يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَطَلِّقوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحصُوا العِدَّةَ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُم لا تُخرِجوهُنَّ مِن بُيوتِهِنَّ وَلا يَخرُجنَ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ لا تَدرى لَعَلَّ اللَّهَ يُحدِثُ بَعدَ ذٰلِكَ أَمرًا (آيت : 1) |
اي نبي! (پنهنجي امت کي فرماءِ ته) ”جيڪڏهن توهان (پنهنجي) زالن کي طلاق ڏيڻ چاهيو ته انهن کي سندن عدت (يعني پاڪائي وارن ڏينهن بنا صحبت جي) ۾ طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو، ۽ الله کان ڊڄو جيڪو توهان جو پالڻهار آهي، ۽ (عدت دوران) انهن کي سندن گهرن کان ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اُهي خود ٻاهر نڪرن سواءِ هن جي جو اُهي کُلي بي حيائي ڪري ويهن. ۽ هي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن. ۽ جيڪو ماڻهو الله جون حدون اورانگهيندو ته بيشڪ ان پنهنجي جان سان ظلم ڪيو. (اي مخاطب!) تون نه ٿو ڄاڻين ته شايد الله ان جي (طلاق ڏيڻ) بعد (موافقت جي) ڪا نئين صورت پيدا ڪري. |
فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو فارِقوهُنَّ بِمَعروفٍ وَأَشهِدوا ذَوَى عَدلٍ مِنكُم وَأَقيمُوا الشَّهٰدَةَ لِلَّهِ ذٰلِكُم يوعَظُ بِهِ مَن كانَ يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مَخرَجًا (آيت : 2) |
پوءِ جڏهن اُهي عورتون پنهنجي عدت (جي مُدت) جي خاتمي تي پهچن ته پوءِ انهن کي ڀلي طريقي سان (پنهنجي نڪاح ۾) روڪي رکو يا انهن کي ڀلي طريقي سان جدا ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجن مان ٻه عادل مردن کي شاهد بنايو ۽ (اي شاهد بنجڻ وارئو)شاهدي الله جي لاءِ ٺيڪ ٺيڪ ادا ڪيو. هي ڳالهيون آهن جن سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي هر ان ماڻهو کي جيڪو الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکي ٿو. ۽ جيڪو الله کان ڊڄي ٿو ته الله ان لاءِ (مشڪلاتن مان) نڪرڻ جو رستو پيدا فرمائي ٿو. |
وَيَرزُقهُ مِن حَيثُ لا يَحتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسبُهُ إِنَّ اللَّهَ بٰلِغُ أَمرِهِ قَد جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيءٍ قَدرًا (آيت : 3) |
۽ ان کي اهڙي جاءِ تان روزي ڏئي ٿو جتي ان جو گمان به نه ويندو هجي. ۽ جو ماڻهو الله تي ڀروسو رکي ٿو ته پوءِ الله ان جي لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي پورو ڪرڻ وارو آهي. بيشڪ الله هر شيءِ لاءِ اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. |
وَالّٰـٔى يَئِسنَ مِنَ المَحيضِ مِن نِسائِكُم إِنِ ارتَبتُم فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ أَشهُرٍ وَالّٰـٔى لَم يَحِضنَ وَأُولٰتُ الأَحمالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعنَ حَملَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مِن أَمرِهِ يُسرًا (آيت : 4) |
۽ اوهان جي عورتن مان جيڪي عورتون حيض کان مايوس ٿي چڪيون آهن (انهن جي عدت بابت) اگر توهان کي شڪ هجي ته انهن جي عدت ٽي مهينا آهي. ۽ اُهي عورتون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا آهي) ۽ حمل وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جو ماڻهو الله کان ڊڄي ٿو ته اُهو ان جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪري ٿو. |
ذٰلِكَ أَمرُ اللَّهِ أَنزَلَهُ إِلَيكُم وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُعظِم لَهُ أَجرًا (آيت : 5) |
اهو الله جو امر آهي جيڪو ان توهان جي طرف نازل ڪيو آهي. ۽ جيڪو ماڻهو الله کان ڊڄي ٿو ته اُهو ان جي گناهن کي ميٽي ڇڏي ٿو ۽ ثواب کي ان لاءِ وڌائي وڏو ڪري ڇڏي ٿو. |
