يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَطَلِّقوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحصُوا العِدَّةَ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُم لا تُخرِجوهُنَّ مِن بُيوتِهِنَّ وَلا يَخرُجنَ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ لا تَدرى لَعَلَّ اللَّهَ يُحدِثُ بَعدَ ذٰلِكَ أَمرًا (آيت : 1) |
اي نَبِي نيڪ نظر!، جڏهن جوينِ کي ڇَڏيو، ته ڇَڏيو عِدت لئي اُنهن کي، جا مُدت مقرّر، پڻ سارِيو سَر بَسر، سَندا ڏُهاڳ ڏِينهڙا. ۽ ڪَنبو ڀَر قهار، پَنهنجي پالڻهار کان، نه ڪَڍونِ سَندنِ گَھرن مان، ۽ نه نِڪرن پاڻ ٻَهار، تان اَڀرائـِي اِظهار، آڻِينِ ڪا عَمل ۾. ۽ آهِن اُهي اَلله جون، حَدون حِڪمت ساڻ، ۽ هادِي جي حَدن کان، جو اُڪرندو اَڄاڻ، پوءِ پَنهنجي جِئَ سان پاڻ، تنهِن ظاهِر ظُلم ضرور ڪيو. تون پروڙِين ڪِين ٿو، ته صاحب سُرت سُڄاڻ، پيدا ڪري پاڻ، ڪو نيڪ نَتِيجو تِنهن پُٺيان. |
فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو فارِقوهُنَّ بِمَعروفٍ وَأَشهِدوا ذَوَى عَدلٍ مِنكُم وَأَقيمُوا الشَّهٰدَةَ لِلَّهِ ذٰلِكُم يوعَظُ بِهِ مَن كانَ يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مَخرَجًا (آيت : 2) |
۽ سَندنِ مُدت عِدت کي، جڏهن پُهتيون پاڻ، پوءِ روڪيونِ رِيت ساڻ، يا ڇَڏيونِ چَڱِئَ چال سان. ۽ چڱا ٻه شاهد پاڻ مان، بِيهاريو بَرپاء، ۽ ڏِيو ڏاتر لاءِ، سَچِي سَنواٽِي شاهِدِي. اِهو اُن اِنسان کي، سَبق ڏئي سُبحان، آندو جِنهن اِيمان، اَلله ۽ آخِر ڏِينهن تي. ۽ جيڪو ڊِڄي جَبّار، کان، تِنهن لئي پَٽي پاڻ ڳَرِي، |
وَيَرزُقهُ مِن حَيثُ لا يَحتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسبُهُ إِنَّ اللَّهَ بٰلِغُ أَمرِهِ قَد جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيءٍ قَدرًا (آيت : 3) |
۽ وَرسائـِيسِ وَرِي، جِنهن ڀِيڻيان ڀانئي ڪِين ڪِي. ۽ اُهو بَس اُن لئي، جِنهن رکيو رَبَّ تي بار، پهچندڙ آهي پَڪ سان، پَنهنجي ڪَمن کي ڪَلتار، مُقرّر مِقدار، ڪيو هادِئَ هَر ڪِنهن ٽول جو. |
وَالّٰـٔى يَئِسنَ مِنَ المَحيضِ مِن نِسائِكُم إِنِ ارتَبتُم فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ أَشهُرٍ وَالّٰـٔى لَم يَحِضنَ وَأُولٰتُ الأَحمالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعنَ حَملَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مِن أَمرِهِ يُسرًا (آيت : 4) |
نارِيون اَهنجون نِراس ٿيون، جي حَيض کان هيڪر، جي گَڏيا اَوهِين گُمان ۾، کُڻ جي نَه پوي خَبر، پوءِ آهي عِدّت اُنهن جِي، ٽي مَهِينامُقرّر، پڻ نَنڍِيون سي نِينگر، جي اَڃا نه گنديَنِ گَڏيون. ۽ اُميد واريون عورتون، عِدت اُنهن هارِ، تان ڄَڻِين ٻايون ٻار، ڪَن هَلڪا پير حَمل کان. ۽ جو ڌاري ڊَپ ڌڻي جو، ۽ ڏَري ڀَر ڏاتار، اُنهِئَ جا ڪَم ڪار،، صاحِب سَڀ سَولا ڪري. |
ذٰلِكَ أَمرُ اللَّهِ أَنزَلَهُ إِلَيكُم وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُعظِم لَهُ أَجرًا (آيت : 5) |
آهي اَلله پاڪ جو، اِهو ئـِي اِرشاد، اَوهان تي اِمداد، ڪري اُتارئـِين اُن کي. ۽ جو ڏاتر ڀَر ڏري، ميٽي مَدايون اُن جون، ۽ ڪرم ساڻ ڪري، اَجر وَڏو اُن جو. |
