يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1) |
اي نبي! تون ڇو ان شيءِ کي حرام ڪرين ٿو جنهن کي الله حلال ڪيو آهي تنهنجي لاءِ؟ (ڇا ان ڪري جو) چاهين ٿو مرضي پنهنجي زالن جي؟ ۽ الله معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
بيشڪ فرض ڪيو آهي الله توهان جي لاءِ حلال ڪيو (پابندي قسمن جي مان نڪرڻ جو طريقو)، ۽ الله توهان جو سائين آهي، ۽ اهو ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3) |
(۽ هيءَ ڳالهه به اهم آهي جو) جڏهن ڳجهه ۾ نبي پنهنجي ڪنهن گهر واريءَ کي ڪا ڳالهه چئي هئي، پوءِ جڏهن اها ڳجهي ڳالهه ان ظاهر ڪئي (ڪنهن ٻيءَ تي ته) الله واقف ڪيو (پنهنجي نبي کي) ته نبي پنهنجي گهر واريءَ کي ڪجهه ٻڌايو ۽ ڪجهه ٻڌائڻ کان روڪيو، پوءِ جڏهن نبي (ان راز کولڻ کان) واقف ڪيو، ته ان پڇيو، توکي ڪنهن خبر ڏني ان جي؟ نبيءَ چيو: مون کي ته ان خبر ڏني آهي جيڪو ڄاڻندڙ ۽ باخبر آهي |
إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4) |
جي توهان ٻئي توبهه ڪريو الله کان (ته اهو بهتر آهي) ڇوته سڌي راهه کان هٽيل آهن توهان جون دليون، ۽ جي (نبيءَ جي مقابلي ۾) ٽولو ٺاهيو (ڏاڍ لاءِ) ته ڄاڻي وٺو الله سندس سائين ۽ جبريل ۽ سڀ صالح بندا ايمان وارا ۽ سڀ ۽ ملائڪ ان جا ساٿي مددگار آهن |
عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5) |
ويجهو آهي سندس رب، جي پيغمبر طلاق ڏئي ڇڏي سڀني زالن کي ته اميد ته سندس پالڻهار (کيس اهڙيون زالون ڏئي جيڪي) توهان کان سٺيون، سچيون، مسلمان ايمان واريون، تابعدار توبهه ڪندڙ، عبادت ڪندڙ، روزي دار توڙي رنڙ هجن يا ڪنواريون |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! بچايو پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل ۽ عيال کي ان باهه کان، ۽ جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر ٿيندا، جن تي هوندا مقرر ملائڪ نهايت تکي طبيعت وارا، جيڪي نٿا ڪن نافرماني الله جي جيڪو حڪم کين ڏنو وڃي ٿو اهو (بلڪل) پورو ڪن ٿا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7) |
(ان وقت چيو ويندن ته) اي ڪافرؤ! نه پيش ڪريو عذر ۽ بهانا اڄ، بيشڪ توهان کي اهڙو ئي بدلو ڏنو پيو وڃي جهڙا توهان عمل ڪيا هئا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، توبهه ڪريو الله وٽ توبهه سچي، اميد ته توهان جو رب پري ڪندو توهان جون برايون توهان کان ۽ داخل ڪندو توهان کي اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون. ان ڏينهن خوار نه ڪندو الله پنهنجي نبي کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو آهي، انهن جو نور ڊوڙي رهيو هوندو سندن اڳيان ساڄي پاسي، چئي رهيا هوندا ته اي اسان جا رب، مڪمل ڪر اسان جي لاءِ اسان جو نور ۽ معاف ڪر اسان کي، بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9) |
اي نبي! جهاد ڪر ڪافرن ۽ منافقن سان ۽ سختيءَ سان پيش اچ انهن سان، ۽ ٺڪاڻو انهن جو دوزخ آهي، ۽ اها بڇڙي آهي موٽڻ جي جاءِ |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10) |
بيان ڪري ٿو الله مثال انهن ماڻهن جو جن ڪفر ڪيو زال نوح ۽ زال لوط جي، اهي هيون هيٺان ٻن ٻانهن جي جيڪي نيڪ هئا، پوءِ انهن خيانت ڪئي پنهنجي مڙسن سان، پوءِ نه بچايو انهن ٻنهي کي الله کان ڪنهن به شيءِ، ۽ چيو ويو انهن کي داخل ٿي وڃو باهه ۾ ٻين داخل ٿيڻ وارن سان |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11) |
۽ ڏئي ٿو الله مثال ايمان وارن جي معاملي ۾ زال فرعون جي، جڏهن هن دعا ڪئي، منهنجا پالڻهار! منهنجي لاءِ پاڻ وٽ هڪ گهر ٺاهه جنت ۾ ۽ مون کي بچاءِ فرعون کان ۽ سندس عملن کان ۽ بچاءِ مون کي قوم ظالم کان |
وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12) |
۽ مريم ڌيءُ عمران جو مثال ڏئي ٿو، جنهن حفاظت ڪئي هئي پنهنجي شرمگاهه جي، پوءِ اسان ڦوڪيو ان ۾ روح پنهنجو ۽ هن تصديق ڪئي هئي پنهنجي رب جي ڪلمات جي ۽ سندس ڪتابن جي ۽ اها هئي اطاعت ڪندڙ ماڻهن مان |