القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُلۡکِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 30


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1)

اهو (الله) وڏي برڪت وارو آهي جنهن جي هٿ ۾ (ساري ملڪ جي) بادشاهي آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي سگهارو آهي،

الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2)

جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جا عمل چڱا آهن ۽ اهو زبردست (۽) بخشڻ وارو آهي،

الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3)

جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. (اي ڏسندڙ !) تون وڏي مهربان (الله) جي بنائڻ ۾ ڪجهه به فرق نه ڏسندين. پوءِ تون ورائي (آسمان ڏي) نظر ڪر ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو؟

ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4)

وري تون نظر کي بار بار موٽاءِ ته تو ڏي نظر جهڪي ٿي موٽندي ۽ اها ٿڪل هوندي.

وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5)

۽ بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي.

وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6)

۽ جن پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.

إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7)

جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جون (گڏهه جهڙيون) هينگون ٻڌندا ۽ اهو پيو ٽهڪندو، ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي.

تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8)

جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽوليءَ کي اُڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته اوهان وٽ ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو ڇا؟

قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9)

اهي چوندا ته ڇو نه، بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو آيو هو، پوءِ اسان(انکي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيوسون ته الله ڪابه شيءِ نازل نه ڪئي آهي. اوهين ته وڏيءَ گمراهيءَ ۾ پيا آهيو.

وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10)

۽ چوندا ته جيڪڏهن اسين ٻڌون ها يا سمجهون ها ته دوزخين (جي جماعت) ۾ (ڪڏهن به داخل) نه ٿيون ها.

فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11)

پوءِ انهن پنهنجو ڏوهه مڃيو. پوءِ دوزخي (رحمت کان) پري هجن.

إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12)

بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان پرپٺ ڊڄن ٿا تن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي.

وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13)

۽ (اي ماڻهو !) اوهين پنهنجي ڳالهه آهستي ڪريو يا ڏاڍيان، اهو ته سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي.

أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14)

ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي سو نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته اونهيءَ نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي.

هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15)

هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي تابع ڪيو آهي پوءِ ان جي پاسن ۾ هلو ۽ الله جي رزق مان کائو. ۽ ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻ آهي.

ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16)

ڇا جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏي پوءِ اها اُن ئي وقت ڌڏڻ لڳي وڃي.

أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17)

يا ته جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان تي پهڻن وسائڻ وارو واه موڪلي. پوءِ سگهوئي ڄاڻندو ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي.

وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18)

۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به) ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟

أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19)

ڇا پنهنجي مٿان پرن جي پکيڙيندڙن ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي، انهن کي وڏي مهربان (الله) کان سواءِ ٻيو ڪوبه (ڪِرڻ کان) نٿو جهلي. بيشڪ اهو ته سڀڪنهن شيءِ کي ڏسندڙ آهي.

أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20)

ڀلا اهو لشڪر اوهان جو ڪهڙو آهي جو اوهان کي وڏي مهربان (الله) کان سواءِ مدد ڏي ٿو؟ ڪافر ته رڳو ڌوڪي ۾ پيل آهن.

أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21)

ڀلا اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي رزق ڏيندو جيڪڏهن الله پنهنجو رزق جهلي ڇڏي؟ پر اهي سرڪشيءَ ۽ ڀڄڻ ۾ لڳا پيا آهن.

أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22)

ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي رستي تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو.

قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23)

(اي پيغمبرﷺ !) چئو ته هو اُهو آهي جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايون. اوهين تمام ٿورو احسان مڃيو ٿا.

قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24)

(اي پيغمبر !) چئو ته هو اُهو آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ اوهان ان ڏي ئي گڏ ڪيا ويندؤ.

وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25)

۽ (ڪافر مسلمانن کي) چون ٿا ته هيءُ انجام ڪڏهن پورو ٿيندو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟

قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26)

(اي پيغمبرﷺ !) چئو ته (اها) خبر رڳو الله وٽ ئي آهي، ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.

فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27)

پوءِ جڏهن ان (انجام) کي ويجهو (ايندو) ڏسندا تڏهن ڪافرن جا منهن بڇڙا ٿي ويندا ۽ (کين) چيو ويندو ته هي اهو (عذاب) آهي جنهن کي اوهين گهرندا هئا.

قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28)

(اي پيغمبرﷺ!) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مو ن سان گڏ آهن تن کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم ڪري ته ڪير آهي جو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو.

قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29)

(اي پيغمبر !س) چئو ته اهو (الله) وڏو مهربان آهي ان تي اسان ايمان آندو ۽ ان تي اسان توڪل ڪئي. پوءِ سگهوئي اوهين ڄاڻندو ته (اسان ۽ اوهان مان) ڪير پڌريءَ گمراهي ۾ آهي.

قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30)

(اي پيغمبر !) چئو ته ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي سُڪي وڃي ته ڪير اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025