يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَطَلِّقوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحصُوا العِدَّةَ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُم لا تُخرِجوهُنَّ مِن بُيوتِهِنَّ وَلا يَخرُجنَ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ لا تَدرى لَعَلَّ اللَّهَ يُحدِثُ بَعدَ ذٰلِكَ أَمرًا (آيت : 1) |
اي نبي! جڏهن زالن کي طلاق ڏيو، تڏهن انهن کي عدت ۾ طلاق ڏيو ۽ عدت ڳڻيو، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ الله کان ڊڄو- انهن کي سندن گهرن مان نه ڪڍو ۽ هو فقط تڏهن گهرن مان ڪڍجن؛ جڏهن صفا بيحيائي ڪن- اُهي الله جون حدون آهن، پوءِ جيڪو الله جون حدون لتاڙيندو، تنهن پنهنجي جان تي ظلم ڪيو- تون نٿو ڄاڻي، ته انهي کان پوءِ الله شايد ڪو ٻيو رستو پيدا ڪري. |
فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو فارِقوهُنَّ بِمَعروفٍ وَأَشهِدوا ذَوَى عَدلٍ مِنكُم وَأَقيمُوا الشَّهٰدَةَ لِلَّهِ ذٰلِكُم يوعَظُ بِهِ مَن كانَ يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مَخرَجًا (آيت : 2) |
پوءِ جڏهن اهي عدت پوري ٿيڻ کي پهچن، تڏهن يا ته چڱيءَ طرح سان کين رکو، يا سهڻي سلوڪ سان کين ڇڏي ڏيو، پاڻ مان ٻه معتبر شاهد ڪريو ۽ الله لڳ شاهدي پوري ڏيو_ انهي سان ان کي نصيحت ڏجي ٿي، جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندو هجي_ ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو، هو انهي جي نڪرڻ جي ڪا واهه ڪندو. |
وَيَرزُقهُ مِن حَيثُ لا يَحتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسبُهُ إِنَّ اللَّهَ بٰلِغُ أَمرِهِ قَد جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيءٍ قَدرًا (آيت : 3) |
۽ کيس اتان رزق ڏيندو، جتان گمان ئي نه هوندس ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ٿو ڪري، تنهن لاءِ الله ڪافي آهي- بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آهي- بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ جو اندازو ڪيو آهي. |
وَالّٰـٔى يَئِسنَ مِنَ المَحيضِ مِن نِسائِكُم إِنِ ارتَبتُم فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ أَشهُرٍ وَالّٰـٔى لَم يَحِضنَ وَأُولٰتُ الأَحمالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعنَ حَملَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مِن أَمرِهِ يُسرًا (آيت : 4) |
۽ اوهان جي زالن مان جيڪي حيض کان نا اميد ٿيل هجن، تن بابت جيڪڏهن شڪ ۾ پيا آهيو، ته انهن جي عدت ٽي مهينا آهي_ ۽ جيڪي اڃا حيض واريون نه ٿيون آهن (تن جي به) ۽ پيٽ وارين زالن جي عدت اها آهي، جو ٻار ڄڻين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄي ٿو، تنهن لاءِ الله سندس ڪم ۾ آساني ڪندو. |
ذٰلِكَ أَمرُ اللَّهِ أَنزَلَهُ إِلَيكُم وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُعظِم لَهُ أَجرًا (آيت : 5) |
اهو الله جو حڪم آهي، جو اوهان ڏانهن نازل ڪيائين ۽ جيڪو الله کان ڊڄي ٿو، ان جو ن مدايون الله ميٽيندو ۽ ان کي اجر وڌيڪ ڏيندو. |
