يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَطَلِّقوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحصُوا العِدَّةَ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُم لا تُخرِجوهُنَّ مِن بُيوتِهِنَّ وَلا يَخرُجنَ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ لا تَدرى لَعَلَّ اللَّهَ يُحدِثُ بَعدَ ذٰلِكَ أَمرًا (آيت : 1) |
اي نبي! جڏهن توهان ماڻهو طلاق ڏيو زالن کي ته کين طلاق ڏيندا ڪريو سندن عدت ۾ ۽ ڳڻيندا ڪريو چڱيءَ طرح عدت جي ڏينهن کي ۽ ڊڄو الله کان جيڪو توهان جو رب آهي، نه ڪڍو انهن کي توهان پنهنجي گهرن مان ۽ نه اهي پاڻ نڪرن پر تڏهن جڏهن اهي ڪا ئي فحاشي ظاهر ظهور ڪن، ۽ اهي حدون آهن الله جون، ۽ جيڪو وڌندو حدن الله جي کان، ته پوءِ اهو ظلم ڪندو پاڻ پنهنجي مٿان، نه ٿا ڄاڻو توهان، شايد الله ان (ٺاهه) جي ان کان پوءِ ڪا صورت ڪڍي |
فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو فارِقوهُنَّ بِمَعروفٍ وَأَشهِدوا ذَوَى عَدلٍ مِنكُم وَأَقيمُوا الشَّهٰدَةَ لِلَّهِ ذٰلِكُم يوعَظُ بِهِ مَن كانَ يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مَخرَجًا (آيت : 2) |
ته پوءِ اهي پهچن جڏهن مدت کي (عدت جي) ته انهن کي رهايو سهڻي طريقي سان (پنهنجي نڪاح ۾) يا ڌار ٿي وڃو سهڻي طريقي سان ۽ شاهد ڪريو ٻن اهڙن ماڻهن کي جيڪي عدل وارا هجن توهان مان ۽ (اي شاهدؤ!) پوري ڪريو شاهدي الله ڪارڻ، اهي ڳالهيون آهن جن جي نصيحت ڪجي ٿي توهان کي، هر ان شخص کي جيڪو ايمان رکي ٿو الله ۽ ڏينهن آخرت تي، ۽ جيڪو ڊڄندي ڪم ڪندو الله کان، اهو (الله) ڪڍندو مشڪل مان رستو نڪرڻ جو |
وَيَرزُقهُ مِن حَيثُ لا يَحتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسبُهُ إِنَّ اللَّهَ بٰلِغُ أَمرِهِ قَد جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيءٍ قَدرًا (آيت : 3) |
۽ کيس رزق رسائيندو اهڙيءَ طرح جتي نه ويندو سندس گمان به، ۽ جيڪو ڪري ٿو توڪل الله تي، پوءِ اهو ئي ڪافي آهي، بيشڪ الله مڪمل ڪندڙ آهي پنهنجو ڪم، بيشڪ بڻايو آهي الله هر شيءِ لاءِ اندازو مقرر (تقدير) |
وَالّٰـٔى يَئِسنَ مِنَ المَحيضِ مِن نِسائِكُم إِنِ ارتَبتُم فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ أَشهُرٍ وَالّٰـٔى لَم يَحِضنَ وَأُولٰتُ الأَحمالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعنَ حَملَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مِن أَمرِهِ يُسرًا (آيت : 4) |
۽ جيڪي نااميد آهن حيض کان توهان جي عورتن مان، انهن جي معاملي ۾ ڪو شڪ آهي (ته توهان کي معلوم هجي) سندن عدت ٽي مهينا آهي ۽ اهو ئي حڪم انهن لاءِ به آهي، ۽ اهي عورتون جن کي حمل آهي (پيٽ سان آهن) ته مدت (عدت) رکن اهي پنهنجي حمل کي (ٻار ڄڻڻ تائين)، ۽ جيڪو ڊڄندو الله کان ته (اهو) ڪندو انهن جي لاءِ ڪم جي آساني |
ذٰلِكَ أَمرُ اللَّهِ أَنزَلَهُ إِلَيكُم وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُعظِم لَهُ أَجرًا (آيت : 5) |
اهو ئي حڪم آهي الله جو، جيڪو هن نازل ڪيو آهي توهان ڏانهن، ۽ جيڪو ڊڄندو الله کان ته دور ڪندو سندس برايون ان کان ۽ ڏيندو کيس وڏو اجر |
