يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَطَلِّقوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحصُوا العِدَّةَ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُم لا تُخرِجوهُنَّ مِن بُيوتِهِنَّ وَلا يَخرُجنَ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ لا تَدرى لَعَلَّ اللَّهَ يُحدِثُ بَعدَ ذٰلِكَ أَمرًا (آيت : 1) |
اي نبي ڪريم (توهان امت کي ٻُڌايو ته) جڏهن توهان عورتن کي طلاق ڏيڻ جو ارادوڪريو، پوءِ توهان انهن کي انهن جي پاڪائيءَ ۾ طلاق ڏيو ۽ توهان عدت جو اندازو ڪريو، ۽ توهان پنهنجي خالق، الله کان ڊڄو، توهان انهن کي پنهنجي گھرن مان نه ڪڍو ۽ نه اهي پاڻ نڪرن مگر جو اهي صاف بي حيائي آڻين، ۽ اهي الله جون حدون آهن، ۽ جيڪو ماڻهو الله جي حدن کان وڌي ٿو پوءِ بيشڪ ان پاڻ سان ظلم ڪيو، توهان نٿا ڄاڻو شايد الله تعالى انهيءَ کان پوءِ ڪو نئون حڪم موڪلي |
فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو فارِقوهُنَّ بِمَعروفٍ وَأَشهِدوا ذَوَى عَدلٍ مِنكُم وَأَقيمُوا الشَّهٰدَةَ لِلَّهِ ذٰلِكُم يوعَظُ بِهِ مَن كانَ يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مَخرَجًا (آيت : 2) |
پوءِ جڏهن انهن جي عدت پوري ٿيڻ جي قريب ٿئي، پوءِ انهن کي نيڪيءَ سان روڪيو يا نيڪيءَ سان انهن کي جدا ڪريو ۽ توهان پاڻ (مسلمانن مان) ٻه انصاف وارا شاهد مقرر ڪريو ۽ توهان خدا ڪارڻ شاهدي ڏيو، اها ان ماڻهو لاءِ نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان خوف ڪري ٿو، الله ان لاءِ نجات جو رستو پيدا ڪري ٿو |
وَيَرزُقهُ مِن حَيثُ لا يَحتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسبُهُ إِنَّ اللَّهَ بٰلِغُ أَمرِهِ قَد جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيءٍ قَدرًا (آيت : 3) |
۽ ان کي اهو اتان رزق عطا ڪري ٿو جتان پاڻ گمان نٿو رکي ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى تي توڪل ڪري ٿو پوءِ اهو ان لاءِ (ٻنهي جهانن ۾) ڪافي آهي، بيشڪ الله تعالى پنهنجو حڪم جاري ڪندڙ آهي، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ لاءِ اندازو مقرر ڪيو آهي |
وَالّٰـٔى يَئِسنَ مِنَ المَحيضِ مِن نِسائِكُم إِنِ ارتَبتُم فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ أَشهُرٍ وَالّٰـٔى لَم يَحِضنَ وَأُولٰتُ الأَحمالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعنَ حَملَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مِن أَمرِهِ يُسرًا (آيت : 4) |
۽ توهان جي عورتن مان جن کي حيض نٿو اچي، جيڪڏهن توهان کي انهن جي (عدت ڳڻڻ ۾) مشڪل پيش اچي پوءِ انهن جي عدت ٽي مهينا آهي، ۽ انهن عورتن جي لاءِ جن کي اڃان حيض نه آيو هجي، ۽ حمل وارين عورتن لاءِ عدت هي آهي جو اهي پنهنجا ٻار ڄڻن. ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان خوف ڪري ٿو الله تعالى ان جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪري ٿو |
ذٰلِكَ أَمرُ اللَّهِ أَنزَلَهُ إِلَيكُم وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُعظِم لَهُ أَجرًا (آيت : 5) |
اهو الله جو حڪم آهي جنهنکي توهان ڏانهن نازل ڪيو اٿس ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان خوف ڪري ٿو الله تعالى ان سان سندس ڪيل گناه ميٽي ٿو ۽ ان لاءِ اجرِ عظيم آهي |