أَسكِنوهُنَّ مِن حَيثُ سَكَنتُم مِن وُجدِكُم وَلا تُضارّوهُنَّ لِتُضَيِّقوا عَلَيهِنَّ وَإِن كُنَّ أُولٰتِ حَملٍ فَأَنفِقوا عَلَيهِنَّ حَتّىٰ يَضَعنَ حَملَهُنَّ فَإِن أَرضَعنَ لَكُم فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ وَأتَمِروا بَينَكُم بِمَعروفٍ وَإِن تَعاسَرتُم فَسَتُرضِعُ لَهُ أُخرىٰ (آيت : 6) |
طلاق ڏنلن کي اتي ئي رهايو، جتي اوهين پڄت آهر رهو ٿا، انهن کي تنگ ڪرڻ خاطر نه ستايو ۽ جيڪڏهن پيٽ سان هجن، ته جيسين پنهنجو ٻار ڄڻين، تيسين انهن کي خرچ ڏيو، پوءِ جيڪڏهن اوهان جي حڪم موجب ٻار کي کير پيارين، ته انهن جو اجورو ڏيو ۽ هليءَ چليءَ موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ ڏکيائي لڳيوَ ته ٻار کي ٻي عورت کير پياري. |
لِيُنفِق ذو سَعَةٍ مِن سَعَتِهِ وَمَن قُدِرَ عَلَيهِ رِزقُهُ فَليُنفِق مِمّا ءاتىٰهُ اللَّهُ لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا ما ءاتىٰها سَيَجعَلُ اللَّهُ بَعدَ عُسرٍ يُسرًا (آيت : 7) |
جڳائي ته پهچ وارو پنهنجي پهچ آهر خرچ ڪري ۽ جنهن تي روزي تنگ ڪيل آهي، تنهن کي گهرجي ته جيڪي خدا کيس ڏنو آهي، تنهن مان خرچ ڪري، الله ڪنهن کي به وس کان وڌيڪ تڪليف نٿو ڏئي، سگهو ئي الله تنگيءَ کانپوءِ ڪشادگي ڪري ڏيندو. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ عَتَت عَن أَمرِ رَبِّها وَرُسُلِهِ فَحاسَبنٰها حِسابًا شَديدًا وَعَذَّبنٰها عَذابًا نُكرًا (آيت : 8) |
گهڻا ئي ڳوٺ هئا، جن پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪئي، پوءِ سخت حساب سان انهن کي پڪڙيوسون ۽ سخت عذاب سان کين عذاب ڏنوسون. |
فَذاقَت وَبالَ أَمرِها وَكانَ عٰقِبَةُ أَمرِها خُسرًا (آيت : 9) |
پوءِ انهن پنهنجي ڪم جي سزا چکي ۽ انهن جي ڪم جي پڇاڙي نقصان واري ٿي. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ الَّذينَ ءامَنوا قَد أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكُم ذِكرًا (آيت : 10) |
انهن لاءِ خدا سخت عذاب تيار ڪيو آهي، تنهن ڪري اي عقل وارا مؤمنو! الله کان ڊڄو- بيشڪ الله اوهان ڏانهن هڪ نصيحت موڪلي آهي. |
رَسولًا يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِ اللَّهِ مُبَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا قَد أَحسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزقًا (آيت : 11) |
جو رسول آهي جو اوهان تي الله جون پڌريون آيتون ٿو پڙهي، ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي اونداهين کان ڪڍي سوجهري ڏانهن آڻي ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ٿو ڪري، ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن اتي هميشه رهندا_ بيشڪ ان جي روزي الله چڱي ٺاهي آهي. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَمِنَ الأَرضِ مِثلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الأَمرُ بَينَهُنَّ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَد أَحاطَ بِكُلِّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 12) |
الله اهو آهي، جنهن ستن آسمانن کي بنايو ۽ اوتريون زمينون به، انهن جي وچ ۾ ان جو حڪم نازل ٿيندو آهي- ته ڄاڻو ته الله سڀ ڪنهن شيءِ تي طاقت وارو آهي ۽ الله علم سان هر هڪ شيءِ کي گهيري ڇڏيو آهي. |