يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَطَلِّقوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحصُوا العِدَّةَ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُم لا تُخرِجوهُنَّ مِن بُيوتِهِنَّ وَلا يَخرُجنَ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ لا تَدرى لَعَلَّ اللَّهَ يُحدِثُ بَعدَ ذٰلِكَ أَمرًا (آيت : 1) |
اي نبي (ﷺ!سڀني مسلمانن کي ٻڌائي ڇڏ ته) جڏهن به توهان پنھنجي گهر وارين کي طلاق ڏيڻ چاهيو ته کين عدت جو وقت گذارڻ جي حساب سان طلاق ڏيندا ڪريو ۽ عدت جي وقت کي باقاعده ڳڻيندا رهو ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄندا رهو. عدت جي دوران توهان انهن کي گهر مان نه ڪڍو ۽ نه ئي هو خود گهر ڇڏي هليون وڃن. سواءِ ان جي جو اُهي ڪو ظاهري بيحيائي جو ڪم ڪري وجهن (ته پوءِ توهان انهن کي گهرن مان ڪڍي سگهو ٿا) هي الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن ۽ جيڪو به الله تعالى جي حدن کان اڳتي وڌندو ته سمجهو ته هُن پاڻ تي ظلم ڪري وڌو. (توهان مان) ڪنھن کي به خبر نه آهي ته الله تعالى (طلاق کان پوءِ) شايد توهان ٻنهي کي ملائڻ جي ڪا صورت پيدا ڪري ڇڏي. |
فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو فارِقوهُنَّ بِمَعروفٍ وَأَشهِدوا ذَوَى عَدلٍ مِنكُم وَأَقيمُوا الشَّهٰدَةَ لِلَّهِ ذٰلِكُم يوعَظُ بِهِ مَن كانَ يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مَخرَجًا (آيت : 2) |
پوءِ جڏهن اُنهن جي عدت پوري ٿئي ته هاڻي توهان انهن کي سھڻي طريقي سان پاڻ وٽ (نڪاح ۾ واپس) رکو يا کين سھڻي طريقي سان رخصت ڪريو ۽ پاڻ مان ٻن انصاف پسند ماڻهن کي ان تي گواهه بڻايو. الله تعالى جي واسطي صحيح صحيح گواهي ڏيندا ڪريو. اهوئي حڪم آهي جنھن جي ذريعي ان ماڻهوءَ کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله تعالى ۽ آخرت واري ڏينھن تي ايمان آڻي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان ڊڄندو ته الله تعالى ان جي لاءِ مشڪلاتن مان نڪرڻ جو (ضرور) ڪونه ڪو رستو پيدا ڪندو. |
وَيَرزُقهُ مِن حَيثُ لا يَحتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسبُهُ إِنَّ اللَّهَ بٰلِغُ أَمرِهِ قَد جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيءٍ قَدرًا (آيت : 3) |
۽ ان کي اهڙي طرف کان رزق عطا ڪندو جو سندس اوڏانهن گمان به نه ويندس. ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى تي ڀروسو رکندو ته اهوئي ان لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله تعالى پنھنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آهي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو (پورو) اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. |
وَالّٰـٔى يَئِسنَ مِنَ المَحيضِ مِن نِسائِكُم إِنِ ارتَبتُم فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ أَشهُرٍ وَالّٰـٔى لَم يَحِضنَ وَأُولٰتُ الأَحمالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعنَ حَملَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مِن أَمرِهِ يُسرًا (آيت : 4) |
توهان جي (طلاق ڏنل) گهر وارين مان جيڪي حيض اچڻ کان نا اميد ٿي ويون هجن (يا جن جو حيض اچڻ بلڪل بند ٿي ويو هجي) پوءِ جيڪڏهن انهن جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهيو ته پوءِ (ٻڌي ڇڏيو ته) انهن عورتن جي ۽ جن عورتن کي اڃا حيض ئي نه آيو هجي، تن سڀني جي عدت ٽي مھينا آهي ۽ حمل (يعني ڳورهاري) عورتن جي عدت سندن ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ الله تعالى ان لاءِ سندس ڪم ۾ آساني پيدا ڪندو جيڪو ان کان ڊڄندو. |
ذٰلِكَ أَمرُ اللَّهِ أَنزَلَهُ إِلَيكُم وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُعظِم لَهُ أَجرًا (آيت : 5) |
