يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَطَلِّقوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحصُوا العِدَّةَ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُم لا تُخرِجوهُنَّ مِن بُيوتِهِنَّ وَلا يَخرُجنَ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ لا تَدرى لَعَلَّ اللَّهَ يُحدِثُ بَعدَ ذٰلِكَ أَمرًا (آيت : 1) |
اي نبي (مسلمانن کي چئو ته) جڏهن اوهين زالن کي طلاق ڏيو ته انهن کي سندن عدت (جي مناسبت) تي طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄو. انهن کي سندن گهرن مان (عدت جي مدت ۾) پڌري بيحيائي جي ڪم سرزد ٿيڻ کان سواءِ، ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اهي پاڻ ٻاهر نڪرن ۽ اهي الله جون حدون (۽ قانون) آهن، ۽ جيڪو الله جي حدن کان لگهندو ته ان (سان اڳلي کي به نقصان پهچندو ۽ ان) پنهنجي نفس تي (به) ظلم ڪيو، (ڇو ته) اهو نٿو ڄاڻي ته متان الله ان (طلاق ڏيڻ) کان پوءِ ڪا (ميلاپ جي) نئين ڳالهه پيدا ڪري. |
فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو فارِقوهُنَّ بِمَعروفٍ وَأَشهِدوا ذَوَى عَدلٍ مِنكُم وَأَقيمُوا الشَّهٰدَةَ لِلَّهِ ذٰلِكُم يوعَظُ بِهِ مَن كانَ يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مَخرَجًا (آيت : 2) |
پوءِ جڏهن اهي (زالون) پنهنجي (عدت واري) مدي کي پهچن ته رواج (۽ قانون) موجب انهن کي (رجوع ڪرڻ سان يا نئين نڪاح سان) جهليو (۽ زال مڙس جي زندگي گهاريو) يا رواج موجب انهن کان جدا ٿيو ۽ (آخري فيصلي تي) پاڻ مان اعتبار وارن ٻن ڄڻن کي شاهد ڪريو ۽ الله جي واسطي (ڪنهن جي روءِ رعايت ڪرڻ کان سواءِ) پوري شاهدي ڏيو. هن (حڪم) سان ان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو، ۽ جيڪو الله (جي قانون جو لحاظ رکي ان) کان ڊڄندو ته الله ان لاءِ مشڪل مان نڪرڻ جو رستو پيدا ڪري ڏيندو. |
وَيَرزُقهُ مِن حَيثُ لا يَحتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسبُهُ إِنَّ اللَّهَ بٰلِغُ أَمرِهِ قَد جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيءٍ قَدرًا (آيت : 3) |
(ان مسئلي ۾ مالي مشڪلاتون آيس ته) ان کي اتان روزي ڏيندو جتان گمان به نه هوندس ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو ته الله ان (جي ساٿ ڏيڻ) لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي (پنهنجي قانون سان) پورو ڪرڻ وارو آهي. الله سڀ ڪنهن شيء جو اندازو ڪري ڇڏيو آهي. |
وَالّٰـٔى يَئِسنَ مِنَ المَحيضِ مِن نِسائِكُم إِنِ ارتَبتُم فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ أَشهُرٍ وَالّٰـٔى لَم يَحِضنَ وَأُولٰتُ الأَحمالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعنَ حَملَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مِن أَمرِهِ يُسرًا (آيت : 4) |
۽ جيڪي اوهان جي زالن مان حيض اچڻ کان نااميد ٿيون هجن (تن جي عدت بابت) جيڪڏهن شڪ ۾ پيا آهيو ته سندن عدت ٽي مهينا آهي ۽ ( (اهڙيءَ طرح) اهي زالون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا شمار ڪريو) ۽ پيٽ وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جيڪو الله (جي قانونن تي هلي ان) جو لحاظ رکندو ته الله سندس ڪم کي آسان ڪري ڇڏيندو. |
ذٰلِكَ أَمرُ اللَّهِ أَنزَلَهُ إِلَيكُم وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُعظِم لَهُ أَجرًا (آيت : 5) |
اهو الله جو حڪم آهي ان کي اوهان جي طرف نازل ڪيو اٿس. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله ان (ڪم ۾ پيش ايندڙ ڏکيائيون ۽ مدايون ان کان پري ڪندو ۽ ان کي وڏو اجر ڏيندو. |
أَسكِنوهُنَّ مِن حَيثُ سَكَنتُم مِن وُجدِكُم وَلا تُضارّوهُنَّ لِتُضَيِّقوا عَلَيهِنَّ وَإِن كُنَّ أُولٰتِ حَملٍ فَأَنفِقوا عَلَيهِنَّ حَتّىٰ يَضَعنَ حَملَهُنَّ فَإِن أَرضَعنَ لَكُم فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ وَأتَمِروا بَينَكُم بِمَعروفٍ وَإِن تَعاسَرتُم فَسَتُرضِعُ لَهُ أُخرىٰ (آيت : 6) |
