يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1) |
اي نبي (ﷺ!) توهان (پنهنجو پاڻ تي) اُن شيءِ کي ڇو ٿا حرام ڪريو جنھن کي الله تعالى توهان جي لاءِ حلال ڪيو آهي؟ (ڇا) توهان پنھنجي گهر وارين کي خوش رکڻ چاهيو ٿا؟ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
الله تعالى توهان جي لاءِ قَسمن کي ٽوڙڻ جو طريقو مقرر ڪيو آهي. الله تعالى ئي توهان جو مالڪ آهي. ۽ هُو وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3) |
۽ جڏهن نبي (ﷺ) پنھنجي گهر وارين مان ڪنھن هڪڙي بي بي کي راز جي ڪا ڳالهه ٻڌائي پر اُن گهر واري اهو راز (ٻي بي بيءَ کي) ٻڌائي ڇڏيو ته الله تعالى نبي (ﷺ) کي ان راز جي ظاهر ٿيڻ جي پوري خبر ڏني. پوءِ نبي (ﷺ) ان بي بيءَ کي پوري ڳالهه مان ڪجهه ٻڌايو ۽ ڪجهه ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو. پوءِ جڏهن (نبي ﷺ) ان بي بيءَ کي ڳالهه ظاهر ڪرڻ جو ٻڌايو ته ان (نبي ﷺ) کي چيو ته (سائين!) توهان کي اها ڳالهه ڪنھن ٻڌائي؟ نبي (ﷺ) چيو ته مون کي اها ڳالهه وڏي علم واري ۽ وڏي خبر رکڻ واري (الله تعالى) ٻڌائي آهي. |
إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4) |
(اي نبي ﷺ جون بيبيون!) جيڪڏهن توهان ٻئي الله تعالى جي اڳيان توبہ ڪنديون (ته اهو توهان لاءِ بھتر آهي) ڇوته توهان جون دليون (حق ڳالهه کان) هٽي ويون آهن. پر جيڪڏهن توهان پنھنجي (ساڳي ئي رويي ۽) ڳالهه تي اٽل بيهنديون ته بيشڪ الله تعالى اُن (نبي سڳوري) جو سرپرست آهي ۽ جبرائيل ($) ۽ نيڪ مؤمن ۽ سڀ ملائڪ به ان جا مددگار آهن. |
عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5) |
جيڪڏهن هو توهان کي طلاق ڏيئي ڇڏي ته سندس پالڻھار سگهو ئي توهان جي بدلي ۾ کيس توهان کان بھتر گهر واريون ڏيندو، جيڪي مسلمان، پڪي ايمان واريون، فرمانبردار، توبہ ڪرڻ واريون، عبادت گذار، روزو رکندڙ، رَنڙ ۽ ڪنواريون (ٻنهي قسمن جون) هونديون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجو پاڻ ۽ پنھنجي گهر ڀاتين کي ان باهه کان بچايو جنھن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر هوندا. ان جي مٿان اهڙا ملائڪ مقرر آهن جيڪي سخت طبيعت وارا ۽ طاقت ور آهن. ۽ الله تعالى جي حڪم جي خلاف ورزي نه ڪندا آهن. بلڪه اُهوئي (ڪم) ڪندا آهن جنھن جو کين حڪم ڏنو ويندو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7) |
(ان ڏينھن چيو ويندو ته) اي ڪافرو! اڄ بھانا نه ڳوليو. توهان جيڪو ڪجهه ڪندا هئا ان جو ئي توهان کي بدلو ڏنو وڃي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8) |
اي ايمان وارؤ! توهان الله تعالى جي اڳيان سچي دل سان توبه ڪريو، اميد آهي ته توهان جو پالڻھار توهان جي براين کي مٽائي ڇڏيندو ۽ توهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون. ان ڏينھن الله تعالى، نبي (ﷺ) ۽ جن ماڻهن ان سان گڏ ايمان آندو آهي تن کي خوار نه ڪندو. انهن جو نور سندن اڳيان ۽ ساڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو ۽ انهن جي (زبان تي) دُعا هوندي ته: اي اسان جا پالڻھار! اسان جي نور کي اسان جي لاءِ مڪمل فرماءِ ۽ اسان جي گناهن کي بخش ڪر. بيشڪ تون هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهين. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9) |
اي نبي (ﷺ!) ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد ڪندو رهه ۽ انهن سان سختيءَ سان پيش اَچ. اُنهن جي جاءِ جھنم آهي ۽ (اهو) برو ٺڪاڻو آهي. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10) |
الله تعالى ڪافرن جي لاءِ نوح ۽ لوط (ؐ) جي گهر وارين جو مثال پيش ڪري ٿو. هو ٻَئي اسان جي ٻن نيڪ ٻانهن جي نڪاح هيٺ هيون پر انهن ٻنهي (ديني معاملات ۾) انهن سان خيانت ڪئي. پوءِ الله تعالى جي مقابلي ۾ هي (ٻئي پيغمبر) اُنهن گهر وارين کي ڪو فائدو نه ڏئي سگهيا ۽ (اُنهن عورتن کي چيو ويو ته) جھنم ۾ داخل ٿيندڙن سان گڏ توهان به داخل ٿي وڃو. |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11) |
۽ الله تعالى مؤمنن جي لاءِ (وري) فرعون جي گهر واريءَ جو مثال پيش ڪري ٿو. جڏهن هُن چيو ته: منھنجا پالڻھار! منھنجي لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪ گهر ٺاهه، مون کي فرعون ۽ سندس ڪرتوتن کان بچاءِ ۽ مون کي ظالم قوم کان نجات عطا فرماءِ. |
وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12) |
۽ (الله تعالى) عمران جي ڌيءُ مريم (ؒ جو به مثال پيش ڪري ٿو) جنھن پنھنجي شرمگاهه جي حفاظت ڪئي پوءِ اسان ان جي (رحم جي) اندر پنھنجي طرفان هڪ روح ڦوڪيو ۽ هُن پنھنجي پالڻھار جي حڪمن ۽ سندس ڪتابن کي سچو مڃيو ۽ هوءَ فرمانبردارن مان هئي. |