يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَطَلِّقوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحصُوا العِدَّةَ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُم لا تُخرِجوهُنَّ مِن بُيوتِهِنَّ وَلا يَخرُجنَ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ لا تَدرى لَعَلَّ اللَّهَ يُحدِثُ بَعدَ ذٰلِكَ أَمرًا (آيت : 1) |
اي نبي! جڏهن توهان عورتن کي طلاق ڏيو ته سندن عدت لاءِ طلاق ڏيندا ڪريو ۽ عدت جو پورو پورو حساب لڳايو ۽ الله کان ڊڄو! جيڪو توهان جو رب آهي، ۽ عدت جي زماني ۾ نڪي توهان کين سندن گهرن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ نه وري هو پاڻ به نڪري وڃن، سواءِ ان جي جو هو ڪنهن پڌري بي حيائيءَ جون ڏوهاري بنجن. اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن ۽ جيڪو به الله جون حدون اورانگهيندو سو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندو. تون نٿو ڄاڻين، ٿي سگهي ٿو ته ان کانپوءِ الله (ٺاهه جي) ڪا نئين صورت پيدا ڪري وجهي |
فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو فارِقوهُنَّ بِمَعروفٍ وَأَشهِدوا ذَوَى عَدلٍ مِنكُم وَأَقيمُوا الشَّهٰدَةَ لِلَّهِ ذٰلِكُم يوعَظُ بِهِ مَن كانَ يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مَخرَجًا (آيت : 2) |
پوءِ جڏهن اهي پنهنجي (عدت جي) مدي جي دنگ تي پهچڻ لڳن ته پوءِ يا ته کين ڀلي نموني (پنهنجي نڪاح ۾) جهلي ڇڏيو يا وري ڀلي طريقي سان کانئن الڳ ٿي وڃو ۽ ٻن اهڙن ماڻهن کي شاهد ڪريو، جيڪي توهان مان انصاف وارا هجن ۽ (اي شاهد ٿيڻ وارؤ) الله لڳ شاهدي ڏيو بلڪل سنئين سڌي. اهي ئي اهي ڳالهيون اٿوَ، جن جي توهان کي نصيحت ڪئي ٿي وڃي، هر اُن شخص کي جنهن جو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آهي. جيڪو الله کان ڊڄي هلندو ته الله ان لاءِ (ڏکيائين مان) نڪرڻ جو ڪونه ڪو رستو ڪڍندو |
وَيَرزُقهُ مِن حَيثُ لا يَحتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسبُهُ إِنَّ اللَّهَ بٰلِغُ أَمرِهِ قَد جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيءٍ قَدرًا (آيت : 3) |
۽ کيس اتان رزق ڏيندو، جتان سندس گمان به نه ويندو هوندو. جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو ان لاءِ اهو ڪافي آهي، الله پنهنجو ڪم پورو ڪري رهندو آهي، الله هر شيءِ لاءِ هڪ تقدير (اندازو) مقرر ڪري ڇڏي آهي |
وَالّٰـٔى يَئِسنَ مِنَ المَحيضِ مِن نِسائِكُم إِنِ ارتَبتُم فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ أَشهُرٍ وَالّٰـٔى لَم يَحِضنَ وَأُولٰتُ الأَحمالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعنَ حَملَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مِن أَمرِهِ يُسرًا (آيت : 4) |
۽ توهان جي عورتن مان جيڪي حيض (ماهواري) اچڻ کان آسرو لاهي ويٺيون هجن، انهن جي باري ۾ توهان کي ڪو شڪ هجي ته (معلوم هجيوَ ته) انهن جي عدت ٽي مهينا آهي ۽ اهوئي حڪم انهن بابت پڻ آهي، جن کي اڃان حيض (ماهواري) نه آيو هجي (انهن جي عدت به ٽي مهينا آهي) ۽ ڳؤرهارين عورتن جي عدت جي حد اها آهي ته سندن ويم ٿي وڃي. جيڪو الله کان ڊڄي ته سندس معاملي ۾ هو آساني پيدا ڪري ڇڏيندو آهي |
ذٰلِكَ أَمرُ اللَّهِ أَنزَلَهُ إِلَيكُم وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُعظِم لَهُ أَجرًا (آيت : 5) |
اهو الله جو حڪم آهي، جيڪو هن توهان ڏانهن نازل ڪيو آهي. جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله سندس خطائون کانئس مٽائي ڇڏيندو ۽ کيس وڏو اجر ڏيندو |
