القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُلۡکِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 30


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1)

وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله) جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اُهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.

الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2)

جنهن موت ۽ زندگيءَ کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان ڪيرُ عمل جي لحاظ کان ڀلو آهي؟ ۽ اهو غالب آهي بخشڻهار آهي.

الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3)

جنهن ستن آسمانن کي طبقا بنايو. تون رحمان جي تخليق ۾ ڪو به فرق نه ڏسندين. پوءِ نظر کڻي نهار ته ڇا تو کي ڪو رُخنو نظر اچي ٿو؟

ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4)

پوءِ تون وري وري نگاهه ورائي نهار ته نظر تو ڏانهن ٿڪجي موٽندي ۽ اُها ناڪام هوندي.

وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5)

۽ بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي ڏيئن (يعني ستارن) سان سينگاريو آهي ۽ انهن کي شيطانن کي چُٽي (ڀڄائڻ) جو ذريعو بنايو آهي ۽ انهن (شيطانن) لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي.

وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6)

۽ انهن ماڻهن لاءِ جن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو دوزخ جو عذاب آهي. ۽ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.

إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7)

جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جي راڙِ جو خوفناڪ آواز ٻڌندا ۽ اهو پيو ٽهڪندو.

تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8)

سخت ڪاوڙ سبب ڄڻڪ اِجھو ڦاٽڻ تي آهي. جڏهن به ان ۾ ڪو ٽولو اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته: ”ڇا اوهان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو هيو“؟

قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9)

چوندا: ”ڇونه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو هيو، پوءِ اسان ان کي ڪوڙو چيو ۽ اسان چيوسين ته الله ڪا شيءِ نازل ڪانه ڪئي آهي توهان ته رڳو وڏي گمراهي ۾ پيل آهيو“.

وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10)

۽ چوندا ته: ”هائو جي اسان ٻڌون ها يا سمجهون ها ته اسان دوزخين مان نه هجون ها“.

فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11)

پوءِ اُهي پنهنجو ڏوهه مڃندا پوءِ دوزخ وارن لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.

إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12)

بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي.

وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13)

۽ توهان پنهنجي ڳالهه آهستي چئو يا ان کي ڏاڍيان آواز ۾ چئو. بيشڪ اهو سينن جا راز به ڄاڻڻ وارو آهي.

أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14)

ڀلا جنهن پيدا ڪيو سو نه ٿو ڄاڻي ڇا؟ حالانڪه اُهو باريڪ بين خبروار آهي.

هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15)

اهو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي نرم (۽ مطيع) ڪيو سو اوهان ان جي رستن ۾ گهمو ڦرو ۽ ان جي رزق مان کائو. ۽ ان ڏانهن ئي (جيئرو ٿي) اٿڻ آهي.

ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16)

ڇا اوهان آسمان واري (الله) کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو متان اوهان کي زمين ۾ دٻائي ڇڏي (ان طرح) جو اها اوچتو لرزڻ لڳي.

أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17)

ڇا اوهان آسمان واري (الله) کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو متان توهان تي پٿر وسائڻ وارو واءُ موڪلي. پوءِ توهان جلد ڄاڻندؤ ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي؟

وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18)

۽ بيشڪ انهن ماڻهن (به) ڪوڙو چيو هيو جيڪي انهن کان اڳ هئا پوءِ منهنجو انڪار ڪيئن (عبرتناڪ ثابت) ٿيو.

أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19)

ڇا انهن پنهنجي مٿان پکين کي نه ڏٺو آهي پرَ پکيڙيندي ۽ پرَ بند ڪندي؟ انهن کي (ڪِرڻ کان) ڪونه ٿو روڪي سواءِ رحمان جي. بيشڪ اُهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي.

أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20)

(ٻڌايو)آخر اهو ڪهڙو لشڪر اوهان وٽ آهي جيڪو رحمان جي مقابلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگھي ٿو؟ ڪافر ته رُڳو دوکي ۾ ئي پِيَلَ آهن.

أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21)

ڀلا ڪو اهڙو آهي جيڪو توهان کي روزي ڏئي سگهي؟ جيڪڏهن اهو (الله) پنهنجو رزق روڪي ڇڏي، بلڪه اُهي سرڪشي ۽ (حق کان) ڀڄڻ تي اٽل آهن.

أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22)

ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي منهن ڀَرِ اونڌو هلي رهيو آهي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اُهو جيڪو سڌي رستي تي سنئون سڌو هلي ٿو؟

قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23)

چؤ ته اُهو (الله) ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين. توهان تمام ٿورو شڪر ڪيو ٿا.

قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24)

چؤ اُهو ئي آهي جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان کي ان ڏانهن گڏ ڪيو ويندو.

وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25)

۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”هيءُ وعدو (قيامت وارو) ڪڏهن پورو ٿيندو اگر اوهان سچا آهيو“؟

قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26)

چؤ: ”ان (جي وقت) جو علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.

فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27)

پوءِ جڏهن ان کي ويجهو ڏسندا ته ڪافرن جا مُنهن ڪاراٽجي ويندا ۽ (کين) چيو ويندو: ”هي اُهو (عذاب) آهي جنهن جي توهان گهُر ڪندا هئا“.

قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28)

چؤ ڀلا هي ته ٻڌايو ته جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن تن کي هلاڪ ڪري ڇڏي يا اسان تي رحم فرمائي، پوءِ اُهو ڪير آهي جو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟

قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29)

چؤ اُهو (الله) وڏو مهربان آهي اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسان ان تي ڀروسو ڪيو، پوءِ توهان سگهو ئي ڄاڻي وٺندؤ ته ڪير ماڻهو کُلي گمراهي ۾ آهي.

قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30)

چؤ ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان جو پاڻي زمين ۾ تمام هيٺ هليو وڃي ته ڪير آهي جو اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025