يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1) |
اي رسول! جنهن شيءَ کي خدا تنهنجي لاءِ حلال ڪيو آهي تنهن کان تون پنهنجي زالن جي رضامنديءَ لاءِ ڇو ڪنارو ڪرين ٿو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
خدا اوهان ماڻهن لاءِ قسمن کي ڀڃڻ جو ڪفارو مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ الله ئي اوهان جو ڪارساز آهي. ۽ اهو ئي واقف ڪار حڪمت وارو آهي. |
وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3) |
۽ جڏهن پيغمبر پنهنجي زالن (حفصه) کي ڪا ڳجهيءَ ڳالھ چئي پوءِ جڏهن ان (منع ڪرڻ هوندي به) ان ڳالھ جي (عائشه سان) خبر ڪئي ۽ خدا ان ڳالھ کي رسول تي ظاهر ڪيو ته رسول (عائشه) کي ڪجھ ڳالھ (ماريه جي) ٻڌائي ۽ ڪجھ ڳالھ (ماکيءَ جي) ٽاري ڇڏي. مطلب ته جڏهن رسول ان واقعي (حفصه جي ڳالھ کولڻ) جي ان (عائشه) کي خبر ڏني ته (عجب ۾ پئجي) چوڻ لڳي: اوهان کي ان ڳالھ (راز کولڻ) جي ڪنهن خبر ڪئي؟ رسول چيو مون کي سڀ ڄاڻڻ واري سڀ خبر رکڻ واري (خدا) ٻڌائي آهي. |
إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4) |
(ته اي حفصه ۽ عائشه) جيڪڏهن اوهين ٻئي (اهڙي حرڪت کان) توبه ڪريو ته (خير) ڇو ته اوهان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪڏهن اوهين ٻئي پيغمبر جي برخلاف هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون ته (ڪجھ پرواھ نه آهي ڇو ته) خدا، جبرئيل ۽ سڀني ايماندارن مان نيڪ شخص ان جا مددگار آهن ۽ انهن کان سواءِ سڀ فرشتا (سندس) مددگار آهن. |
عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5) |
جيڪڏهن رسول اوهان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته جلدي ئي سندس پروردگار اوهان جي بدلي کيس اوهان کان چڱيون زالون عطا ڪندو جيڪي فرمانبردار، ايماندار، (خدا ۽ رسول جون) تابعدار (گناهن کان) توبه ڪرڻ واريون عبادت گزار، روزي رکڻ واريون رنڙ ۽ ڪنواريون هوندوين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارو! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باھ کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پهڻ آهن ان تي سخت طبيعت (۽) سخت مزاج ملائڪه (مقرر) آهن جنهن ڳالھ جو خدا کين حڪم ڪيو آهي تنهن ۾ سندس نافرماني نه ٿا ڪن ۽ جو حڪم کين ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7) |
(جڏهن ڪافر دوزخ جي سامهون ايندا ته کين چيو ويندو) اي ڪافرو! اڄ بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين (ڪرتوت) ڪندا هئا رڳو تنهن جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8) |
اي ايمان وارو! اوهين خدا وٽ سچي توبه ڪريو! اميد آهي ته اوهان جو پالڻهار اوهان جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ پيا وهن. ان ڏينهن جڏهن خدا، رسول کي ۽ انهن کي جن ساڻس ايمان آندو آهي خوار نه ڪندو (بلڪ) انهن جو نور سندن اڳيان ۽ انهن جي سڄي پاسي (روشني ڪندو) پيو ڊوڙندو هلندو ۽ اهي ماڻهو هيءَ پيا دعا گهرندا ته خداوندا! اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون سڀ ڪجھ ڪري سگهين ٿو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9) |
اي رسول! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ انهن تي سختي ڪر. ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي ۽ اها موٽي وڃڻ واري جاءِ بڇڙي آهي. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10) |
خدا ڪافرن لاءِ نوح جي زال (واعله) ۽ لوط جي زال (واهله) جو مثال بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي اسان جي عبدن مان ٻن چڱن عبدن جي گهر ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهي زالن سندن خيانت ڪئي ته اهي ٻئي (پيغمبر) خدا جي مقابلي ۾ انهن ٻنهي زالن کي ڪجھ به ڪم نه آيا ۽ (کين) چيو ويندو ته اوهين ٻئي زالون (دوزخ جي) باھ ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏ داخل ٿيو. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11) |
۽ خدا ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال (آسيه) جو مثال بيان ڪيو آهي ته جڏهن ان دعا گهري: پروردگار! منهنجي لاءِ پاڻ وٽ بهشت ۾ هڪ گهر بنائي! ۽ مون کي فرعون ۽ سندن ڪرتوتن کان پناھ ڏي ۽ مون کي ظالم ماڻهن (جي هٿن) کان ڇوٽڪارو عطا فرمائي. |
وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12) |
۽ (ٻيو مثال هي ته) عمران جي ڌيءَ مريم جنهن پنهنجي شرمگاھ کي (مردن کان) بچايو، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ ان پنهنجي پالڻهار جي ڳالهين ۽ سندس ڪتابن کي سچو ڪري مڃيو ۽ پاڻ تابعدارن مان هئي. |