أَسكِنوهُنَّ مِن حَيثُ سَكَنتُم مِن وُجدِكُم وَلا تُضارّوهُنَّ لِتُضَيِّقوا عَلَيهِنَّ وَإِن كُنَّ أُولٰتِ حَملٍ فَأَنفِقوا عَلَيهِنَّ حَتّىٰ يَضَعنَ حَملَهُنَّ فَإِن أَرضَعنَ لَكُم فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ وَأتَمِروا بَينَكُم بِمَعروفٍ وَإِن تَعاسَرتُم فَسَتُرضِعُ لَهُ أُخرىٰ (آيت : 6) |
توهان انهن عورتن کي انهن جاين (گهرن) تي رهايو جتي توهان پاڻ پنهنجي توفيق آهر رهو ٿا. ۽ توهان انهن کي تڪليف نه پهچايو جو انهن تي تنگي ٿئي، ۽ جيڪڏهن اهي عورتون حمل سان آهن پوءِ توهان انهن کي خرچ ڏيو (ماني ٽڪي وغيره) ايستائين جو اهي ٻار ڄڻين، پوءِ جيڪڏهن اهي توهان جي ٻارن کي کير پيارين پوءِ توهان انهن کي سندن اجورو ڏيو، ۽ انهيءَ لاءِ توهان پاڻ ۾ نيڪيءَ سان صلاح مشورو ڪريو، ۽ جيڪڏهن توهان جي پاڻ ۾ ڪشمڪش پيدا ٿئي پوءِ فوراً ان ٻار کي ٻي عورت کير پياري |
لِيُنفِق ذو سَعَةٍ مِن سَعَتِهِ وَمَن قُدِرَ عَلَيهِ رِزقُهُ فَليُنفِق مِمّا ءاتىٰهُ اللَّهُ لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا ما ءاتىٰها سَيَجعَلُ اللَّهُ بَعدَ عُسرٍ يُسرًا (آيت : 7) |
امير ماڻهو پنهنجي حيثيت مطابق (ٻار تي) خرچ ڪري، ۽ غريب ماڻهو پنهنجي پهچ آهر ان تي خرچ ڪري انهيءَ مان جيڪي ڪجھه ان کي الله رزق ڏنو آهي، نٿو تڪليف ڏئي الله ڪنهن انسان کي مگر سندس ڏني مطابق عنقريب، الله تعالى تنگيءَ کان پوءِ فراخي پيدا ڪندو |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ عَتَت عَن أَمرِ رَبِّها وَرُسُلِهِ فَحاسَبنٰها حِسابًا شَديدًا وَعَذَّبنٰها عَذابًا نُكرًا (آيت : 8) |
۽ ڪيترائي ڳوٺاڻا هئا جن پنهنجي رب ۽ پنهنجي رسولن جي حڪمن جي نافرماني ڪئي پوءِ اسان انهن سان بيحد سخت حساب ڪيو، ۽ اسان انهن کي بيحد سخت عذاب ڪيو |
فَذاقَت وَبالَ أَمرِها وَكانَ عٰقِبَةُ أَمرِها خُسرًا (آيت : 9) |
پوءِ انهن پنهنجي ڪَيَلَ جو وبال چکيو ۽ ان ڪم جي پڇاڙي نقصان واري ٿي |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ الَّذينَ ءامَنوا قَد أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكُم ذِكرًا (آيت : 10) |
اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ! الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب (يعني قرآن) نازل ڪيو آھي |
رَسولًا يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِ اللَّهِ مُبَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا قَد أَحسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزقًا (آيت : 11) |
(۽) پيغمبر (بہ موڪليو اٿس) جو اوھان تي الله جون پڌريون آيتون (ھن لاءِ) پڙھندو آھي تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (گمراھيءَ جي) اونداھين کان (ھدايت جي) سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو، تنھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، اُتي ھميشہ رھندا، بيشڪ ان جي روزي چڱيءَ طرح ٺاھي آھي |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَمِنَ الأَرضِ مِثلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الأَمرُ بَينَهُنَّ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَد أَحاطَ بِكُلِّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 12) |
الله تعالى اهو آهي، جنهن سَتَ آسمان ۽ انهن جيتريون زمينون پيدا ڪيون آهن. انهن سڀني ۾ الله جو حڪم جاري آهي بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي، ۽ بيشڪ تحقيق الله تعالى هر شيءِ جي علم کي احاطو ڪندڙ آهي |