أَسكِنوهُنَّ مِن حَيثُ سَكَنتُم مِن وُجدِكُم وَلا تُضارّوهُنَّ لِتُضَيِّقوا عَلَيهِنَّ وَإِن كُنَّ أُولٰتِ حَملٍ فَأَنفِقوا عَلَيهِنَّ حَتّىٰ يَضَعنَ حَملَهُنَّ فَإِن أَرضَعنَ لَكُم فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ وَأتَمِروا بَينَكُم بِمَعروفٍ وَإِن تَعاسَرتُم فَسَتُرضِعُ لَهُ أُخرىٰ (آيت : 6) |
اوهان انهن (طلاق يافته زالن) کي اتي رهايو جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهو ٿا ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ تڪليف نه پهچايو. ۽ اگر اهي حمل سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو ايستائين جو پنهنجو ٻار ڄڻن، پوءِ جيڪڏهن اُهي توهان جي خاطر (ٻار کي) کير پيارن ته کين سندن معاوضو ڏيو، ۽ (معاوضي طئي ڪرڻ وقت) پاڻ ۾ مناسب طور تي مشورو ڪيو اگر توهان پاڻ ۾ اهنجائي محسوس ڪيو ته ان (ٻار کي) هاڻي ڪا ٻي عورت کير پياريندي. |
لِيُنفِق ذو سَعَةٍ مِن سَعَتِهِ وَمَن قُدِرَ عَلَيهِ رِزقُهُ فَليُنفِق مِمّا ءاتىٰهُ اللَّهُ لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا ما ءاتىٰها سَيَجعَلُ اللَّهُ بَعدَ عُسرٍ يُسرًا (آيت : 7) |
ڪشادگي وارو پنهنجي ڪشادگي آهر خرچ ڪري. ۽ جنهن تي ان جي رزق ۾ تنگي ڪئي وئي هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن ماڻهو کي تڪليف نه ٿو ڏئي مگر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنائين. جلد ئي الله تنگيءَ کان پوءِ آساني پيدا ڪندو. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ عَتَت عَن أَمرِ رَبِّها وَرُسُلِهِ فَحاسَبنٰها حِسابًا شَديدًا وَعَذَّبنٰها عَذابًا نُكرًا (آيت : 8) |
۽ گهڻن ڳوٺن (وارن) پنهنجي پالڻهار ۽ سندس رسولن جي حڪم جي نافرماني ڪئي ته اسان به انهن سان سخت حساب ڪيو، ۽ انهن کي عذاب ڪيو اڻ ڏٺو (سخت) عذاب. |
فَذاقَت وَبالَ أَمرِها وَكانَ عٰقِبَةُ أَمرِها خُسرًا (آيت : 9) |
پوءِ انهن پنهنجي ڪرتوتن جو مزو چکيو ۽ انهن جي ڪم جو انجام نقصان ئي هيو. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ الَّذينَ ءامَنوا قَد أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكُم ذِكرًا (آيت : 10) |
الله انهن جي لاءِ (آخرت ۾ به) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي، پوءِ الله کان ڊڄندا رهو اي عقل وارؤ جن ايمان آندو آهي! بيشڪ الله اوهان ڏانهن هڪ نصيحت نازل ڪئي آهي. |
رَسولًا يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِ اللَّهِ مُبَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا قَد أَحسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزقًا (آيت : 11) |
(يعني اهو) رسول (موڪليو آهي) جو اوهان کي الله جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون تن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن آڻي. ۽ جيڪو ماڻهو الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ صالح عمل ڪري ٿو ان کي اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن، اُهي ان ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن. بيشڪ الله انهن جي لاءِ سهڻو رزق (تيار ڪري) رکيو آهي. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَمِنَ الأَرضِ مِثلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الأَمرُ بَينَهُنَّ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَد أَحاطَ بِكُلِّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 12) |
الله ئي آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهيءَ جي برابر زمينون به بنايون. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندو رهندو آهي هن لاءِ ته توهان ڄاڻو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي ۽ هي ته الله هر شيءِ جو پنهنجي علم سان گهيرو ڪري رکيو آهي. |