تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
نهايت بزرگي وارو ۽ عاليشان آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪائنات آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو |
الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2) |
جنهن خلقيو آهي موت ۽ زندگي کي ته جيئن آزمائي توهان کي ته توهان مان ڪير آهي سٺا عمل ڪرڻ وارو، ۽ اهو ئي زبردست آهي بخشڻ وارو |
الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3) |
جنهن بڻايو آهي ستن آسمانن کي طبقا طبقا ڪري، تون نه ڏسندين تخليق رحمٰن جي ۾ ڪو خلل (بي ربطگي)، پوءِ وري موٽي ڏس ڪٿي توکي ڪو خلل نظر اچي ٿو؟ |
ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4) |
پوءِ وري ڦيراءِ نظر کي وري وري، موٽندي تو ڏانهن نظر نامراد ۽ اها هوندي ٿڪل ٿڪل |
وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5) |
۽ بيشڪ اسان سينگاريو آهي آسمان کي دنيا جي عظيم الشان (تارن) ڏيئن سان ۽ انهن کي ڪيوسين چُٽي ڀڄائڻ جو ذريعو شيطانن کي ۽ انهن (شيطانن) لاءِ اسان بڻايو آهي عذاب ڀڙڪندڙ باهه جو |
وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6) |
۽ جن ماڻهن انڪار ڪيو آهي پنهنجي رب جو، تن لاءِ عذاب آهي دوزخ جو، ۽ اها تمام بري جاءِ آهي موٽڻ جي |
إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7) |
جڏهن اهي اڇلايا ويندا ان ۾ ته ٻڌندا ان جي گجڻ جو آواز خوفناڪ ۽ اهو پيو اڀامندو (تندور وانگر) |
تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8) |
ڄڻ ويجهو هوندو ڦاٽڻ تي ڪاوڙ ۾، هر ڀيري جڏهن ان ۾ وڌو ويندو ڪو ٽولو ته انهن کان پڇندا ان جا ڪارندا (چوڪيدار) ڇا توهان وٽ ڪونه آيو هو ڪو خبردار ڪرڻ وارو؟ |
قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9) |
ته اهي چوندا، ها اسان وٽ آيو ته هو خبردار ڪرڻ وارو پر اسان ڪوڙو ڪيو ان کي ۽ چيوسين ناهي نازل ڪئي الله ڪابه شيءِ، توهان ته ڪنهن گمراهيءَ ۾ پيل آهيو تمام وڏي |
وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10) |
۽ چوندا ته جيڪڏهن ٻڌون ها (ڪاش) يا وري سمجهون ها ته (اڄ) انهن ماڻهن ۾ شامل نه هجون ها جيڪي پيل آهن ڀڙڪندڙ باهه جي سزا ۾ |
فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11) |
پوءِ اهي اعتراف ڪندا پنهنجي ڏوهن جو، پوءِ لعنت آهي انهن دوزخين تي |
إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو ڊڄندا آهن پنهنجي رب اڻ ڏٺل کان، انهن جي لاءِ بخشش ۽ اجر آهي تمام وڏو |
وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13) |
۽ ڀلي آهستي ڳالهايو توهان يا وڏي آواز سان، (الله لاءِ برابر آهي) اهو ته ڄاڻندڙ آهي اندر دلين منجهان |
أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14) |
ڇا اهو نه ڄاڻندو جنهن ڪيو آهي پيدا؟ ۽ اهو ته اونهي نظر رکندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15) |
اهو ئي ته آهي جنهن بڻايو آهي توهان جي لاءِ زمين کي تابع پوءِ هلو ان جي سيني جي راهن تي ۽ کائو ان جو رزق، ۽ ان ڏي ئي جيئرو ٿي وڃڻو آهي |
ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16) |
ڇا توهان بي خوف آهيو ان کان، جيڪو آسمانن ۾ آهي سو ڳِهائي ڇڏي توهان کي زمين ۾، پوءِ اوچتو جڏهن اها ڌٻڻ لڳي؟ |
أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17) |
ڇا توهان ان کان بي خوف آهيو، اهو جيڪو آسمان ۾ آهي، موڪلي توهان تي پٿر وسائڻ واري هوا؟ پوءِ توهان کي معلوم ٿي ويندي ته منهنجي تنبيهه ڪهڙي ٿيندي آهي |
وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18) |
۽ بيشڪ ڪوڙو چئي چڪا آهن ماڻهو انهن کان اڳي گذري ويل، پوءِ ڏسي وٺو ڪهڙي هئي سخت منهنجي پڪڙ |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19) |
ڇا اهي ماڻهو نٿا ڏسن انهن اڏامندڙ پکين کي پنهنجي مٿان کنڀ ٽيڙيندي ۽ (وري) گڏائيندي؟ ڪوبه ناهي انهن کي جهلي رکڻ وارو رحمٰن کان سواءِ، بيشڪ اهو ئي هر شيءِ جو نگهبان آهي |
أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20) |
آخر اهو ڪهڙو آهي لشڪر جيڪو توهان جي مدد ڪري سگهي مقابلي ۾ رحمٰن جي؟ حقيقت ۾ اهي منڪر پيل آهن وڏي ڌوڪي ۾ |
أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21) |
يا وري اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي رزق ڏئي سگهي جيڪڏهن رحمٰن رزق روڪي ڇڏي؟ حقيقت ۾ اهي ارڏائي ۽ حق کان پاسو ڪرڻ تي اڙجي ويل آهن |
أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22) |
ڀلا سوچيو، جيڪو شخص هلندو هجي اونڌو ڪري منهن پنهنجو، اهو صحيح راهه لهندو يا وري اهو جيڪو هلندو هجي مٿو کڻي سڌو هڪ سڌي راهه تي؟ |
قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23) |
چؤ انهن کي، اهو (الله) ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو ۽ ڏنائين توهان کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جون قوتون، ۽ سوچڻ سمجهڻ واريون دليون، پر ٿورو ئي توهان شڪر ڪريو ٿا |
قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
چؤ انهن کي، اهو (الله) ئي آهي جنهن پکيڙيو آهي توهان کي زمين ۾ ۽ انهيءَ (الله) ڏي ئي گڏ ڪيا ويندؤ |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ اهي چوندا آهن ڪڏهن اهو وعدو پورو ٿيندو جيڪڏهن (واقعي) توهان سچا آهيو؟ |
قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26) |
چؤ انهن کي، بيشڪ ان جو علم ته الله وٽ آهي، ۽ بيشڪ آئون ته رڳو خبردار ڪندڙ آهيان ظاهر ظهور |
فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27) |
پوءِ جڏهن ڏسندا ويجهو ان شيءِ کي ته ڦري ويندا چهرا انهن سڀني جا جن انڪار ڪيو آهي ۽ کين چيو ويندو ان وقت هي اها ئي ڳالهه آهي جنهن جي توهان گُهر ڪندا هئا |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28) |
چؤ انهن کي، ڇا توهان سوچيو آهي جيڪڏهن هلاڪ ڪري مون کي الله ۽ منهنجي ساٿين کي يا اسان تي رحم ڪري، پر ڪير بچائيندو ڪافرن کي عذاب دردناڪ کان؟ |
قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29) |
چؤ انهن کي، اهو ته وڏو ٻاجهارو آهي اسان ايمان آندو آهي ان تي ۽ ان تي ئي اسان جو ڀروسو آهي، پوءِ سگهوئي معلوم ٿي ويندو توهان کي ته ڪير آهي گمراهيءَ ۾ پيل ظاهر ظهور |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30) |
چؤ انهن کي، ڪڏهن هي به سوچيو اٿوَ جيڪڏهن توهان جي کوهن جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي (هيٺ لهي وڃي) ته پوءِ ڪير آهي ان وهندڙ پاڻيءَ جون سيرون توهان کي وهائي ڏئي؟ |