اهو الله تعالى جو حڪم آهي جيڪو هُن توهان ڏي نازل فرمايو آهي ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان ڊڄندو ته هو سندس براين کي مٽائي ڇڏيندو ۽ کيس گهڻو اجر ڏيندو. |
أَسكِنوهُنَّ مِن حَيثُ سَكَنتُم مِن وُجدِكُم وَلا تُضارّوهُنَّ لِتُضَيِّقوا عَلَيهِنَّ وَإِن كُنَّ أُولٰتِ حَملٍ فَأَنفِقوا عَلَيهِنَّ حَتّىٰ يَضَعنَ حَملَهُنَّ فَإِن أَرضَعنَ لَكُم فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ وَأتَمِروا بَينَكُم بِمَعروفٍ وَإِن تَعاسَرتُم فَسَتُرضِعُ لَهُ أُخرىٰ (آيت : 6) |
(طلاق ڏيڻ کان پوءِ) اُنهن عورتن کي اُتي ئي رهايوجتي توهان خود رهو ٿا. انهن کي تنگ ڪرڻ خاطر نه ايذايو ۽ حمل جي صورت ۾ اُنهن تي ٻار ڄڻڻ تائين خرچ ڪندا رهو. پوءِ جيڪڏهن هُو توهان جي ٻار کي توهان جي اجازت سان کير پيارين ته اُن جي کين اُجرت ڏيو ۽ اجرت سھڻي طريقي سان پاڻ ۾ مشورو ڪري طئي ڪريو پر جيڪڏهن (کير پيارڻ تي) اتفاق نه ٿي سگهي ته پوءِ ٻار کي ٻي ڪا عورت کير پياري (بھرحال ٻار جي ماءُ ان کي کير پيارڻ جي ذميدار نه آهي) |
لِيُنفِق ذو سَعَةٍ مِن سَعَتِهِ وَمَن قُدِرَ عَلَيهِ رِزقُهُ فَليُنفِق مِمّا ءاتىٰهُ اللَّهُ لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا ما ءاتىٰها سَيَجعَلُ اللَّهُ بَعدَ عُسرٍ يُسرًا (آيت : 7) |
خوشحال ماڻهو پنھنجي خوشحالي مطابق خرچ ڪري ۽ تنگدست ۽ غريب پنھنجي حال سارون خرچ ڪري، جيڪو به کيس الله تعالى مال عطا ڪيو آهي الله تعالى جنھن کي جيترو عطا ڪيو آهي اُن کان وڌيڪ هُو ڪنھن به شخص جي مٿان ذميداري نه رکندو آهي. عنقريب الله تعالى تنگي کان پوءِ آساني پيدا ڪري ڇڏيندو. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ عَتَت عَن أَمرِ رَبِّها وَرُسُلِهِ فَحاسَبنٰها حِسابًا شَديدًا وَعَذَّبنٰها عَذابًا نُكرًا (آيت : 8) |
ڪيترائي شھر هئا جن پنھنجي پالڻھار ۽ اُن جي رسول سڳورن جي حڪم جي نافرماني ڪئي ته اسان به انهن کان ڇڪي حساب ورتوسين ۽ کين سخت عذاب ڏنو. |
فَذاقَت وَبالَ أَمرِها وَكانَ عٰقِبَةُ أَمرِها خُسرًا (آيت : 9) |
انهن پنھنجي عمل جو مزو چکيو ۽ انهن جي ڪم جي پڇاڙي وڏي خساري واري ٿي وئي. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ الَّذينَ ءامَنوا قَد أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكُم ذِكرًا (آيت : 10) |
الله تعالى انهن لاءِ (آخرت ۾) سخت عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. اي عقلمند مؤمنو! الله تعالى کان ڊڄو. الله تعالى اوهان ڏانھن ذڪر (يعني قرآن مجيد) نازل فرمايو آهي. |
رَسولًا يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِ اللَّهِ مُبَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا قَد أَحسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزقًا (آيت : 11) |
۽ هڪ رسول سڳورو (به موڪليو آهي) جيڪو توهان کي الله تعالى جي واضح آيتون تلاوت ڪري ٻڌائي ٿو ته جيئن هو ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ڏانھن آڻي ۽ جيڪو الله تعالى تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ته هو انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون،هُو اُن ۾ هميشه هميشه لاءِ رهندا. بيشڪ الله تعالى اهڙي شخص لاءِ سھڻو رزق رکيو آهي. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَمِنَ الأَرضِ مِثلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الأَمرُ بَينَهُنَّ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَد أَحاطَ بِكُلِّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 12) |
الله تعالى ئي آهي جنھن ست آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن وانگر زمين پيدا ڪئي، اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندو رهندو آهي ته جيئن توهان کي چڱي طرح معلوم ٿي وڃي ته بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. بيشڪ الله تعالى پنھنجي علم سان هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي. |