القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُلۡکِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 30


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1)

برڪت وارو آهي اهو (الله) جنهن جي (قدرتي) هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .

الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2)

اهو جنهن پيدا ڪيو موت ۽ زندگي تانته آزمائي اوهان کي ته ڪهڙو اوهان مان وڌيڪ سهڻو آهي عمل ۾ ۽ اهو غالب، بخشڻهار آهي .

الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3)

اهو جنهن پيدا ڪيا ست آسمان طبقا ڪري نه ڏسندين رحمٰن جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪو نقص پوءِ وراءِ تون نگاهه ڇا ڏسين ٿو ڪو رخنو .

ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4)

ان کان پوءِ موٽاءِ نگاهه ٻه ٻه ڀيرا ته موٽندي تو ڏانهن نگاهه ناڪام ٿي ۽ اها حسرت واري آهي .

وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5)

۽ البته تحقيق سينگاريو اسان آسمان دنيا وارو تارن سان ۽ بنايو اسان انهن کي اُمڙ شيطانن جي لاءِ ۽ تيار ڪيو اسان انهن جي لاءِ ساڙيندڙ باهه جو عذاب .

وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6)

۽ انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو پنهنجي رب جو، جهنم جو عذاب آهي ۽ اهو بري جاءِ موٽڻ جي آهي .

إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7)

جڏهن اڇلايا ويندا ان ۾ ته ٻڌندا ان جون هينگون ۽ اهو اڀامندو پيو .

تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8)

ويجهو آهي جو ڦاٽي پوي ڪاوڙ جي ڪري جڏهن به اڇلايو ويندوان ۾ هڪ ٽولوته پڇندا انهن کان داروغا ان جا ته ڇا نه آيو اوهان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ .

قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9)

چوندا ته هائو تحقيق آيو اسان وٽ ڊيڄاريندڙ پوءِ اسان (ان کي) ڪوڙو چيو ۽ اسان چيوته نه نازل ڪئي الله ڪا شيءِ ناهيو اوهان مگر گمراهيءَ وڏيءَ ۾ .

وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10)

۽ چيائون جيڪڏهن ٻڌون ها يا عقل رکون ها اسان ته نه هجون ها جهنم وارن ۾ .

فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11)

پوءِ مـڃيندا پنهنجوگناهه پوءِ ڦٽڪار آهي جهنم وارن جي لاءِ .

إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12)

بيشڪ اهي شخص جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي رب کان اڻ ڏٺو انهن جي لاءِ مغفرت ۽ ثواب وڏو آهي .

وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13)

۽ آهستي ڪيو پنهنجي ڳالهه يا بلند آواز ڪيو اها بيشڪ اهو (الله) ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون .

أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14)

ڇا نه ٿو ڄاڻي اهو جنهن پيدا ڪيو ۽ اهوئي سنهيون شيون ڄاڻندڙ خبردار آهي .

هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15)

اهو ئي آهي جنهن بنائي اوهان جي لاءِ زمين مسخر پوءِ هلو ان جي رستن ۾ ۽ کائو ان جي رزق مان ۽ ان ڏانهن ئي اٿڻ آهي .

ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16)

ڇا بي خوف ٿيئو؟ ان کان جيڪو آسمان ۾ آهي ته ڳهرائي اوهان کي زمين ۾ پوءِ ان وقت اها ڌُٻي پئي .

أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17)

يا امن وارا ٿيئو ان کان جيڪو آسمان ۾ آهي ته موڪلي اوهان تي پٿر پوءِ جلد ڄاڻندؤ ته ڪيئن آهي منهنجو ڊيڄارڻ .

وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18)

۽ البته تحقيق ڪوڙو چيو انهن جيڪي هئا انهن کان اڳي پوءِ ڪيئن هو منهنجو انڪار ڪرڻ .

أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19)

ڇا نه ڏٺائون پکين ڏانهن انهن جي مٿان پر کوليندڙ ۽ (پر) سميٽي رکن ٿا نه ٿو روڪي رکي انهن کي ڪو رحمٰن کان سواءِ بيشڪ اهو هر شيءِ ڏسندڙ آهي .

أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20)

يا ڪهڙو هي اهو آهي؟ جو اهو اوهان جو لشڪر آهي مدد ڪري ٿو اوهان جي رحمٰن کان سواءِ ناهن ڪافر مگر ڌوڪي ۾ .

أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21)

يا ڪير آهي هي جيڪو رزق ڏيندو اوهان کي جيڪڏهن روڪي رزق اوهان جو بلڪ ڊگها ٿيا سرڪشيءَ ۽ نفرت ۾ .

أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22)

ڇا پوءِ جيڪو پنڌ ڪري ٿو اونڌو ٿي منهن پنهنجي تي وڌيڪ هدايت وارو آهي يا جيڪو پنڌ ڪري ٿو برابر ٿيندي سڌي واٽ تي .

قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23)

فرماءِ ته اِهو اُهو آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ۽ ڪيائين اوهان جي لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ٿورو شڪر ڪيو ٿا اوهان .

قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24)

فرماءِ ته اِهو اُهو آهي جنهن پکيڙيو اوهان کي زمين ۾ ۽ ان ڏانهن ئي اٿاريا ويندؤ .

وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25)

۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هي وعدو جيڪڏهن آهيو سچا .

قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26)

فرماءِ ته علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ مان ته صرف ڊيڄاريندڙ، کليل آهيان .

فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27)

پوءِ جڏهن ڏسندا ان کي ويجهو ته بڇڙا ڪيا ويندا منهن انهن جا جن ڪفر ڪيو ۽ چيو ويندو هيءُ اهو آهي جنهن جي اوهان طلب ڪندا هيئو .

قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28)

فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن هلاڪ ڪري مون کي الله (بفرض محال) ۽ انهن کي جيڪي مون سان گڏ آهن يا رحم ڪري اسان تي پوءِ ڪير بچائيندو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان .

قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29)

فرماءِ ته اهو رحمٰن آهي اسان ان تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي اسان توڪل ڪئي آهي پوءِ جلد ڄاڻندؤ ته ڪير کليل گمراهيءَ ۾ آهي .

قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30)

فرماءِ ته خبر ڏيو اوهان جيڪڏهن ٿي وڃي پاڻي اوهان جو سڪي ويل پوءِ ڪير آڻيندو اوهان وٽ پاڻي (مٺو) وهندڙ .


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025