تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
اهو (الله) وڏي عظمت وارو آهي، جنهن جي هٿ ۾ (ساري ڪائنات جي) بادشاهي آهي (جو ڪائنات جون سڀ شيون سندس قدرتي قانونن ۽ حڪمن مطابق هلن پيون) ۽ اهو سڀ ڪنهن شيء تي وس وارو آهي. |
الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2) |
جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو، هن لاءِ ته (پنهنجي قانونن مٿان عمل ذريعي) اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جا عمل چڱا آهن. ۽ اهو (فرد توڻي قومن کي چڱن عملن جو صلو ڏيڻ ۾) زبردست (۽ انهن جي ننڍين لغزشن کي) بخشڻ وارو آهي. |
الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3) |
جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. (اي ڏسندڙ! تون ان جي قدرت ۽ رحمت جي اهڙين خوبين تي غور ڪر) تون وڏي مهربان (الله) جي بنائڻ ۾ ڪجهه به فرق نه ڏسندين. (ڏس ته سڀ سيارا پنهنجي پنهنجي مدار تي هلن ٿا ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائجن نٿا) پوءِ تون ورائي (آسمان ڏي) نظر ڪر ته، ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير يا ڏار ڏسين ٿو؟ |
ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4) |
وري تون (خدا جي تخليق ڪيل انهيءَ ڪائنات ۾) نظر کي بار بار موٽاءِ ته (مٿي به توکي بي ترتيبي نظر نه ايندي ۽) توڏي (تنهنجي) نظر ساڻي ٿي موٽندي ۽ اها ٿڪل هوندي. |
وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5) |
۽ بيشڪ اسان دنيا جي (ويجهي) آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي. (جيڪي انهن ستارن مان غيب جا حالات معلوم ڪرڻ جي ڪوشش يا دعويٰ ڪن ٿا). |
وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6) |
۽ جن (خدائي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي) پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو، تن لاءِ (دنيا ۾ به تباهي ۽ بربادي آهي ۽ آخرت ۾) دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. |
إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7) |
جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته انهن جون (ڪربناڪ رڙيون ۽) ۽ هينگون ٻڌڻ ۾ اينديون ۽ اهو (جهنم) پيو ٽهڪندو. |
تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8) |
(ائين پيو لڳندو) ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽوليءَ کي اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا کانئن پڇندا ته، اوهان وٽ (بدعملين جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو ڇا؟ |
قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9) |
اهي چوندا ته، ڇو نه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو (الله جو پيغام ڏيندڙ) آيو هو، پوءِ اسان (ان کي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيو سون ته، الله ڪابه شئ نازل نه ڪئي آهي. (۽ جيڪي ماڻهو ان کي مڃن پيا تن کي الٽو ٽوڪيون پيا ته) اوهين ته وڏيءَ گمراهيءَ ۾ پيا آهيو. |
وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10) |
۽ چوندا، (ته اسان عقل ۽ فڪر کان ڪم ئي نه ورتو رڳو ضد ۽ انڌي تقليد ۾ انهن جي مخالفت ڪئي) اسين (هيڪر انهن کي) ٻڌون ها يا سمجهون ها ته دوزخين (جي جماعت) ۾ (ڪڏهن به داخل) نه ٿيون ها. |
فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11) |
پوءِ (عذاب کي پنهنجي اکين سان ڏسي) انهن پنهنجو ڏوهه مڃيو. پوءِ دوزخي (وقت وڃائي آيا ۽ هاڻي رحمت کان) پري هجن. |
إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12) |
بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان پرپٺ ڊڄن ٿا (۽ غلط عملين جي نتيجن کان خبردار رهن ٿا) تن لاءِ (ننڍين لغزشن کان) معافي ۽ وڏو اجر آهي. |
وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13) |
۽ (اي ماڻهو!) اوهين (خدا جي قانونن تي هلڻ متعلق) پنهنجي ڳالهه لڪائي ڪريو يا کليءَ طرح علي الاعلان ڪريو، اهو ته سينن جون ڳالهيون (۽ اتي اچڻ وارا خيال به) ڄاڻيندڙ آهي. |
أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14) |
ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي، سو (اهي ڳالهيون) نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته اونهيءَ نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15) |
هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ (رزق جي سرچشمي) زمين کي تابع ڪيو آهي، پوءِ ان جي رستن تي هلو ۽ الله جي رزق مان کائو ۽ (هي نه سمجهو ته ان رزق جي سرچشمن جا اوهان اڪيلا ۽ بي پڇا مالڪ آهيو، بلڪ اها اوهان وٽ امانت آهي، جنهن جي حساب لاءِ اوهان جو) ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻ آهي. |
ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16) |
(اوهان جو رزق جي معاملي ۾ پاڻ کي آزاد ۽ بي پڇا ٿا سمجهو) ڇا جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي رزق جي ساڳئي سرچشمي) زمين ۾ ڳهائي ڇڏي پوءِ اها ڌڏڻ لڳي؟ |
أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17) |
يا وري، جيڪو (الله) آسمان ۾ آهي تنهن کان اوهان کي اهو ڊپ ڪونهي ته متان اوهان تي پهڻ وسائڻ وارو واءُ موڪلي؟ (هن وقت اوهان هنن ڳالهين کي مذاق سمجهو ٿا) پر سگهوئي ڄاڻندو ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي. |
وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18) |
۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به اهڙي طرح) ڪوڙو ڪيو. پوءِ (انهن جي تاريخ ۾ جاچيو ته) منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟ (۽ سندن نتيجو ڪهڙي تباهي ۽ بربادي جي شڪل ۾ سامهون آيو). |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19) |
ڇا پنهنجي مٿان پرن کي پکيڙندڙ ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي؟ انهن کي وڏي مهربان (الله جي جوڙيل قانونن) کان سواءِ ٻيو ڪوبه (ڪِرڻ کان) نٿو جهلي. بيشڪ اهو ته (زندگيءَ جي لوازمات لاءِ) سڀ ڪنهن شئ کي ڏسندڙ آهي. |
أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20) |
ڀلا اهو لشڪر اوهان جو ڪهڙو آهي جو اوهان کي (آفتن کان بچڻ لاءِ) وڏي مهربان (الله) کان سواءِ مدد ڏئي ٿو؟ ڪافر ته رڳو (سرڪشي ۽ خودفريبيءَ جي) ڌوڪي ۾ پيل آهن. |
أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21) |
ڀلا اهو ٻيو ڪير آهي، جيڪو اوهان کي رزق ڏيندو، جيڪڏهن الله (زمين جي صلاحيت ختم ڪري) پنهنجو رزق جهلي ڇڏي؟ پر (هي ڳالهيون کين سمجهه ۾ نٿيون اچن جو) اهي سرڪشي ۽ نفرت ۾ ورتا پيا آهن. |
أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22) |
ڇا پوءِ جيڪو شخص پنهنجي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي رستي تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو؟ |
قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23) |
(اي پيغمبر!) چئو ته، هو اهو آهي جنهن اوهان کي (انسان ڪري) پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دليون بنايون. (جن سان اوهان ان جي آيتن کي ٻڌي ان جي تخليق کي ڏسي ۽ ان جي مثالن کي سمجهي سگهو پر) اوهين تمام ٿورو احسان مڃيو ٿا. |
قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
(اي پيغمبر!) چئو ته، هو اهو آهي، جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙيو (پر اوهان جو اهو پکڙجڻ ضابطي کان ٻاهر نه هجي) ۽ اوهان ان ڏانهن ئي (پنهنجي ڪئي ڪيتي جو حساب ڏيڻ لاءِ) گڏ ڪيا ويندو. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ (پنهنجي ڪئي جو حساب ڏيڻ جي ڳالهه تي اهي منڪر مسلمانن کي) چون ٿا، ٻڌايو ته هيءَ (تباهي ۽ سزا وارو) انجام ڪڏهن پورو ٿيندو، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟ |
قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26) |
(اي پيغمبر!) چئو ته، (اها) خبر رڳو الله وٽ ئي آهي، ۽ آئون ته رڳو (غلط ڪارين جي تباه ڪندڙ نتيجن کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27) |
پوءِ جڏهن ان (انجام) کي ويجهو (ايندو) ڏسندا تڏهن ڪافرن جا منهن (ڪارا) بڇڙا ٿي ويندا ۽ (ان وقت کين) چيو ويندو ته، هي اهو (عذاب) آهي جيڪو اوهين (سڏي سڏي) گهرندا هيئو. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28) |
(اي پيغمبر!) چئو ته، جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن تن کي پڪڙ ۾ آڻي يا اسان تي رحم ڪري (اهو فڪر نه ڪريو، بلڪ اوهان فڪر رڳو هن ڳالهه جو ڪريو ته اوهان جي انڪار ۽ آڪڙ تي) ڪير آهي جو (اوهان) ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟ |
قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29) |
(اي پيغمبر!) چئو ته، اهو (الله) وڏو مهربان آهي، جنهن تي اسان ايمان آندو ۽ ان (جي رحمت وارن اصولن) تي اسان ڀروسو ڪيو. پوءِ سگهوئي اوهين ڄاڻندو ته (اسان ۽ اوهان مان) ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ آهي. (۽ ڪير صحيح رستي تي هلي رهيو آهي؟) |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته، ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان (ان جي پالڻهاريءَ جي مقرر ڪيل طريقن کي نه مڃيندو ۽ اوهان) جو پاڻي سڪي وڃي (جنهن تي اوهان جي زندگيءَ جو دارومدا آهي) ته ڪير اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟ |