يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1) |
اي نبي تون ڇو ان شيءِ کي حرام ڪرين ٿو؟ جا الله تو لاءِ حلال ڪئي آهي، تون پنهنجي گهر واريُن جي مرضي چاهين ٿو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
بيشڪ الله توهان جي لاءِ توهان جي قسمن جي پائبندي مان نڪرڻ جو طريقو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ الله اوهان جو ڪارساز آهي ۽ اهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3) |
۽ جڏهن نبي پنهنجي هڪ گهر وارِيءَ سان راز جي ڳالهه ڪئي، پوءِ جڏهن اُها ان جو ذڪر (ڪنهن ٻئي سان) ڪري ويٺي ۽ الله نبي تي اها (راز کُلڻَ جي) ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏي ته نبي ڪجهه ڳالهه (ان گھرواريءَ سان) بيان ڪيائين ۽ ڪجهه ڳالهه ڪرڻ کان منهن موڙيائين پوءِ جڏهن ان (گهر واريءَ) کي ڳجهي ڳالهه جي (پڌري ڪري ويهڻ) جي خبر ڏنائين ته ان چيو ته تو کي هيءَ ڳالهه ڪنهن ٻڌائي؟ نبي فرمايو ته: ”مون کي علم واري خبر رکڻ واري (الله) ٻڌائي آهي“. |
إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4) |
جيڪڏهن اوهان ٻئي الله اڳيان توبه ڪيو (ته بهتر آهي) ڇو جو توهان ٻنهين جون دليون (هڪ ئي ڳالهه ڏانهن) جهُڪي ويون آهن ۽ اگر اوهان ٻئي ان ڳالهه تي هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون ته پوءِ بيشڪ الله ان جو مددگار آهي ۽ جبريل ۽ صالح ايمان وارا به ۽ ان کان پوءِ ملائڪ به (سندس) مددگار آهن. |
عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5) |
اگر اهو (نبي) توهان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته جلد سندس پالڻهار کيس توهان کان بهتر گهرواريون بدلي ۾ عطا ڪندو (جي) فرمانبردار، ايمان واريون، تابعداري ڪرڻ واريون، توبه ڪرڻ واريون، عبادتگذار، روزن رکڻ واريون بيوه ۽ ڪنواريون هونديون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجي گهرڀاتين کي ان باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن، ان تي سخت طبيعت طاقتور ملائڪ (مقرر) آهن، جيڪي الله جي نا فرماني نه ٿا ڪن ان ۾ جيڪي به انهن کي امر ڪري ٿو ۽ ائين ئي ڪن ٿا جيئن کين حڪم ڏنو وڃي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7) |
(چيو ويندو) اي ڪافرو! اڄ بهانا پيش نه ڪيو. توهان کي فقط ان جو ئي بدلو ڏنو ويندو جيڪي توهان عمل ڪندا هئا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8) |
اي ايمان وارؤ! توهان الله ڏانهن توبه ڪيو سچي ۽ خالص توبه. پڪ آهي ته توهان جو پالڻهار توهان کان توهان جون خطائون ميٽي ڇڏيندو ۽ توهان کي بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون جنهن ڏينهن الله نبي کي ۽ انهن ايمان وارن کي جيڪي ساڻس گڏ آهن تن کي شرمندهه نه ڪندو. سندن نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو ۽ اُهي عرض پيا ڪندا: ”اي اسان جا پالڻهار اسان جي لاءِ اسان جي نور کي مڪمل ڪر ۽ اسان کي بخش ڪر، بيشڪ تون هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهين. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9) |
اي نبي ! جهاد ڪر ڪافرن ۽ منافقن سان ۽ انهن تي سختي ڪر. ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي. ۽ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10) |
الله مثال ڏنو آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ڪفر ڪيو نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو. اُهي ٻئي اسان جي ٻانهن مان ٻن صالح ٻانهن جي گهرن ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهين انهن سان خيانت ڪئي، پوءِ اُهي الله جي (عذاب) اڳيان انهن جي ڪنهن ڪم نه آيا، ۽ انهن کي چيو ويو ته اوهان ٻئي زالون باهه ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏجي داخل ٿيو. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11) |
۽ الله ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. جڏهن ان چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار مون لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪ جاءِ جوڙاءِ ۽ مون کي فرعون ۽ ان جي ڪردار کان بچاءِ ۽ مون کي ظالم قوم کان نجات عطا ڪر“. |
وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12) |
۽ عمران جي ڌيءَ مريم (جو به مثال بيان ڪيو آهي) جنهن پنهنجي ناموس جي حفاظت ڪئي، پوءِ اسان پنهنجي طرفان ان ۾ پنهنجو روح ڦُوڪيو ۽ ان پنهنجي پالڻهار جي ڳالهين ۽ ان جي ڪتابن جي تصديق ڪئي ۽ اها تابعدارن مان هئي. |