القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُلۡکِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 30


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1)

اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي ھٿ ۾ (ساري مُلڪ جي) بادشاھي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.

الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2)

(الله اُھو آھي) جنھن موت ۽ حياتي پيدا ڪئي (انھيءَ لاءِ) ته اوھان کي پرکي ته عمل جي ڪري تمام چڱو اوھان مان ڪير آھي؟ ۽ اُھو غالب بخشڻھار آھي.

الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3)

(الله اُھو آھي) جنھن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (اي ڏسندڙ تون الله) ٻاجھاري جي بڻاوت ۾ ڪو فرق نه ڏسندين. پوءِ ورائي (نظر ڪري) ڏس ته (ڪٿي) ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟

ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4)

پوءِ وري به ٻه ڀيرا ڏس ته (ضرور تنھنجي) نظر تو ڏانھن جھڪي ٿي ٿڪجي موٽندي.

وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5)

۽ بيشڪ دنيا جي آسمان کي (ستارن جي) ڏيئن سان سينگاريو اٿون ۽ اُنھن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءَ (به) بڻايوسون ۽ شيطانن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار ڪيو اٿون.

وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6)

۽ جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آھي، ۽ اُھا جاءِ بڇڙي آھي.

إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7)

جڏھن کين دوزخ ۾ اڇليو ويندو (تڏھن) اُن جون (گڏھ جھڙيون) ھينگون ٻڌندا ۽ اُھو پيو اُڀامندو.

تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8)

جو ڪاوڙ کان (ڄڻ ته) اجھو ٿو ڦاٽي. جنھن مھل ڪنھن ٽوليءَ کي اُن ۾ پيو وجھبو (تنھن مھل) دوزخ جا داروغا انھن کان پڇندا ته اوھان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه آيو ھو ڇا؟

قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9)

چوندا ھائو! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو ھو، پر (اُن کي) ڪوڙو ڄاتوسون ۽ چيوسون ته الله ڪا (به) شيءِ نه لاٿي آھي، اوھين ته رڳو وڏيءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) آھيو.

وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10)

۽ چوندا ته جيڪڏھن اسين ٻُڌون ھا يا سمجھون ھا ته دوزخين (جي ٽوليءَ) ۾ (ڪڏھن داخل) نه ٿيون ھا.

فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11)

پوءِ پنھنجو ڏوھ (پاڻ) مڃيندا، پوءِ دوزخين تي لعنت ھجي شال.

إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12)

بيشڪ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.

وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13)

۽ پنھنجي ڳالھ ڳجھي ڳالھايو يا اُھا پڌري چئو، ته بيشڪ الله سينن جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.

أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14)

جنھن پيدا ڪيو سو ڪيئن نه ڄاڻندو؟ ۽ اُھو اونھي نظر وارو خبر رکندڙ آھي.

هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15)

(الله) اُھو آھي جنھن زمين کي اوھان جي لاءِ تابع ڪيو ته ان جي رستن ۾ گھمو ۽ الله جي رزق مان کائو، ۽ (جيئرو ٿي) ڏانھس کڙو ٿيڻو آھي.

ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16)

(اوھين) اُنھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان کي زمين ۾ ڳِھائي ڇڏي پوءِ اُتي جو اُتي زمين ڌڏي؟

أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17)

(اوھين) انھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان تي پھڻ وسائيندڙ واءُ موڪلي، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آھي؟

وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18)

۽ بيشڪ جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن (به) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي طرح ھئي.

أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19)

پنھنجي مٿاھون پکين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا؟ جي کنڀڙاٽيون ٽيڙي ھلندا آھن ۽ (ڪڏھن ڪڏھن) بند ڪندا آھن، انھن کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ٻيو ڪو) به جھلي نه رکندو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڏسندڙ آھي.

أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20)

اُھو اوھان جو لشڪر ڪھڙو آھي جو اوھان کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ مدد ڏئي؟ ڪافر رڳو ڀولي ۾ (پيل) آھن.

أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21)

(ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي ته اھو اوھان کي روزي ڏئي؟ بلڪ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن.

أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22)

ڀلا جيڪو پنھنجي مُنھن ڀر اونڌو ڪريل ھلندو ھجي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آھي يا اُھو جيڪو سڌو سنئون سڌي واٽ تي ھلندو ھجي؟

قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23)

چئو ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو.

قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24)

چئونَ ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ (اوھين) ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ.

وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25)

۽ (ڪافر) چوندا آھن ته اھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو جيڪڏھن سچا آھيو؟

قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته (اھا) خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27)

۽ جنھن مھل ان (انجام) کي ويجھو ٿيل ڏسندا ته ڪافرن جا مُنھن ڪاراٽجي ويندا، ۽ چئبن ته جنھن کي طلبيندا ھئو سو ھيءُ آھي.

قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿوَ ڇا ته جيڪڏھن مون کي ۽ جيڪي مون ساڻ آھن تن کي الله ھلاڪ ڪري يا الله اسان تي ٻاجھ ڪري ته (هر صورت ۾) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟

قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ٻاجھارو آھي اُن تي ايمان آندوسون ۽ مٿس ڀروسو ڪيوسون، پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ ته پڌريءَ گمراھي ۾ ڪير آھي.

قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪڏھن اوھان جو پاڻي ھيٺ پيھي وڃي ته اوھان وٽ وھندڙ پاڻي ڪير آڻيندو؟


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025