اوهين انهن (زالن) کي اتي رهايو جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهيا پيا آهيو. ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ نه ايذايو، ۽ جيڪڏهن پيٽ سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو، جيستائين پنهنجو ٻار ڄڻين. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي لاءِ (ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن اجرت ڏيو! ۽ رواج موجب (انهن معاملن تي) پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪريو، ۽ جيڪڏهن (ان ڳالهه تي) اتفاق نه ٿئي ته پوءِ (ٻار کي) ڪا ٻي (عورت) کير پياريندي. |
لِيُنفِق ذو سَعَةٍ مِن سَعَتِهِ وَمَن قُدِرَ عَلَيهِ رِزقُهُ فَليُنفِق مِمّا ءاتىٰهُ اللَّهُ لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا ما ءاتىٰها سَيَجعَلُ اللَّهُ بَعدَ عُسرٍ يُسرًا (آيت : 7) |
(مطلقه جو خرچ يا کير پيارڻ جي لاءِ) ڪشادگيءَ وارو پنهنجي ڪشادگي آهر خرچ ڪري، ۽ جنهن جي آمدني ٿوري هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جيڪو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن شخص کي تڪليف نٿو ڏئي، پر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنو اٿس. (جيڪڏهن ان عمل سان وقتي تنگي ٿي ته) الله تنگيءَ کان پوءِ جلد آساني ڪري ڏيندو. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ عَتَت عَن أَمرِ رَبِّها وَرُسُلِهِ فَحاسَبنٰها حِسابًا شَديدًا وَعَذَّبنٰها عَذابًا نُكرًا (آيت : 8) |
۽ گهڻن ڳوٺن پنهنجي پاليندڙ ۽ سندس رسول جي (ٻڌايل اهڙن عائلي يا معاشرتي قانونن ۽) حڪم جي نافرماني ڪئي پوءِ اسان سندن سخت حساب ورتو ۽ کين سخت عذاب ڏنوسون. |
فَذاقَت وَبالَ أَمرِها وَكانَ عٰقِبَةُ أَمرِها خُسرًا (آيت : 9) |
پوءِ انهن پنهنجي (خدائي قانونن سان ٽڪراءُ ۾ هٿ ٺوڪين قانونن جي نتيجن ۽) ڪم جي سزا (جو مزو) چکيو ۽ سندن ڪم جي پڇاڙي نقصان ئي نقصان هو. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ الَّذينَ ءامَنوا قَد أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكُم ذِكرًا (آيت : 10) |
الله انهن لاءِ (آخرت ۾) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي. پوءِ اي عقل وارا مومنو! الله کان ڊڄو! (۽ ان جي قانونن جي پاسخاطري رکو) الله اوهان ڏي هڪ ڪتاب (قرآن چٽا حڪم ڏئي) نازل ڪيو آهي. |
رَسولًا يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِ اللَّهِ مُبَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا قَد أَحسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزقًا (آيت : 11) |
۽ هڪڙو اهڙو رسول (موڪليو اٿس) جو اوهان کي الله جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداهين مان سوجهري ڏي ڪڍي ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو ته الله ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن انهن ۾ هميشه رهندا. بيشڪ الله ان جي روزي چڱي ڪئي آهي. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَمِنَ الأَرضِ مِثلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الأَمرُ بَينَهُنَّ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَد أَحاطَ بِكُلِّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 12) |
الله اهو آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهن جهڙي زمين به. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندا رهن ٿا (۽ اهي حڪم الله جي انهن مقرر ڪيل قانونن تي ئي ٻڌل رهن آهن. اهو اوهان کي ان لاءِ ٻڌايو ويو) ته ته اوهين ڄاڻو ته الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ الله جي علم سڀ ڪنهن شيء کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي رکيو آهي. |