أَسكِنوهُنَّ مِن حَيثُ سَكَنتُم مِن وُجدِكُم وَلا تُضارّوهُنَّ لِتُضَيِّقوا عَلَيهِنَّ وَإِن كُنَّ أُولٰتِ حَملٍ فَأَنفِقوا عَلَيهِنَّ حَتّىٰ يَضَعنَ حَملَهُنَّ فَإِن أَرضَعنَ لَكُم فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ وَأتَمِروا بَينَكُم بِمَعروفٍ وَإِن تَعاسَرتُم فَسَتُرضِعُ لَهُ أُخرىٰ (آيت : 6) |
کين (عدت جي زماني ۾) انهيءَ هنڌ ئي رکو جتي توهان پاڻ رهو ٿا، پنهنجيءَ حيثيت سارو جهڙي به هجيوَ ۽ تنگ ڪرڻ خاطر کين نه ستايو ۽ جيڪڏهن اهي پيٽ (حمل) سان هجن ته مٿن خرچ ڪندا رهو، تانجو پير لهن (ٻار ڄڻين). پوءِ جيڪڏهن هو توهان جي خاطر (ٻار کي) ٿـڃ پيارن ته کين سندن اجورو ڏيو ۽ (اجوري وارو معاملو) ڀلي نموني پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه وسيلي نبيريو، پر جيڪڏهن توهان (اجورو مقرر ڪرڻ ۾) هڪ ٻئي کي تنگ ڪيو ته ٻار کي سندس پيءُ پاران ڪا ٻي عورت ٿـڃ پياريندي |
لِيُنفِق ذو سَعَةٍ مِن سَعَتِهِ وَمَن قُدِرَ عَلَيهِ رِزقُهُ فَليُنفِق مِمّا ءاتىٰهُ اللَّهُ لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا ما ءاتىٰها سَيَجعَلُ اللَّهُ بَعدَ عُسرٍ يُسرًا (آيت : 7) |
آسودو ماڻهو پنهنجي وسعت آهر خرچ ڀري ۽ جنهن کي رزق گهٽ ڏنو ويو هجي، سو انهيءَ مال مان خرچ ڀري جيڪو الله ڏنو اٿس. الله جنهن کي جيترو ڏنو آهي ان کان وڌيڪ جو کيس ذميوار نه ٺهرائيندو آهي، پري ناهي جو الله ڏکيائيءَ کان پوءِ ســُـکيائي عطا ڪري ڇڏي |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ عَتَت عَن أَمرِ رَبِّها وَرُسُلِهِ فَحاسَبنٰها حِسابًا شَديدًا وَعَذَّبنٰها عَذابًا نُكرًا (آيت : 8) |
ڪيتريون ئي آباديون آهن، جن پنهنجي رب ۽ سندس رسولن جي حڪمن جي نافرماني ڪئي ته پوءِ اسان کانئن ڏاڍو سخت حساب ورتو ۽ کين سزا ڏني، ڏاڍي بڇڙي سزا |
فَذاقَت وَبالَ أَمرِها وَكانَ عٰقِبَةُ أَمرِها خُسرًا (آيت : 9) |
انهن پنهنجي ڪئي جو مزو چکيو ۽ سندن پڇاڙي ٽوٽي واري آهي |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ الَّذينَ ءامَنوا قَد أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكُم ذِكرًا (آيت : 10) |
الله (آخرت ۾) انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. سو الله کان ڊڄو اي عقل وارؤ! جن ايمان آندو آهي. الله توهان ڏانهن هڪ نصيحت نازل ڪري ڇڏي آهي |
رَسولًا يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِ اللَّهِ مُبَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا قَد أَحسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزقًا (آيت : 11) |
هڪڙو اهڙو رسول جيڪو توهان کي الله جون چٽيون هدايت ڏيندڙ آيتون ٻڌائي ٿو، تانته ايمان آڻڻ وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي. جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو، تنهن کي الله اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهيون وهنديون، اهي انهن ۾ سدائين رهندا. الله اهڙي شخص لاءِ تمام ڀلو رزق رکيو آهي |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَمِنَ الأَرضِ مِثلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الأَمرُ بَينَهُنَّ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَد أَحاطَ بِكُلِّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 12) |
الله اهو آهي، جنهن ست آسمان بنايا ۽ زمين جي قسم مان به انهن وانگر. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندو رهي ٿو (اهو ان لاءِ ٿو ٻڌايو وڃيوَ) تانته توهان ڄاڻي ڇڏيو ته الله هر شيءِ تي قادر آهي ۽ اهو به ته الله جو علم هر شيءِ تي ڇانيل آهي |