أَسكِنوهُنَّ مِن حَيثُ سَكَنتُم مِن وُجدِكُم وَلا تُضارّوهُنَّ لِتُضَيِّقوا عَلَيهِنَّ وَإِن كُنَّ أُولٰتِ حَملٍ فَأَنفِقوا عَلَيهِنَّ حَتّىٰ يَضَعنَ حَملَهُنَّ فَإِن أَرضَعنَ لَكُم فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ وَأتَمِروا بَينَكُم بِمَعروفٍ وَإِن تَعاسَرتُم فَسَتُرضِعُ لَهُ أُخرىٰ (آيت : 6) |
انهن کي (عدت جي ڏينهن ۾) اتي ئي رهڻ ڏيو جتي توهان رهو ٿا، ۽ نه ستايو انهن کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ، ۽ جي اهي عورتون پيٽ سان هجن ته خرچ ڏيو انهن کي جيستائين اهي ٻار نه ڄڻين، پوءِ جي اهي توهان لاءِ (ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن اجورو ڏيو ۽ مشوري سان اهو پاڻ ۾ طئي ڪريو (اجورو) ۽ جي تنگ دست آهيو ته پوءِ کيس پيارڻ جي لاءِ ان کي (جلد) ڪا ٻي عورت کير پياريندي |
لِيُنفِق ذو سَعَةٍ مِن سَعَتِهِ وَمَن قُدِرَ عَلَيهِ رِزقُهُ فَليُنفِق مِمّا ءاتىٰهُ اللَّهُ لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا ما ءاتىٰها سَيَجعَلُ اللَّهُ بَعدَ عُسرٍ يُسرًا (آيت : 7) |
خرچ پکو ڏئِي پهچ وارو پنهنجي پهچ آهر، ۽ جنهن کي گهٽ ڏنو ويو هجي رزق ته اهو پڄندي آهر ان مال مان ڏئي جيڪو الله کيس ڏنو آهي، نٿو تڪليف ڏئي الله ڪنهن کي سندس سگهه کان وڌيڪ، جلد ئي الله تنگيءَ کان پوءِ ڪشادگي عطا ڪندو |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ عَتَت عَن أَمرِ رَبِّها وَرُسُلِهِ فَحاسَبنٰها حِسابًا شَديدًا وَعَذَّبنٰها عَذابًا نُكرًا (آيت : 8) |
۽ ڪيتريون ئي وسنديون آهن جن نافرماني ڪئي حڪمن جي پنهنجي رب جي ۽ سندس رسولن جي، پوءِ سندن پڇاڻو ڪيوسين تمام سخت ۽ کين سزا به ڏني سين تمام سخت |
فَذاقَت وَبالَ أَمرِها وَكانَ عٰقِبَةُ أَمرِها خُسرًا (آيت : 9) |
پوءِ انهن چکيو مزو پنهنجي ڪُڌن ڪرتوتن جو ۽ آهي پڇاڙي اهڙن ڪمن جي بنهه گهاٽي واري |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ الَّذينَ ءامَنوا قَد أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكُم ذِكرًا (آيت : 10) |
تيار ڪيو آهي الله انهن جي لاءِ عذاب تمام سخت، پوءِ ڊڄو الله کان اي عقل وارؤ! جن شخصن ايمان آندو، بيشڪ نازل ڪئي آهي الله توهان ڏي هڪ نصيحت |
رَسولًا يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِ اللَّهِ مُبَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا قَد أَحسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزقًا (آيت : 11) |
هڪ اهڙو رسول ٻڌائي ٿو توهان کي آيتون الله جون چٽيون چٽيون، جيئن ڪڍي اچي انهن ايمان وارن ۽ سٺا عمل ڪندڙن کي اونداهين مان روشني ڏي، ۽ جيڪو ايمان آڻي الله تي ۽ عمل سٺا ڪري انهن کي داخل ڪندو (الله) اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون، رهندا هميشه انهن ۾، بيشڪ بهترين رکيو آهي الله انهن جي لاءِ رزق |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَمِنَ الأَرضِ مِثلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الأَمرُ بَينَهُنَّ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَد أَحاطَ بِكُلِّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 12) |
الله اهو آهي جنهن خلقيا آهن ست آسمان ۽ زمينون به اوتريون انهن وانگر، نازل ٿيندو رهندو آهي حڪم انهن جي وچ ۾ (اهو ان ڪري ٻڌائجي ٿو) جيئن ڄاڻي وٺو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو، ۽ بيشڪ الله گهيري رکيو آهي هر شيءِ کي پنهنجي علم سان |