجِھي پَنهنجِي ڳالھ رَکو، يا پَڌرِي ڪريوسِ پاڻ، سَچ پَچ سو سُڄاڻ، سَمجھي سِيني وارِيون. |
أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14) |
ڇا، اُهو ڄاڻي ئـِي ڪونه ٿو، جوڙيا اِهي جِنهن پاڻ؟ سو سِياڻو، سُڄاڻ، آهي هَر ڪِنهن حال ۾. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15) |
اُهو سو، اوهان ڪاڻ، جِنهن نَرم ڪيو زَمِين کي، پوءِ وَٺِي واٽون اُن جون، هَلو ڦِرو هاڻ، ۽ سَدا سَندسِ رِزق مان، کائو، پِيو پاڻ، ۽ ڇَڏي مُقام، مَساڻ، آخِر اُن ڏي هَلڻو. |
ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16) |
ڇا،ويٺا اُن کان ويسلا؟ جنهن جو اُڀ تي اِختيار، ته ڳِهي آن کي اوچتو، نِئي ڌَرتي نِگو سار، اُها اُنهِئ وار، دَهشت مان ڌُٻندِي رَهي. |
أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17) |
ڇا، ويٺا اُن کان ويسلا؟ جو آهي اُڀ وارو، ته ڪَري اوهان تي ڪَڪَرِيَن جو، ڪو وِهلو وَسڪارو، پوءِ سَمجھو سَوارو، ته ڪِهڙو آهي قَهر مون. |
وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18) |
۽ جي هُئا اُنهن کان اَڳڀرا، تِن ڪيا ڪُوڙ ضَرور، پييَنِ پوءِ پرُوڙ، مُون کان منهن موڙڻ جِي. |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19) |
ڇا، پَکِي ڏٺائون نه پان، تان اُڏامَندا اِظهار؟ کُلِيَل کنڀ کَنڀڙٽيون، وارِينِ ڪِنهين وار، نه جَھلينِ ڪير ڪِرڻ کان، ري ڏيہ ڌڻي ڏاتار، هَر شئ کي هَر پارِ، ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌڻِي. |
أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20) |
اُهو، سو آهي ڪير، لَشڪر اَهنجو لاڏلو؟ ته آڌاري اَلله ري، آن کي اُهکِي وير، ڦِريَل بنا ڦير، آهِن رُڳو ريب فريب ۾. |
أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21) |
اُهو، سو آهي ڪير؟ جو آن کي ڏئي ڏاتار ري، جي روڪي رِزق پَنهنجو، سو والِي ڪِنهِين وير، اُٽلو پاتـئون پير، آڪڙ ۽ اِنڪار ۾. |
أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22) |
جو هَلي هٿراڌو واٽ تي، مُنهن ڀَر مُرڳوئـِي، سَواٽو سوئـِي، يا جو سَئون هَلي سَئـِينءَ واٽ تي؟ |
قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23) |
چَئو، ته اُهوئـِي آھِ سو، آن کي جوڙيو جِنهن جَبَّار، ڪيائين اَهنجا ڪَن، اکيون، ۽ هِنيان پڻ هوشيار، پوءِ اَهنجا اِهي پار، ته ٿورا، ٿورا ڳائيو. |
قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
چئو، ته اُهوئي آھِ سو، بَرابَر بارِي، آن کي پکيڙي پَٽن ۾، جِنهن ڀَرِي ڀُون سارِي، ۽ وَرِي ڪِنهن وارِي، اَوهِين مِڙئـِي اُن ڏي ميڙبا. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ چَون، ته اُهو اَنجام، آهي ڪڏهن اَچڻو؟ اَوهين سَچا، جي آهيو، |
قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26) |
ڪَهو ته ڪَڏهِن قِيام، هِي خَبر خاص خُدا کي، ڏي وَراڻِي وَريام!، ۽ پَڌرِي پَٽ پَيغام، آئون ڏِيندڙ آهيان ڏيہ کي. |
فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27) |
پوءِ ڏِسن اُن اَنجام کي، ويجھو ويچارا، اُتي اِنڪارِيَن جا، ٿِيا مَٽجِي مُنهن ڪارا، ۽ آکيو وِيو اُنهن کي، ڏيئـِي اِشارا، ته هي، سي سانبارا، جي گَھر ويٺي گُھرندا هُئا. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28) |
چئو، سوچيان ڪاهِئ ڳالھ؟ ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ، مُون ۽ مُنهنجي ساٿِيَن کي، جي پان ڪري پائـِمال، يا اُٽلندو اَسان تي، ڀَلو ڪري ڀال، پوءِ ڪنان بَند بَد حال، ڪير بَچائي ڪافرِين ؟ |
قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29) |
چَئو، اُهو آهي هيڪڙو، سڀ ڏيهن جو ڏاتار، اَسان مَڃيون اُن کي، ۽ بَرسِر رکيوسونسِ بار، پوءِ سَڀ سِگھوئـِي سَمجھندا، حَقِيقت هيڪار، ته اُهو آهي ڪِهڙو پار، وَرتل وائکِي وِرس ۾؟ |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30) |
چئو جاچيان ڪِيئن جواب؟ ته پاڻِي اَهنجو پِرھ سان، پيهِي وَڃي پاتار ۾، تَلي وَڃن تالاب، پوءِ اونَهيرو، سو آب، آن کي ڪير ڏئي؟ |