يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1) |
اي نبي! جنهن شيء کي الله تو لاءِ حلال ڪيو آهي، سا تون ڇو (قسم ذريعي پاڻ تي) حرام ڪرين ٿو؟ (۽ اهو به ان لاءِ ته) تون پنهنجي زالن جي رضامندي گهرين ٿو، ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (جو تو کي تنبيهه ڪري ان جي خرابيءَ کان توکي بچائڻ گهري ٿو). |
قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
بيشڪ الله اوهان جي قسمن جو کولڻ درست ڪيو آهي ۽ الله اوهان جو مالڪ آهي (جنهن پنهنجي قانون ۾ هن ڳالهه جي گنجائش رکي آهي ته سهو ۽ خطا جو تدارڪ ٿئي) ۽ اهوئي علم وارو حڪمت وارو آهي. (جو انسان جي طبعي ڪمزورين کي ڄاڻي ٿو.) |
وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3) |
۽ (ياد ڪر ته) جڏهن نبي پنهنجي زالن مان ڪنهن زال کي ڪا ڳجهي ڳالهه چئي، پوءِ جڏهن ان (بي بيءَ) اها (ڳجهي ڳالهه ٻي بي بيءَ کي) ٻڌائي ۽ الله نبيءَ کي ان جي خبر ڏني ته پاڻ ڪجهه ڳالهه بيان ڪيائون ۽ ڪجهه ڳالهه بيان ڪرڻ کان منهن موڙيائون. پوءِ جڏهن (بي بيءَ) کي ڳجهي ڳالهه جي (پڌري ڪرڻ) جي خبر ڏنائون ته ان چيو ته، توکي هيءَ ڳالهه ڪنهن ٻڌائي آهي؟ پاڻ چيائون ته مون کي پوري ڄاڻڻ واري ۽ پوري خبر رکڻ واري (الله) ٻڌائي آهي. |
إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4) |
(اي پيغمبر جون ٻئي بيبيون! جيڪي هن راز ۾ شريڪ آهيو) جيڪڏهن اوهين ٻئي الله وٽ توبهه ڪنديون (ته سٺي ڳالهه آهي) ڇو ته اوهان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪڏهن اوهين ٻئي پيغمبر جي برخلاف هڪٻئي جي مدد ڪنديون (ته ياد رکو توهان ان جو ڪجهه بگاڙي نه سگهنديون، ڇاڪاڻ) ته بيشڪ الله سندس ڪم ٺاهيندڙ آهي ۽ جبريل ۽ چڱا مسلمان ۽ ملائڪ هن کان پوءِ (سندس) مددگار آهن. |
عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5) |
اميد آهي ته پيغمبر جيڪڏهن (مودت ۽ سڪون نه ڀانئي) اوهان کي طلاق ڏيندو ته سندس پاليندڙ ان کي بدلي ۾ اهڙيون زالون ڏيندو جيڪي اوهان کان گهڻيون چڱيون، اسلام واريون، ايمان واريون، تابعدار، توبهه ڪرڻ واريون، عبادت ڪرڻ واريون، روزا رکڻ واريون، (ڪي) رنڙون ۽ (ڪي) ڪنواريون هونديون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پهڻ آهن. ان تي سخت طبيعت (۽) طاقت وارا ملائڪ (مقرر) آهن جنهن جو کين الله حڪم ڪيو آهي، تنهن ۾ سندس نافرماني نٿا ڪن ۽ جنهن جو کين حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7) |
(ان ڏينهن ڪافرن کي چونداسون ته) اي ڪافرو! اڄ (عذاب کان بچڻ (لاءِ) بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين ڪندا هئا رڳو تن (عملن) جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8) |
اي ايمان وارؤ! (زندگيءَ جي ڪنهن مرحلي تي توهان جو قدم سهو سان غلط کڄي وڃي ته ان روش کان پاسو ڪيو ۽) اوهين الله وٽ سچي توبهه ڪريو! اميد آهي ته اوهان جو پالڻهار اوهان کان اوهان جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺيان واهه پيا وهن. (ان ڏينهن) جنهن ڏينهن الله نبي(ﷺ) کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي خوار نه ڪندو. سندن (ايمان جو) نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄي پاسن کان پيو ڊوڙندو. هو پيا چوندا ته، اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي پنهنجو نور پورو ڪري ڏي ۽ اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون سڀ ڪجهه ڪري سگهين ٿو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9) |
اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن (جي خلاف جدوجهد جاري رک ۽ انهن) سان جنگ ڪر ۽ انهن تي (سندن لچاين جي ڪري) سختي ڪر ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي، ۽ اها موٽي وڃڻ جي بڇڙي جاءِ آهي. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10) |
الله تعاليٰ (مڪافات جو قانون اٽل هئڻ جي سلسلي ۾) ڪافرن لاءِ نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي اسان جي ٻانهن مان چڱن ٻانهن جي گهر ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهي زالن سندن خيانت ڪئي. (يعني ايمان ۾ انهن جو ساٿ نه ڏنو) پوءِ اهي ٻئي (پيغمبر) الله جي (مڪافات واري قانون جي) مقابلي ۾ انهن ٻنهي زالن کي ڪجهه به ڪم نه آيا ۽ چيو ويو ته اوهين ٻئي زالون باهه ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏ داخل ٿيو. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11) |
۽ الله ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. جڏهن ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪ گهر بناءِ! ۽ مون کي فرعون ۽ سندس غلط ڪمن کان بچاءِ! ۽ ظالم قوم کان به مون کي بچاءِ! (جنهن هر قسم جي ظلم ۽ ڏاڍ) تي سندرو ٻڌو آهي.) |
وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12) |
۽ عمران جي ڌيءَ مريم جو به (مثال بيان ڪيو آهي). جنهن پنهنجي عصمت کي (سڀني مردن کان) بچايو، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو (پيدا ڪيل خاص) روح ڦوڪيو، ۽ ان پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين (جيڪي کيس ملائڪن جي ذريعي معلوم ٿينديون هيون) ۽ سندس ڪتابن کي سچو مڃيو ۽ پاڻ (خدا جي نهايت) تابعدارن مان هئي. |