يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1) |
اي نبي! تون اها شيءِ ڇو پيو حرام ڪرين، جيڪا الله تو لاءِ حلال ڪئي آهي؟ (ڇا ان لاءِ جو) تون پنهنجي زالن کي خوش ڪرڻ ٿو چاهين؟ الله معاف ڪرڻ وارو ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي |
قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
الله توهان لاءِ پنهنجن قسمن مان آجو ٿيڻ جو طريقو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. الله توهان جو سائين آهي ۽ اهوئي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي |
وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3) |
(۽ اها ڳالهه به ڌيان جوڳي آهي ته) نبيءَ هڪڙي ڳالهه پنهنجي هڪڙي زال سان لڪائي ڪئي هئي، پوءِ جڏهن ان زال اها راز واري ڳالهه (ڪنهن ٻيءَ سان) ڪري وڌي ۽ الله نبيءَ تي اها ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏي ته نبيءَ ان جو ڪجهه حصو (انهيءَ زال کي) ڄاڻايو ۽ ڪنهن حصي کي نظر انداز ڪري ڇڏيائين. پوءِ جڏهن نبيءَ ان کي (سندس راز کولڻ واري) اها ڳالهه ٻڌائي ته ان پڇيس ته توهان کي ان بابت ڪنهن ٻڌايو؟ نبيءَ چيس ته "مونکي ان ٻڌايو آهي جيڪو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کي سڀ ڪا خبر آهي" |
إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4) |
جيڪڏهن توهان ٻئي الله در توبه ڪندؤ (ته اهو توهان لاءِ ڀلو آهي) ڇو جو توهان ٻنهي جون دليون سنئينءَ واٽ کان هٽي ويون آهن ۽ جيڪڏهن توهان نبيءَ جي مقابلي ۾ ٻڌي ڪئي ته پوءِ ڄاڻي ڇڏيو ته الله سندس ڀرجهلو آهي ۽ ان کان پوءِ جبرائيل ۽ سڀئي صالح مؤمن ۽ سڀ ملائڪ سندس مددگار آهن |
عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5) |
پري ناهي ته جيڪڏهن نبي توهان سڀني زالن کي طلاق ڏيئي ڇڏي ته سندس رب کيس اهڙيون زالون توهان جي بدلي ۾ عطا ڪري، جيڪي توهان کان ڀليون هجن، سچيون مسلمان، ايمان واريون، فرمانبردار، توبه ڪندڙ، عبادت ڪندڙ ۽ روزا رکندڙ، رنڙ يا ڪنواريون |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ! بچايو پاڻ کي ۽ پنهنجن گهرڀاتين کي انهيءَ باهه کان، جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر هوندا، جنهن تي ڏاڍا ڪٺور دل سختي ڪندڙ ملائڪ مقرر ٿيل آهن، جيڪي ڪڏهن به الله جي حڪم جي ابتڙ نه ڪندا آهن ۽ جيڪو به حڪم کين ملي ٿو سو پورو ڪن ٿا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7) |
(ان وقت چيو ويندو ته) اي ڪافرؤ! اڄ بهانا پيش نه ڪريو، توهان کي ته اهڙو ئي ٿو بدلو ڏنو وڃي، جهڙا توهان عمل ڪندا هيؤ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8) |
اي ايمان وارؤ! الله جي در توبهه ڪريو سچي توبهه. پري ناهي جو الله توهان جون برايون توهان کان دور ڪري ڇڏي ۽ توهان کي اهڙين جنتن ۾ داخل ڪري ڇڏي، جن جي هيٺان پيون واهيون وهن. اهو اُهو ڏينهن هوندو، جڏهن الله پنهنجي نبيءَ کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو آهي شرمسار نه ڪندو. سندن نور سندن اڳيان اڳيان ۽ سندن ساڄي پاسي کان ڊوڙي رهيو هوندو ۽ هو چئي رهيا هوندا ته "اي اسان جا رب! اسان لاءِ اسان جو نور مڪمل ڪري ڇڏ ۽ اسان کي بخش، بيشڪ توکي سڀ ڪا طاقت آهي" |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9) |
اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، انهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10) |
الله ڪافرن جي سلسلي ۾ نوح ۽ لوط جي زالن جا مثال ڏئي ٿو، اهي ٻئي اسان جي ٻن صالح ٻانهن جي نڪاح ۾ هيون، پر انهن پنهنجن مڙسن جي پــَـتِ نه رکي ته پوءِ هو الله جي مقابلي ۾ ڪنهن ڪم نه آين. ٻنهي کي چيو ويو ته وڃي باهه ۾ پوندڙن سان گڏ توهان به اندر پئو |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11) |
۽ ايمان وارن جي سلسلي ۾ الله فرعون جي زال جو ٿو مثال ڏئي، جڏهن ان دعا گهري هئي ته "اي منهنجا رب! منهنجي لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪڙو گهر بڻاءِ ۽ مون کي فرعون ۽ سندس عمل کان بچاءِ ۽ مونکي ظالم قوم کان ڇوٽڪارو ڏي" |
وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12) |
۽ عمران جي ڌيءُ مريم جو مثال ڏئي ٿو، جنهن پنهنجيءَ اوگهڙ جي حفاظت ڪئي هئي، پوءِ اسان منجهس پنهنجي طرفان روح ڦوڪيو ۽ هن پنهنجي رب جي فرمانن ۽ سندس ڪتابن کي سچو چيو ۽ هوءَ فرمانبردارن منجهان هئي |