يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1) |
اي رسول! جنهن شيءِ کي الله تولاءِ حلال ڪيو آهي، سا ڇو ٿو حرام ڪرين؟ پنهنجين زالن جو راضپو ٿو گهرين! ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
بيشڪ الله اوهان لاءِ اوهان جي قسمن جو ڀڃڻ درست ڪيو آهي، الله اوهان جو سائين آهي ۽ اهو ڄاڻيندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3) |
۽ جڏهن نبيءَ پنهنجين زالن مان ڪنهن سان ڳجهي ڳالهه ڪئي، پوءِ جڏهن اها ڳالهه ان ظاهر ڪئي ۽ الله نبيءَ کي ان ڳالهه کان واقف ڪيو، تڏهن هن ڪجهه ڳالهه ڄاڻائي ۽ ڪجهه نه ٻڌائي، پوءِ جڏهن (بيبيءَ کي) ان کان واقف ڪيائين، تڏهن ان چيو ته ”اهو توکي ڪنهن ڄاڻايو؟“ چيائين ته ”مون کي الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ ڄاڻايو. |
إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4) |
(اي نبيءَ جون زالون!) بيشڪ اوهان جون دليون ڪجهه ڦريل آهن، ان ڪري اوهان ٻنهي کي الله ڏي موٽڻ گهرجي، پر جيڪڏهن رسول تي ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون ته بيشڪ الله، جبريل ۽ صالح مؤمن سندس مددگار آهن- ۽ انهن کان پوءِملائڪ به مددگار آهن. |
عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5) |
جيڪڏهن رسول اوهان کي طلاق ڏيندو، ته اميد آهي ته سگهو ئي سندس ڌڻي ان کي بدلي ۾ اوهان کان چڱيون زالون ڏيندو؛ جي فرمانبردار، مؤمنياڻيون، نماز پڙهندڙ، توبهه ڪندڙ، عبادت ڪندڙ، روزا رکندڙ، رنڙون ۽ ڪنواريون هونديون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6) |
اي مومنو! پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي انهي باهه کان بچايو، جنهن جو ٻارڻ ماڻهوءِ پهڻ هوندا_ جنهن تي سخت مزاج ۽ زبردست ملائڪ مقرر آهن؛ جي الله جي حڪم جي ڪڏهن به نا فرماني نٿا ڪن، انهن کي جيڪو به حڪم ٿو ڪجي اهو پورو ٿا ڪن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7) |
اي ڪافرو! اڄ بهانو ۽ عذر پيش نه ڪريو- بيشڪ اوهين جيڪي ڪندا آهيو، ان جي ئي اوهان کي سزا ڏني ويندي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8) |
اي مؤمنو! سچيءَ دل سان الله ڏي موٽو_ اميد آهي، ته اوهان جو ڌڻي اوهان جو مدايون ميٽيندو ۽ اوهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن- ان ڏينهن الله نبيءَ کي ۽ ساڻس گڏ ايمان آڻيندڙن کي خوار نه ڪندو- سندن نور انهن جي اڳيان ۽ سڄن پاسن ۾ پيو ڊوڙندو، چوندا ته ”اي اسان جا ڌڻي! اسان لاءِ اسان جو نور ڪامل ڪر ۽ اسان کي بخش ڪر، بيشڪ تون سڀ ڪنهن ڳالهه جي طاقت رکندڙ آهين!“ |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9) |
اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان لڙائي ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، انهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اهو هنڌ بڇڙو آهي. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10) |
الله نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو هڪ مثال ڪافرن لاءِ بيان ٿو ڪري_ جي اسان جي ٻن نيڪ ٻانهن جي نڪاح ۾ هيون، پوءِ ساڻن خيانت ڪيائون، تڏهن هو پاڻ به انهن تان الله جو عذاب ڪجهه به ٽاري نه سگهيا- ۽ (زالن کي) چئبو، ”باهه ۾ گهڙندڙن سان گڏ گهڙو.“ |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11) |
۽ الله مؤمنن لاءِ مثال بيان ٿو ڪري، فرعون جي زال جو، جڏهن چيائين ته ”اي منهنجا ڌڻي! مون لاءِ پاڻ وٽ بهشت ۾ ڪو گهر ٺاهه ۽ فرعون ۽ ان جي ڪرتوت کان مون کي بچاءِ! ۽ ظالمن جي جماعت کان به مونکي بچاءِ. |
وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12) |
۽ عمران جي ڌيءَ مريم جو، جنهن پنهنجي شرم گاهه کي پاڪ رکيو، پوءِ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيوسون ۽ پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم ۽ ڪتابن کي سچو ڄاتو هئائين ۽ هوءَ فرمانبردار هئي. |