القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُلۡکِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 30


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1)

نهايت ڀلارو آهي اُهو، جنهن جي هٿ ۾ سموري بادشاهي آهي ۽ اهو هر ڪنهن چيز تي اختيار وارو آهي.

الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2)

جنهن موت ۽ حياتي خلقيا، ته اوهان کي آزمائي، ته اوهان مان ڪير ٿو تمام سٺا ڪم ڪري- ۽ هو غالب بخشڻهار آهي.

الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3)

جنهن ستن آسمانن کي تهه ڪري بنايو، تون رحمان جي خلقڻ ۾ ڪو به فرق نه ڏسندين- وري به نظر ڦيرائي ڏس، ڇا، ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟

ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4)

وري به ٻه دفعا نظر ڦيراءِ، نيٺ تنهنجي نظر جهڪي ٿي، ٿڪجي، تو ڏانهن موٽندي!

وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5)

۽ بيشڪ اسان اورئين آسمان کي (تارن جي) ڏيئن سان سينگاريو آهي ۽ انهن کي شيطان کي ڌڪ هڻڻ لاءِ بنايوسين، ۽ انهن لاءِ باهه جوعذاب تيار رکيو اٿئون.

وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6)

۽ جن پنهنجي ڌڻيءَ جو انڪار ڪيو، تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (_) ۽ جڏهن انهن کي دوزخ ۾ اڇلبو، تڏهن ان جون هينگون ٻڌندا، ۽ اهو ڪاوڙ کان ائين پيو اڀامندو، جو ڄڻ اجهو ٿو ڦاٽي! جڏهن به ڪنهن ٽوليءَ کي ان ۾ پيو وجهبو، تڏهن سندس چوڪيدار انهن کان پڇندا ته ”ڇا اوهان وٽ ڪوڊيڄاريندڙ ڪو نه آيو هو؟“

إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7)

۽ جڏهن انهن کي دوزخ ۾ اڇلبو، تڏهن ان جون هينگون ٻڌندا، ۽ اهو پيو اڀامندو

تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8)

ائين ڪاوڙ کان ، جو ڄڻ اجهو ٿو ڦاٽي! جڏهن به ڪنهن ٽوليءَ کي ان ۾ پيو وجهبو، تڏهن سندس چوڪيدار انهن کان پڇندا ته ”ڇا اوهان وٽ ڪوڊيڄاريندڙ ڪو نه آيو هو؟“

قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9)

چوندا ”هائو، بيشڪ اسا ن وٽ ڊيڄاريندڙ آيوهو، پر اسان هن کي ڪوڙو سمجهيو، ۽ چيوسون ته ”الله ڪجهه به نه لاٿو آهي، اوهين ته رڳو وڏي گمراهيءَ ۾ آهيو!“

وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10)

۽ چوندا ته ”جيڪڏهن اسين ٻڌون يا سمجهون ها، ته جيڪر دوزخين مان ڪين ٿيون ها.“

فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11)

پوءِ پنهنجو ڏوهه مڃيندا، پوءِ دوزخين لاءِ شل لعنت هجي!

إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12)

پڪ جيڪي شخص پنهنجي ڌڻيءَ کان پرپٺ ڊڄندا آهن، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي.

وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13)

۽ پنهنجو ڳالهاءُ آهستي ڪڍو يا وڏي سڏ، ته هو ته پڪ سان دلين جا حال ڄاڻي ٿو-

أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14)

اُهو ڪيئن نه ڄاڻيندو، جنهن خلقيو؟ ۽ هو ته اونهي نظر وارو، هر ڪا خبر رکندڙ آهي.

هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15)

هو اهو آهي، جنهن زمين کي اوهان جو تابع ڪيو، ته ان جي رستن ۾ گهمو ۽ ان جي ڏنل رزق مان کائو ۽ ان ڏي وري جيئرو ٿي وڃڻو آهي.

ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16)

ڇا اوهين آسمان واري کان بي ڊپا آهيو؟ ته متان اوهان کي زمين ۾ ڳيهائي ڇڏي ۽ اها يڪدم ڌڏي؟

أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17)

يا ڇا، اوهين آسمان واري کان بي ڊپا آهيو، ته متان هو اوهان تي پهڻ وسائيندڙ هَوا موڪلي؟ پوءِ جلد ئي ڄاڻندؤ ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي!

وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18)

۽ بيشڪ انهن کان اڳين به ڪوڙ سمجهيو هو، پوءِ ڪهڙي نه هئي منهنجي سزا!

أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19)

ڇا، هو سندن مٿان پکين کي نٿا ڏسن، جي کنڀ کوليندا ۽ بند ڪندا آهن؟ انهن کي فقط ٻاجهارو ئي جهلي رکي ٿو- بيشڪ اهو هر چيز کي ڏسندڙ آهي.

أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20)

ڀلا اوهان جو اهو ڪهڙو لشڪر آهي، جو ٻاجهاري کان سواءِ اوهان کي مدد ڏئي؟ ڪافر فقط ڀولي ۾ آهن.

أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21)

ڀلا جيڪڏهن هو پنهنجو رزق روڪي، ته پوءِ ٻيو ڪهڙو آهي، جو اوهان کي رزق ڏئي؟ بلڪ ڪافر رڳو سرڪشيءَ ۽ نفرت ۾ اڙيل آهن.

أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22)

ڀلا جيڪو منهن ڀر اونڌو ٿي هلندو هجي، سو وڌيڪ سٺو هلي ٿو، يا جيڪو سڌو سنئون سڌيءَ واٽ تي هلندو هجي؟

قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23)

چئو ته الله اُهو آهي، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان جا ڪن، اکيون ۽ دل بنايا، اوهين ٿورڙو ئي شڪر ڪريو ٿا.

قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24)

چئو ته هو آهي، جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ اوهين ان ڏانهن ئي گڏ ڪبا.

وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25)

ڪافر ٿا چون ته ”جيڪڏهن سچا آهيو، ته ٻڌايو ته اهو انجام ڪڏهن پورو ٿيندو“

قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26)

چئو ته اها خبر فقط الله کي ئي آهي- ۽ آءُ فقط پورو ڊيڄاريندڙ آهيان.

فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27)

۽جنهن وقت اهي انجام کي ويجهو ايندو ڏسندا، تڏهن ڪافرن جا منهن ڪاراٽجي ويندا ۽ کين چئبو ته ”هي آهي اهو، جنهن کي اوهين طلبيندا هئا!“

قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28)

چئو ته ڇا، اوهان نه ڏٺو آهي ته جيڪڏهن الله مون کي ۽ منهنجي همراهن کي ماري، يااسان تي رحم ڪري، ته ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟

قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29)

چئو ته اُهو ئي ٻاجهارو آهي، اسان اُن تي ويساهه آندو ۽ ان تي ڀروسو ڪيوسون، پوءِ جلد ئي خبر پوندوَ، ته صفا گمراهيءَ ۾ ڪير آهي.

قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30)

چئو ڀلا ڏسو ته سهي، ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي هيٺ پيئجي وڃي، ته پوءِ ڪير اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025