أَسكِنوهُنَّ مِن حَيثُ سَكَنتُم مِن وُجدِكُم وَلا تُضارّوهُنَّ لِتُضَيِّقوا عَلَيهِنَّ وَإِن كُنَّ أُولٰتِ حَملٍ فَأَنفِقوا عَلَيهِنَّ حَتّىٰ يَضَعنَ حَملَهُنَّ فَإِن أَرضَعنَ لَكُم فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ وَأتَمِروا بَينَكُم بِمَعروفٍ وَإِن تَعاسَرتُم فَسَتُرضِعُ لَهُ أُخرىٰ (آيت : 6) |
پُهچ پَٽاندر پانهنجي، جِتي رَهو، ته راهِيونِ، نَه سَتايو، نه ساهِيونِ، تان تنگ ڪريو تِن کي. ۽ جي هُجن حَمل واريون، ته کڻونِ خَرچ جو بار، تان ڄَڻِين ٻار، ڪن هَلڪا پير حمل کان. اوهان جي اولاد کي، جي ڏِين خُوشِئَ مان کِير، پوءِ اُن کي پورهيو پَنهنجو، سارِي ڏِيو سُڌير!، وَهِي وَٽ مُوجِب وِير!، هَلو هِڪ ٻئي جي حال تي. ۽ جي ڏُکياپَئو پاڻ کي، ته سانڍيسِ ٻي سُتت، |
لِيُنفِق ذو سَعَةٍ مِن سَعَتِهِ وَمَن قُدِرَ عَلَيهِ رِزقُهُ فَليُنفِق مِمّا ءاتىٰهُ اللَّهُ لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا ما ءاتىٰها سَيَجعَلُ اللَّهُ بَعدَ عُسرٍ يُسرًا (آيت : 7) |
جِنهن کي پُورِي آھ پُڄت، ڏِئي پُهچ پَٽاندر پانهنجي. ۽ توڙان ئـِي تنگ ٿِئـِي، سَندِي جِنهن سانجاڻ، پوءِ تِنهن مان پورهيو ڏِئي پاڻ ڏِنَسِ جيڪو ڏيہ ڌَڻِي. ڪِنهن کي ئـِي ڪَم نه چَوي، ڌَڻِي اِنهيان ڌار، ته هُجيسِ پَنهنجي پُهچ ۾، ڪرڻ وَٽان ڪار، جَلدِي ڪَندو جَبّار، ڏُکن پُٺيان سُکڙا. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ عَتَت عَن أَمرِ رَبِّها وَرُسُلِهِ فَحاسَبنٰها حِسابًا شَديدًا وَعَذَّبنٰها عَذابًا نُكرًا (آيت : 8) |
۽ ڪَئـِين ڳوٺ ڪيترا، وَڃي پِيا وَهلور، سَندنِ سائـِينءَ جي اَمر کان، پڻ سَندنِ نَبِيَّن نُور، پوءِ لاٿو ليکو اُنهن جو، ليڪو مُشڪل مُور، جي سُئل، نه ٻُڌل سُور، سي سَزا ڏِناسون اُنهن کي. |
فَذاقَت وَبالَ أَمرِها وَكانَ عٰقِبَةُ أَمرِها خُسرًا (آيت : 9) |
پوءِ چکيؤن پَنهنجي ڪَم جي، وَبال سَندو ويھ، ۽ ڇِيهو ٿِيو ڇيہ، اُنهن جي اَعمالن جو. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ الَّذينَ ءامَنوا قَد أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكُم ذِكرًا (آيت : 10) |
سَندنِ لئي سَنباهيو، سائـينءَ سَخت عَذاب، ڏرو پوءِ ڏاتار کان، اي عقل جا اَرباب!، صِدق ساڻ صواب، جي وِسهيا واحِد پاڪ کي. |
رَسولًا يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِ اللَّهِ مُبَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا قَد أَحسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزقًا (آيت : 11) |
سائـِينءِ سارڻ ڪاڻ، مُرسل آن تي موڪليو، رّبَّ جون روشن آيتون، ٿو پَڙهي آن تي پاڻ، تان ڪَڍي اُونداهِئَ مان آن کي، سُهائي ڏانهن سُڄاڻ!، جي مَڃين اَلله جِي آڻ، پڻ چَڱا ڪن ٿا ڪَمڙا. ڏِيندنِ باغ بهشت ۾، جايون رَبُّ، جَبّار، جِن هيٺان نِرمل ناليون، وَهن ويرو تار، ساڪِن اُن سکن ۾، سَرها سَڀ ڄَمار، تِنِين لئي تيار، صاحِب سُهڻو رِزق ڪيو. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَمِنَ الأَرضِ مِثلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الأَمرُ بَينَهُنَّ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَد أَحاطَ بِكُلِّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 12) |
اَلله اُهوئـِي آھِ، جِنهن اُڀ اُپايا سَت، پڻ بَنائـِين ڀُون مَنجھان، ڀاڱا ساڳِئَ ڀَت، اُتري اُن ٻِن وِچ ۾، اَمر سَندس اَلبت، تان سَمجھو ته سَڀ ڪِنهن ڳالھ تي، آهي قادِر کي قُدرت، پڻ سَمجھ ساڻ سُڀت، سَڀ شئ کي صاحِب گھريو. |