يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1) |
اي نَبِي ! نِرمل ناءُ، ڪوه قَسم وِجِهين تِنهن ڳالھ کان، رَواڪئـِي جا رَحم سان، رَبَّ تعالىٰ تو لاءِ، رکڻ گُھرِين ٿوراءِ، پاڪن سَندِي پانهنجي. ۽ اَلله جَل جَلالہٗ آھِ، بَخِشيندڙ بَحال، ڀَلو ڪَندڙ ڀال، ٻَهون ٻاجِھيندڙ گھڻو. |
قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
صَحِي اَهنجي سُونهن جو، هادِئَ ٺَهرايو حَل، ۽ حامِي اَهنجو هر حال ۾، اَلله عَزَّ وَجَل، ۽ اُهوئي آھ سو، جنهن کي ٿِي، ٿِيندي جي ڪَل، اُونهِئَ ساڻ اَٽڪل، هلائـِيندڙ هَر حال ۾. |
وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3) |
۽ پيغمبر سَندسِ پاڪن مان، جڏهن ڳَرهِي ڪِنهن سان ڳالھ، جَڏهن خاتون اُن خبر کي، کوليو ڪِنهن به خيال، ۽ تڏهن ظاهِر ذُوالجلال، مَٿسِ سو مَذڪُور ڪيو. پوءِ ڪُجھ ڄاڻائـِين اُن مان، ۽ ڪُجھ کان موڙيو مُنهن مُرسل، پوءِ خبر تِنهن خاتون کي، پاڻ ڏِنائـِين جنهن پَل، چيائـِين ته توکي ڪِنهن ڏِنِي، ڪامِل! اِها ڪَل، جانِئَ چَيو جواب ۾، اَلله عَزَّوَجَلَّ، اُهو عالَم کون ازل، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي، |
إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4) |
آرياڻيون! اَلله ڏي، ٻَئـِي وَرو هِن ويرا، اَهنجا مَن ميرا، سَچيون! سَچ پَچ ٿِي پِئا. اُتس اجايو زور ڪنديون، جي ٿِي هِڪ ٻئي جون هَمراه، پوءِ سَچ پَچ ساٿِي ان جو، آهي پاڻ اَلله، ۽ جِبرِيل ۽ جيڪِي نيڪ ٻِئا، جِن جو واحِد تي ويساھ، پڻ مِڙئـِي مَلڪ اَللهَ جا، دَرٻارِي درگاھ، واهِر آهِن واھ!، پُٺ ڀَرائو تِنهن پُٺيان. |
عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5) |
اوڏو آهي اُن ڪم کي، سَندسِ رَبُّ سَتّار، جي توهان کي طلاق ڏِئي، ڀَليرو ڀَتار، آن کان ڀَليون بِيـبِـيون، ڏِئيسِ وَري ڏاتار، هَلندڙ حُڪمن مٿي، وِسهندڙ وِينجھار، نيڪ نِمازِي نڪڻٖي، توبہ لاءِ تيار، پُڄارِي پَروَر جون، راڻيون روزيدار، ڪي وِلهيون وَلهن ڌار، ڪي ڪامِل ڪام ڪُنواريون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6) |
اي اُهي!، آهي جِن جو، واحِد ۾ ويساھ، سي پاڻ ۽ پَنهنجي ڀاتِين، بَچايو، کون باھ، ۽ ماڻهو، پَهڻ جنهن مَچ جو، ٻارڻ ٻارهو آھِ، قَهري مَلڪ ڪٺڻ گھڻو، اُتي تِنهن آڙاھ، اُبتڙ نه هَلَن اُن کان، جنهن جو اَمر ڪِيَن اَلله، ۽ اُن ڪَم تي ڪَن ڪاھ، جنهن جو حُڪم مِليَن حُضور، مان. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7) |
اي اُهي جن ڪُفر ڪيو، ڦِريا، کون فرمان، اَڄ نه عُذر گُذاريو، مَنجھ مَحشر جي ميدان، جيڪِي ڪَندا هُئا ڪُفران!، اُهو ماڻِيندا مورهِين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8) |
اي اُهي، آندو جِن، اَلله تي اِيمان!، سي موٽو، موٽڻ صاف سَچو، مالِڪ، ڏانهن منان، ۽ ميٽي اَوهان جا مِهر سان، مِڙِئي عيب عِصيان، باغن مَنجھ بهشت جي، ڏِينِيان مَاڳ مڪان، هيٺان جِن هَر آن، واهِيون ڪن ٿيون وَهڪرا. جڏهن آگو اِن نَبِئ کي، بلڪل نه ڪندو بيمان، پڻ سَندسِ تِن ساٿين کي، آندو جن اِيمان، ڊوڙي اڳيان اُنهن جي، سَندنِ نُور نِشان، پڻ چِمڪي مَنجھ چوگان، سَندنِ ساڄن سوجھرو. دُعا گُهرن ڌَڻِئَ کان، ته سانيَمِ!، رَبَّ، سَتار، ڪَر اَسان جي نُور کي، پُورو پالڻهار، پڻ عيب گُناھ اسان جا، بَخشِين بَخشڻهار، آهِيين تون اِظهار، هَلندِئَ وارو هَر شئ مَٿي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9) |
ڪُوڙن ڪافِرن سان، اي نَبِي! جوٽ جنگ، ٻِئو پڻ ٻِچاپڻن سان، جي روز رچائـِن رنگ، ڪامِل! مٿنِ ڪَٺور ٿِي، نَرمِي جو نه پَوَندُنِ ننگ، جَھَنَّمَ جاءِ اُنهن جِي، آڙاه ۾ اَڙٻَنڳ، تمام بڇڙو تنگ، ٿيو موٽڻ وارو ماڳ سو!. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10) |
جِن ڪُفر ڪيو تِن جو، مالِڪ ڏِنو مِثال، بِيبِي نُوح نبئَ جي، ٻِي بِيبِي لُوط لال، اَسان جي بَندن مان، ٻِن ڀَلن هيٺ بَحال، نارِيون هُيون نِڪاح ۾، صُحت اَندر سال، پوءِ چَليون اُن چَڱن سان، چِيچَپائـِي جِي چال، پوءِ ڪُجھ نه ڇڏايونِ قادِر کان، جي ايڏا ڪاند ڪمال، پَروَر پاران اُنهن کي، وِيو فرمايو فِى الحال، گِھڙو گِھڙندڙن نال، ٻَئـِي ٻَرندڙ باھِ ۾. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11) |
۽ جِن مَڃيو، مِثال تِن لئ، پيش ڪيو پَروَر، بِيبِي ڀَلي فِرعون جي، دانهو ڏَڻِئ دَر، جَلد جَنت ۾ جوڙ تون، مولا! تنهنجو گَھر، فِرعون ۽ سَندسِ فِعلن، مون کي آگا! آجو ڪر، ۽ هِن ڏاڍان کان ڏاتر!، مُون نِماڻئَ نَجات ڏي |
وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12) |
پڻ مَريم ڌِي عِمران جِنهن ثابِت پَنهنجو سِيل رکيو، پوءِ پَنهنجي رُوح مان، جنهن ۾ ڦوڪيو سون جان، ۽ سَچا ڪيائـِين سائـِينءَ جا، فرمودا فرمان، پڻ سَچا ڪيا، سَڀئـِي صَحِيفا سُبحان، ۽ مَريم وَڏي مان، هُئـِي نيڪن نِمازِيَن مان. |