يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1) |
اي نبيﷺ! جنهن شيءِ کي الله تولاءِ حلال ڪيو آهي سا تون ڇو (پاڻ تي) حرام ڪرين ٿو؟ تون پنهنجن زالن جي رضامندي گهرين ٿو. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
بيشڪ الله اوهانجن قسمن جو کولڻ درست ڪيو آهي. ۽ الله اوهان جو مالڪ آهي ۽ اهوئي علم وارو حڪمت وارو آهي. |
وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3) |
۽ (ياد ڪر ته) جڏهن نبي پنهنجن زالن مان ڪنهن زال کي ڪا ڳجهي ڳالهه چئي پوءِ جڏهن ان (بيبيءَ) اها (ڳجهي ڳالهه ٻي بيبيءَ کي) ٻڌائي ۽ الله نبي کي ان جي خبر ڏني ته پاڻ ڪجهه ڳالهه بيان ڪيائون ۽ ڪجهه ڳالهه بيان ڪرڻ کان منهن موڙيائون پوءِ جڏهن ان (بيبيءَ) کي ڳجهي ڳالهه جي (پڌري ڪرڻ) جي خبر ڏنائون ته ان چيو ته توکي هيءَ ڳالهه ڪنهن ٻڌائي آهي؟ پاڻ چيائون ته مون کي پوري ڄاڻڻ واري پوري خبر رکڻ واري (الله) ٻڌائي آهي |
إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4) |
(اي پيغمبر جون ٻئي بيبيون !) جيڪڏهن اوهين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ڇو ته اوهان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آهن (ته اوهان لاءِ چڱو آهي) ۽ جيڪڏهن اوهين ٻئي پيغمبر جي برخلاف هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڪم ٺاهيندڙ آهي ۽ جبريل ۽ چڱا مسلمان ۽ ملائڪ هن کان پوءِ مددگار آهن. |
عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5) |
اُميد آهي ته پيغمبرﷺ جيڪڏهن اوهان کي طلاق ڏيندو ته سندس پاليندڙ ان کي بدلي ۾ اهڙيون زالون ڏيندو جيڪي اوهان کان گهڻيون چٽيون، اسلام واريون، ايمان واريون، تابعدار، توبه ڪرڻ واريون، عبادت ڪرڻ واريون، روزا رکڻ واريون، رَنڙون ۽ ڪنواريون هونديون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پهڻ آهن، ان تي سخت طبيعت (۽) طاقت وارا ملائڪ (مقرر) آهن جنهن جو کين الله حڪم ڪيو آهي تنهن ۾ سندس نافرماني نه ٿا ڪن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ جنهن جو کين حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا (ان ڏينهن ڪافرن کي چونداسون ته) اي ڪافرو! اڄ بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين ڪندا هئا رڳو تنهن جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8) |
اي ايمان وارؤ! اوهين الله وٽ سچي توبه ڪريو! اميد آهي ته اوهان جو پاليندڙ اوهان کان اوها ن جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن (ان ڏينهن) جنهن ڏينهن الله نبيﷺ کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي خوار نه ڪندو. سندن (ايمان جو) نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو. هو پيا چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي پنهنجو نور پورو ڪري ڏي ۽ اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهين. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9) |
اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جنگ ڪر ۽ انهن تي سختي ڪر ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي، ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10) |
الله ڪافرن لاءِ نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي اسانجن ٻانهن مان ٻن چڳن ٻانهن جي گهر ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهي زالن سندن خيانت ڪئي پوءِ اهي ٻئي (پيغمبر سڳورا) الله جي مقابلي ۾ انهن ٻنهي زالن کي ڪجهه به ڪم نه آيا ۽ چيو ويو ته اهي ٻئي زالون باهه ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏ داخل ٿيو ۽ |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11) |
الله ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. جڏهن ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪ گهر بناءِ! ۽ مون کي فرعون ۽ سندس ڪم کان بچاءِ! |
وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12) |
۽ ظالم قوم کان به مون کي بچاءِ! ۽ عمران جي ڌيءَ مريم جو به (مثال بيان ڪيو آهي) جنهن پنهنجي اوگهڙ کي (سڀني مردن کان) بچايو، پوءِ اسان ان (جي رحم) ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو. ۽ ان پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين ۽ سندس ڪتابن کي سچو مڃيو ۽ پاڻ تابعدارن مان هئي. |