| تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
|
بابرڪت آهي اهو الله جنهنجي هٿ قدرت ۾ سموري بادشاهي آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي |
| الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2) |
|
اهو ئي آهي جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ان لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان وڌيڪ سهڻا عمل ڪير ڪري ٿو، ۽ اهو ئي غالب بخشيندڙ آهي |
| الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3) |
|
اهو ئي آهي جنهن سَتَ آسمان طبقا ڪري پيدا ڪيا (اي ڏسندڙ) ڇا تون رحمان جي مخلوق ۾ ڪو تفاوت ڏسين ٿو، پوءِ تون (آسمان ڏانهن) اک کڻي ڏس، ڇا توکي ان ۾ ڪا سِير ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟ |
| ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4) |
|
ان کان پوءِ تون ٻِئي دفعي اک کڻي ڏس ته تو ڏانهن تنهنجي نظر ناڪام ٿي موٽندي ۽ اها عيب ڏسڻ کان خالي هوندي |
| وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان هيٺئين آسمان کي تارن سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن لاءِ باه جو شعلو بنايو ۽ اسان انهن لاءِ جهنم جو عذاب تيار ڪيو (آهي) |
| وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6) |
|
۽ جن ماڻهن پنهنجي رب جو انڪار ڪيو (انهن لاءِ) جهنم جو عذاب آهي، ۽ اها تمام خراب موٽڻ جي جاءِ آهي |
| إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7) |
|
جنهن وقت اهي جهنم ۾ اڇلايا ويندا ته اهي ان ۾ خراب آواز ٻڌندا ۽ اها (جهنم) ٽهڪندڙ هوندي |
| تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8) |
|
گھڻي ڪاوڙ جي ڪري اها ڦاٽڻ جي قريب هوندي، جڏهن به ان ۾ ڪو ٽولو اڇلايو ويندو ته انهن کان جهنم جو داروغو (ڪاوڙ مان) پڇندو ته ڇا توهان وٽ ڪو پيغمبر نه آيو؟ |
| قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9) |
|
اهي چوندا هَا ! بيشڪ اسان وٽ پيغمبر آيا، پوءِ اسان انهن کي نه مڃو ۽ اسان چيو ته الله تعالى ڪا شيءِ نه نازل ڪئي آهي، نه هئا توهان (جهنمي) مگر وڏي گمراهيءَ ۾ |
| وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10) |
|
۽ اهي چوندا ڪاش ! جيڪڏهن اسين ٻڌون ها يا سمجھون ها ته اسان (اڄ ڏينهن) جهنمين مان نه هجون ها |
| فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11) |
|
پوءِ اهي پنهنجا ڪيل گناه مڃيندا، پوءِ جهنمي، الله تعالى جي رحمت کان پري هوندا |
| إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12) |
|
بيشڪ جيڪي ماڻهو اڻ ڏٺي پنهنجي رب کان خوف ڪن ٿا، انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي |
| وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13) |
|
۽ توهان پنهنجي ڳالهه آهستي چئو يا وڏي سڏ چئو، بيشڪ اهو سينن جو راز ڄاڻندڙ آهي |
| أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14) |
|
ڇا اهو (مخلوق جو احوال) نٿو ڄاڻي جنهن پيدا ڪيو ۽ اهو ئي لطف ڪندڙ خبردار آهي |
| هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15) |
|
اهو ئي (خالق) آهي جنهن توهان جي (زراعت ۽ هلڻ وغيره) لاءِ زمين کي نرم بنايو پوءِ توهان ان جي رستن تي هلو ۽ (سندس ڏنل) رزق مان کائو ۽ انهيءَ ڏانهن اٿڻو آهي |
| ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16) |
|
ڇا توهان ان رب کان بي خوف آهيو جنهنجي بادشاهي آسمان ۾ آهي (جو اهو) توهان کي زمين ۾ ڳِهرائي ڇڏي پوءِ اها ان وقت ڏڪي ٿي |
| أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17) |
|
ڇا توهان بي خوف آهيو ان رب کان جنهنجي حڪومت آسمان ۾ آهي (جو اهو) توهان تي آسمان مان پٿر وسائي، پوءِ توهان کي جلد معلوم ٿيندو ته منهنجو عذاب ڪهڙيءَ طرح آهي |
| وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18) |
|
۽ بيشڪ تحقيق انهن کان اڳين ماڻهن به انڪار ڪيو، پوءِ ڪهڙيءَ طرح منهنجو انڪار ٿيو |
| أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19) |
|
ڇا اُهي انهن پکين کي نٿا ڏسن جيڪي انهن جي مٿان پَرَ کولي ۽ پَرَ بند ڪري اڏامن ٿا. نٿو سنڀالي انهن کي مگر رحمان. بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي |
| أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20) |
|
يا توهان جو اهو ڪهڙو لشڪر آهي جيڪو رحمان کانسواءِ توهان جي مدد ڪري. ناهن ڪافر مگر غرور ۾ |
| أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21) |
|
يا توهان جو اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي رزق ڏي جيڪڏهن رحمان توهان جو رزق بند ڪري، بلڪ اهي سرڪشي ۽ حق کان پري ٿيڻ تي ثابت قدم آهن |
| أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22) |
|
ڇا پوءِ اهو ماڻهو جيڪو مُنهن ڀر هلي ٿو، اهو وڌيڪ هدايت يافته آهي يا اُهو ماڻهو، جيڪو سڌي رستي تي سنئون سِڌو هلي ٿو |
| قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23) |
|
رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو ۽ جنهن توهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون پيدا ڪيون، ٿورڙا اُهي آهن جيڪي (توهان مان) شڪر ڪن ٿا |
| قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
|
رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان کي ان ڏانهن گڏ ڪيو ويندو |
| وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
|
۽ اهي (ڪافر مؤمنن کي) چون ٿا ته هي وعدو (قيامت جو) ڪڏهن پورو ٿيندو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
| قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26) |
|
رسولِ عربي توهان فرمايو (اهو) علم الله تعالى وٽ آهي، ۽ آئون ته فقط صاف ڊيڄاريندڙ آهيان |
| فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27) |
|
پوءِ جڏهن اهي ان عذاب کي پاڻ وٽ قريب ڏسندا ته ڪافرن جا مُنهن خراب ۽ ڪارا ٿي ويندا، ۽ انهن کي چيو ويندو ته هيءُ اهو عذاب آهي جيڪو توهان گھُرندا هئا |
| قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28) |
|
رسولِ عربي توهان فرمايو مون کي اها ڳالهه ٻڌايو ته جيڪڏهن الله تعالى (بالفرض) مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم ڪري، پوءِ ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان ڪير بچائيندو |
| قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29) |
|
رسولِ عربي توهان فرمايو اهو رحمان آهي جنهن تي اسان ايمان آندو ۽ اسان ان تي توڪل ڪئي، پوءِ توهان کي جلد معلوم ٿيندو ته صاف گمراهي ۾ ڪير آهي |
| قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30) |
|
رسولِ عربي توهان فرمايو توهان مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اهو توهان جو پاڻي نهايت هيٺ ڪري ڇڏي، پوءِ ڪير آهي جيڪو توهان کي چشمي وارو پاڻي آڻي ڏي |